سال جي موڪلاڻي ۽ رھجي ويل انيڪ يادگيريون سردار ظھير حسين ملوڪاڻي جڏهن به ڪنهن نئي سال جي پڇاڙي ۾ ڊسمبر جي مهيني جون سرد ھوائون لڳڻ شروع ٿي پونديون آهن، ته اھي سڀاڳ واريون سرد ھوائون پاڻ سان گڏ کوڙ ساريون انيڪ يادگيريون کڻي اينديون آهن. انھن يادگيرين ۾ ڪٿي ته خوشين جا ڍڳ ئي ڍڳ ھوندا آھن، ڪٿي وري دردن جي آٿم ڪٿائن جا وڏا وڏا ميڙ ھوندا آھن. پاڻ سان گڏ وٺي ايندڙ اتر جون سرد ھوائون، ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ايندڙ کوڙ ساريون انيڪ يادگيريون، اھيي ٻئي مکيه ڪارڻ آهن، جن جي ڪري اھيو مھينو پنھنجي مقبوليت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آهي. ھي مھينو جڏهن به پوئي سال جي پڄاڻي جو نياپو کڻي ايندو آهي، ۽ نئي ايندڙ سال کي ڀليڪار چوندو آهي ته اسان سڀ پراڻين يادگيرين کي الوداع چئي ڪري ۽ پراڻين يادگيرين جا لباس لاهي زندگيءَ جي ڪٻٽن ۾ رکي ڇڏيندا آھيون. ۽ زندگيءَ ۾ ايندڙ نئي سال کي گلدستا کڻي ڀليڪار چوندا آھيون. ۽ ان سان گڏوگڏ ايندڙ نئي سال مان نيون اميدون، نيون ڪلپنائون ۽ وڏين وڏين ڪاميابين کي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندا آھيون. پر نصيب ڦٽل آھن ھڙني جا جتي پاڻ سڀ نئي سال مان وڏيون اميدون لڳائيندا آهيون، اتي وري ڊسمبر ڪجھه اھڙين ڳالھين جي يادگيري ڏياريندو آهي جن کي اسان ھزار ڪوششن جي باوجود به وساري نٿا سگھون. جڏهن سال جي آخري ڏهاڙن جي سرد ھوا لڳڻ شروع ٿيندي آھي ته اسان جا سور ويتر تازا ٿي پوندا آهن. ۽ اھا سرد ھوا ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي آهي. ھون به وڏرن جي ھي ڳالهه مشهور آهي ۽ (منهنجي سوچ مطابق توهان وڏڙن جي ھن ڳالھه کي سياري جي تعريف به چئي سگھون ٿا) وڏڙا چوندا آهن ته: سياري جي موسم ھوندي ئي اھڙي آهي جو ٿورو ڌڪ لڳي ۽ جئين ئي اھو ڌڪ ٺري، تئين ئي اھو ڌڪ ٻري!! اسان جي سڀاڳي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊسمبر جي مهيني ۾ اھڙا ته واقعا رونما ٿيا آهن ۽ اھڙين مھان شخصيتن جو وڇوڙو ٿيو آهي، جن کي اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگھون. اسان پاڪستاني سورانھن ڊسمبر واري ڏينهن کي ڪڏهن به نٿا وساري سگھون. ڇو جو ان ڏينهن وارو سج به پاڪستانين لاءِ ڄڻ ڪو قھر جو سج بڻجي اڀريو ھو. شابس هجي ان وقت جي ماڻهن کي جن پنھنجي ملڪ جا ٻه حصا ٿيندي ڏٺا ۽ ايڏي وڏي ڏک کي قسمت جو لکيو سمجهي ماٺ ڪري ويهي رهيا. ھي اھو ڏينهن جنھن ڏينھن تي اوڀر پاڪستان يعني (بنگلاديش) اسان کان جدا ٿي ويو. ھاڻ انھي جدائي جا ڪير ڪارڻ بڻيا اھي توھان سڀ مونکان وڌيڪ ڄاڻيو ٿا. برحال اھيان ته آھي ماضي جي ڳالهه. پر جيڪڏهن اسان پاڪستاني ويجھڙائي واري تاريخن ڏي نظر ڦيرائيندا سين ته اردو ادب کي نکارڻ واري ھڪ تمام سٺي اديبہ جو وڇوڙو اسان کي ياد ايندو. ۽ ھن موچاري اديبہ اردو ادب کي اھڙيون ته تصنيفون ڏنيون جيڪي پنھنجو مٽ پاڻ آهن. ۽ انھن تصنيفن ۾ سرفهرست تصنيفون ھي آھن، "خوشبو" ھي ڪتاب 1977 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. "صدر برگ" ھي ڪتاب 1980 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. "انڪار" ھي ڪتاب 1990 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ۽ ان کان علاوه ماھ تمام وغيره وغيره جھڙيون خوبصورت کوڙ ساريون تصنيفون اردو ادب کي ڏنيون. ھن اديبہ عورت کي سندس پورهيي ڪارڻ پاڪستان جي وڏي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس سان پڻ نوازيو ويو. ھن شخصيت جو نالو شاعره پروين شاڪر آهي، جيڪا ڇويهه ڊسمبر اوڻيهه سئو چورانوي واري تاريخ ھڪ اھڙي ننڍ ۾ ستي جنهن مان اڄ تائين ڪير به سجاڳ نه ٿيو آهي. ۽ اھو انسان جنھن کي اسان سڀ سنڌ امڙ جو ٻيجل ۽ سنڌ عوام کي شعور ڏيڻ وارو چوندا آھيون. يعني سرمد سنڌي، جنھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙن ھڙني سنڌين واسين کي پنهنجي انقلابي گيتن ذريعي غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ڪيو. ۽ سنڌين کي ھميشه ھمٿائيندو رهيو ته پنھنجا کسيل حق واپس وٺو. ھي ڀلو انسان به ستاويهن ڊسمبر اوڻيهه سئو ڇانوي تي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو. سنڌ ان وقت به ڏاڍي رني ھئي جنھن وقت پاڪستان جي ترقي، بقاءَ، استحڪام، ۽ جھموريت جي دشمنن ستاويهن ڊسمبر ٻه ھزار ست واري ڏھاڙي تي سنڌ جي مظلوم عوام ۽ سندن محبوب ۽ مھان ليڊر شھيد محترمه بينظير ڀٽو کي کسي ورتو. اھا به ھن اڀاڳي مھيني جي ھڪ شام ھئي، جيڪا سنڌ جي رهواسين لاءِ قيامت صغرا جھڙا منظر کڻي آئي ھئي. ۽ ھي اھا ڏکوئيندڙ شام ھئي، جنھن شام تي دنيا جي وڏن ظالمن، جابرن، رھزنن، ۽ دھشتگردن روالپنڊي جي لياقت باغ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي ۽ سنڌ جي مارئي محترمه بينظير ڀٽو کي گولين جو کاڄ بڻائي شھيد ڪري ڇڏيو. سنڌ جي مارئي کي شھيد ڪري پاڪستان جي ترقي، بقاءَ، استحڪام کي ھميشه لاءِ مٽي جي ڍڳ ۾ دفن ڪيو ويو. ۽ ڀٽو جي پنڪي لاءِ جيترو سنڌ رني ھئي، پاڪستان جي تاريخ جي ورقن ۾ سنڌ ايترو ڪنھن لاءِ به نه رني ھئي. ھون سنڌ جي عوام لاءِ وڏيرن جي ظلم کان بچڻ جو ھٿيار ھئي. ھون سنڌ واسين جي حقيقي ھمدرد ھئي. ھون ٿر جي ماروئڙن لاءِ مارئي آف ملير ھئي. ھون سنڌ جي بي گهر ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانوَ ھئي. ھون سنڌ امڙ جي يتيم ۽ بي سهارا ٻارڙن جي ماءُ ھئي. ھون ڄڻ ته سنڌ ڌرتيءَ جي عوام لاءِ روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان ھئي. ڀٽو جي پنڪي جيڪا ملڪ جي سٺي پيشوا سان گڏوگڏ پاڪستان جي جھموريت جي سڃاڻپ پڻ ھئي. محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي عوام لاءِ وڏيرن سان جنگ جوٽڻ واري ھڪ مھان شخصيت ھئي. ھون سنڌ ڌرتي سان محبت رکندڙ شخصيت ھئي. ھون جڏهن جلاوطنيءَ وارو دور پرڏيهي ۾ ڪاٽي رھي ھئي، ان وقت ھن پنھنجي سنڌو ڌرتيءَ سان محبت جو نظم ڪجهه ھن طرح سان لکيو: ھاڻي جڏھن جلاوطنيءَ منھنجو مقدر بڻجي وئي آهي، تڏھن مان پنھنجي دل جي ڌڪ ڌڪ کان وڌيڪَ پنھنجي ڌرتي کي ويجھو آھيان. محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي زندگي بابت پنهنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکي ٿي ته: مون ھن زندگي جي چونڊ نه ڪئي آهي، بلڪه ھن زندگي خود مونکي چونڊيو آهي. منھنجي چونڊ ھن زندگي ان ڪري ڪئي آهي ته تاڪ مان پاڪستان جي مظلوم طبقن جي ٻانھ ٻلي ٿيان. مونکي عام چونڊن ۾ ٻه ڀيرا ان ڪري سوڀارو ڪيو ويو آهي ته، مان مظلومن جي حقن تي ڌاڙو ھڻندڙن کي سزائون ڏياري سگھان. ۽ مظلوم طبقن کي پنھنجو حق واپس ڏياري سگھان. ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي جھموريت جي بقاءَ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪري سگھان. ھن جو ھر فعل سنڌين لاءِ اميد جو ھڪ نئون سج بڻجي اڀرندو ھو، ان جي ھر وک تي سنڌين لاءِ ھڪ نئون روڊ رستو ٺھندو ھو، ھون جھڙي طرح سان ظالمن، رھزنن، سان مھاڏو اٽڪائيندي ھئي ۽ عوام جو سمونڊ سنڌ جي مارئي جي پويان اٿلي پوندو ھو ۽ وڏا وڏا ھٽلر به سندس پويان ايترو سمونڊ ڏسي وائڙا ٿي پوندا ھئا، ۽ پنھنجي پر ۾ ڪپڻ شروع ڪندا ھئا، ان تي سرويچ سجاولي ڇا ته بھترين لکيو آهي. اجھو ھي ڪوٽ ڪوڙ جا ڀڃي ڀري ڪري پيا. اجھو ھي ڏاڍ جا ھنيان ڏڪي ڏڪي ڏري پيا. اوھان جي ھمتن اڳيان وڏا وڏا جھڪي پيا. اوھان کان جابرن سندا جگر جلي ڏڪي پيا. محترمه بينظير ڀٽو جو وڇوڙو اسان ھڙني لاءِ وڏو اذيتناڪ لمحو آهي. پر ان کان وڌيڪَ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته جيڪا پارٽي مظلومن جي آخري اميد ھئي ان کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي. جنھن جا سڀ اڳواڻ ھن وقت فقط عوام جو رت چوسي رهيا آهن. جيڪا پارٽي ڪلھوڪي ڏينهن تي ڪرپشن جي بيماري کان بلڪل پاڪ ھئي، اڄ اھا پارٽي ان بيماري کي وڏي تيزيءَ سان پوري ملڪ ۾ ڦهلائي رھي آھي. جنھن پارٽي تي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جان نڇاور ڪرڻ جو واعدو وچن ڪندا هئا. اڄ اھي سڀ سنڌي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. ان جو وڏو ڪارڻ پارٽي جي موجوده اڳواڻن جي ڪرپشن ڪرڻ آهي. ان ڪري پارٽي جي اڳواڻن کي گھرجي ته جيترو ٿي سگهي محترمه بينظير ڀٽو جي ھن پارٽي کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو وڃي. hzaheer145@gmail.com