• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح بابت تفصيل

عباس رضا سولنگي

سينيئر رڪن
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه عليه
نالو : شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
والد جو نالو : حبيب شاهه
ڏاڏو : عبدالقدوس شاهه
پڙ ڏاڏو : جمال شاهه
تڙ ڏاڏو : شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
پيدائش : ڳوٺ سئي ڪنڌر ، هالا حويلي ، ديهه شاهه جا ڪنڊا ، تعلقو ٽنڊو آدم ) اهو ڳوٺ هاڻي ويران آهي ، ڀٽ کان اٽڪل نو ڪوهه پري آهي . ڦٽل نشان ۽ هڪ مسجد موجود آهن .)
جنم : 18 نومبر 1689ع ، 1102 هجري
موثر شخصيتون : جلال الدين محمد رومي ، عطار ، شيخ سعدي ، ڪبير ، شاهه حسن
متاثر شخصيتون : سچل سرمست ، قادر بخش بيدل ، شيخ اياز ، طالب المولي
روايت : شاعري
اولاد : ڪو به نه
وفات : 01 جنوري 1752ع (عمر 63 سال)
مزار : ڀٽ شاهه ، ضلع مٽياري ، سنڌ

ڊاڪٽر ٽرمپ مطابق : (لطيف سرڪار سنه 1680ع ۾ ڄائو ۽ 1161 هجري ، 1747ع ۾ 67 سال عمر ۾ وفات ڪيائين)


تعليم ۽ تربيت :
چون ٿا ته شاهه حبيب پنهنجي پٽ شاهه لطيف کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نورمحمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو ، وائي جو ڳوٺ ڀٽ کان 06 ۽ اڏيري لعل کان ٻه ڪوهه پري آهي . چون ٿا ته شاهه الف اچاري ب چوڻ کان نابري واري . شاهه صاحب امي (اڻ پڙهيل) هو يا نه تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن . ڪن جو چوڻ آهي ته هو هڪ يگانو عالم هو ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي .
شاهه صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ، قرآن شريف ، جلال الدين روميءَ جي مثنوي ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام ساڻ هوندا هئا . انهن ڪتابن تي ڪنهن به هنڌ ڪجهه به لکيل نه آهي ، جنهن کي شاهه جو دستخط چئجي . مير علي شير قانع ٺٽوي ، جيڪو شاهه لطيف جو معتقد هيو ، سندس ئي زماني ۾ رهندو هيو . سو پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ لکي ٿو ، جيتوڻيڪ عبداللطيف اڻ پڙهيل هيو ته به ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو . تحفته الڪرام شاهه صاحب جي وفات کان صرف سورنهن سال پوءِ 1786ع ۾ لکيل آهي .انهيءَ ڪري ڪي عالم ان کي اهم سند سمجهن ٿا . حقيقت عارف اوليائن جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي . سندس دفتر مان ڪو خاص تاريخي يا شخصي احوال نٿو ملي .

شاهه جو عشق :
روايت آهي ته شاهه لطيف ويهن ورهين جو ٿيو ته کيس مجازي محبت جو ڪان لڳو . چون ٿا ته ڪوٽڙي جي مرزا مغل بيگ جو شاهه حبيب ۾ ڪامل ويساهه هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنهنجي گهر ۾ وٺي ويندو هو .هو ارغون هو ، سندس گهر ۾ سخت پردو هوندو هو . سندس گهر ۾ اگهائي ٿي پوندي هئي ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ايندو هو . هڪ دفعي سندس نياڻي بيمار ٿي پئي ، اتفاق سان ساڳي وقت شاهه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي ، انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين . شاهه ، مغل جي نياڻيءَ جو حسن ڏسي بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين :
جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ ، تنهن کي لهر نڪو لوڏو
اهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا ، پر ٻاهران صبر اختيار ڪيائون . ان کان پوءِ اندران ئي اندران سيدن کي اهڙو ته تپائي رکيائون جو هو لاچار ٿي اتر طرف ڪجهه مفاصلو پري وڃي ڌار حويلي اڏي ويٺا .
عشق جي ڪان لڳڻ کان پوءِ شاهه هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ بيبانن ۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو . هڪ دفعي ته ٽي ڏينهن ساندهه هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو . سندس جسم تي واريءَ جا تهه چڙهي ويا ۽ رڳو سندس ڪپڙي جو پلاند پئي ڏٺو . قضا سان هڪ پنهوار جي وڃي مٿس نظر پئي جنهن سارو احوال وڃي شاهه حبيب کي سڻايو . شاهه حبيب اڏامندو اچي ان هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين :
لڳي لڳي واءُ ، ويا انگڙا ڍڪجي ،
شاهه بيخودي جي حالت مان ڇرڪ ڀري اٿيو ، ٺهه پهه وراڻيائين :
پئي کڻي پساهه ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي .
شاهه جو سير ۽ سفر :
هڪ ڏينهن لطيف سرڪار اوچتو ئي اوچتو بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي جوڳين جي سنگ ۾ هنگلاج ڏانهن هليو ويو . ڏسجي ٿو ته هو گنجي ٽڪر واري پاٺ وٺي ويو هو .۽ سندن صحبت ۾ ٽي ورهيه سفر ۽ سياحت ۾ رهيو ، جوڳين جي صحبت ۾ جيءَ کي انيڪ جفائون ڏنائون ، جهاني تجربه پرايائين ۽ املهه خزانا هٿ ڪيائين . هنگلاج ڏانهن ويندي ويندي جيڪي هنڌ ۽ مڪان ڏٺائين تن جو ذڪر سسئي وارن سرن ، سر کاهوڙي ، سر رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس . هنگلاج کان موٽندي شايد ٺٽي کان سنڌوندي وارو پتڻ اڪري مغلڀين ، لکپت ، هالار ، دوارڪا ، پور بندر ، جهونا ڳڙهه گرنار ۽ کنڀات گهميو . چون ٿا ته ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن فاضلن سان به رهاڻيون ڪيائين . مخدوم معين کي مخدوم تارو به چوندا آهن . وطن ڏانهن ورندي جيسلمير ۽ ٿر به گهمندو آيو ٿو ڏسجي . سر مارئي ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس . ممڪن آهي ته جيسلمير کان پنج ڪوهه پري لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي به ڏسي آيو هجي ، سر مومل راڻو اهڙي شاهدي ڏئي ٿو .
ساري ڏج سيد چئي ، لڊاڻي تان لاءِ .
ننگر ٺٽي ڏانهن ورندي هڪ غار ۾ هڪ شخص کي ڏٺائين ته هي مصرع نهايت دردناڪ نوع ۾ چئي رهيو هيو .
هيڪليائي هيل ، پوريندس پنهوءَ ڏي .
پڇڻ تي معلوم ٿيس ته هو هڪ جت هيو ۽ هالن جي ڀرسان لنگهندي فقيرن جي واتان اها مصرع ٻڌي هيائين ، لطيف چيس جي چاهين ته بيت جون باقي ٻه مصرعون به ٻڌايانءِ ، انهيءَ تي جت خوشي ڏيکاري ، لطيف سرڪار ٻي مصرع چئي ٻڌايس .
آڏا ڏونگر لڪيون ، سوريون سڄن سيل ،
ٻي مصرع ٻڌندي ئي جت وجد ۾ اچي ويو ، ٽين مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿي ويو ، جنهن تي شاهه سائين ٽين مصرع ٻڌايس .
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل ، جي پريان جا ماڻ مون .
لطيف سرڪار جو بيت ختم ڪرڻ ۽ جت جو فوت ٿيڻ . شاهه جي ارمان ۽ عجب جي حد نه رهي ، پوءِ جت کي اتي ئي دفن ڪيائين . انهيءَ جت جي قبر اڃان تائين واٽهڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي .شاهه سائين اڪثر چوندو هيو ته انهيءَ جت جهڙو درد وارو انسان مان ڪڏهن ناهي ڏٺو .
شاهه حبيب پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي رات ڏينهن پيو ٻاڏائيندو هيو ته جيئن پٽ کيس سلامت وري اچي ملي . مخدوم نوح جي درگاهه تي به اها دعا پنندو هو . هڪ ڏينهن اوچتو لطيف سرڪار پنهنجي گهر اچي پهتو . پيءُ جون اکيون ٺري پيون ، ورهين جو وڇوڙو هڪ لحظي ۾ لهي ويو .
لطيف سرڪار جي شادي :
لطيف سرڪار جي گهر موٽي اچڻ کان پوءِ ستت ئي مٿس شادي جو ٻڌڻ پيو ، جنهن جي ڪارڻ گهڻو وقت بيتاب ٿي جهنگ واديون ۽ رڻ ڦريو هو ، تنهن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو . اها هئي مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيبي سعيده بيگم ،جنهن کي شاهه جا مريد ادب وچان تاج المخدرات ( ستين جو ڇٽ ) سڏيندا هيا .
لطيف سرڪار جي شادي ڪيئن ٿي سا به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ، هڪ ڏينهن اتفاق سان ائين ٿيو جو ڪي دل ذات جا رهزن ، مردن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي مرزا مغل بيگ جي گهر تي ڪاهي آيا ، سارو قيمتي سامان ٻهاري ويا . مغل هٿيار ساڻ ڪري ڌاڙيلن جي پويان لڳا ، اچي شاهه جي پاڙي مان لانگهائو ٿيا ، اها روئداد ڏسي شاهه نيت سان پنهنجي ۽ پنهنجي ماڻهن جي مدد جي آڇ ڪئي پر مرزا حقارت سان ان مدد کي قبول نه ڪيو جنهنڪري شاهه سائين کي ڏاڍو رنج پهتو . چون ٿا ته سندن زبان مان بي اختيار بد دعا نڪري وئي . مرزا پنهنجي ماڻهن سميت شاهينگن هٿان مارجي ويو ، اهو حادثو 1124 هجري بمطابق 1813ع ۾ پيش آيو . مغلن جي عورتن سيدن جو رنج مٽائڻ لاءِ اچي کانئن معافي ورتي ، پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻي جي شادي لطيف سرڪار سان ڪرايائون ، بيبي صاحبه نهايت پاڪ دامن پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت هئي .
شيخ سعدي رحه جو فرمودو آهي . “زن نيڪ و ففرزانجه و پارسا ، ڪند مرد دريش را پاشا.”
ترجمو : نيڪ ، سياڻي ۽ پارسا عورت فقير مرد کي به بادشاهه بنائي ٿي ڇڏي .
هن سڳوريءَ جي صحبت شاهه سائين کي روحاني سلطان بڻائي ڇڏيو ته ڪهڙو عجب .
هوءَ پاڻ سان پنهنجو ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آئي هئي ، جيڪو جلد ئي گذاري ويو .
شاهه سائين جو اولاد :
لطيف سرڪار کي ڪو به اولاد نه ٿيو . چون ٿا ته بيبي صاحبه هڪ وار اميدوار ٿي هئي پر ڪهياءُ ٿي پيس ، انهيءَ جو ڪارڻ هن ريت ڄاڻايل آهي .
هڪ ڏينهن شاهه سائين پنهنجي هڪ فقير کي پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو ، پڇڻ تي معلوم ٿيس ته بيبي صاحبه کي پلي تي دل ٿي هئي ۽ اهو فقير ڊوڙي وڃي گهڻي پنڌ تان پلو هٿ ڪري آيو هو . اهو حال ڏسي شاهه سائين چيو ته اهڙو اولاد ئي گهوريو جو ڄمڻ کان اڳي ئي منهنجي فقيرن کي ٿو رلائي .
شاهه سائين هميشه چوندو هو ته هي فقير ئي منهنجو اولاد آهن ، جن جون دليون عشق کان گهايل آهن ، تحقيق درويش جا مريد سندن نوري پٽ آهن .
شاهه جا آخري ڏينهن :
شاهه صاحب پيءُ جي وفات کان پوءِ فقط ڏهه سال زندهه رهيو . پيءُ جي وفات کان پوءِ ڪوٽڙي ڇڏي وڃي ڀٽ شاهه تي رهيو . سندس هاڪ هينئر هنڌين ماڳهين پکڙجي وئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري رهندو هو ، دهلي جا ٻه مشهور گويا اٽل ۽ چنچل به اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا . راڳ شاهه صاحب جي جان هيو . موسيقي يا ڳائڪيءَ جو ڪامل ڄاڻو هيو . پاڻ به پنهنجو چيل ڪلام ڳائيندو هيو . چون ٿا ته وفات کان ٿورو اڳ گهڻو ڪري هيٺين ڪافي چوندو رهندو هيو .
ڪهڙي منجهه حساب ، هئڻ منهنجو هوت ريءَ . (سر سهڻي ، داستان پهريون)
شاهه صاحب صفر مهيني جي 14 تاريخ 1165 هه مطابق 1752ع ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو . سندس عمر حضرت محمد صه ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه جي عمر جيتري 63 ورهيه هئي . جڏهن وفات ڪيائين ته نه بيمار هيو نه وري ڪو درد يا تڪليف ڏٺائين ، مراقبي ۾ ويٺي دم ڏنائين .
شاهه صاحب جو مبارڪ لاش سندس وصيت موجب محمود شاهه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو . ستت ئي سندس تربت مٿان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي خرچ سان هڪ عاليشان قبو اڏايو . جو سنه 1167 هجري مطابق سنه 1754ع ۾ سکر جي مشهور عيدن رازي جوڙي راس ڪيو . ٽالپرن جي دور ۾ مير نصير خان ٽالپر انهيءَ قبي ۽ مسجد جي چڱي مرمت ڪرائي ۽ سندس ارادو هو ته قبي جي چوڌاري هڪ پڪي ديوار ٻڌائي مٿس چار گنبذ رکايان ۽ پڻ خيال هيس ته قبي ۾ اندر سونهري ۽ ميناڪاري ڪم ڪرايان ، مگر زماني جي گردش ڪري ٽالپرن جي صاحبي جلد ختم ٿي وئي ۽ ڪم اڌرو ئي رهجي ويو . مير نصير خان جي وڏي ڀاءُ مير نور محمد خان ، قبي جي اڳيان ايوان ۾ هڪ وڏو کوهه کڻايو ۽ سندس سوٽ مير محمد خان ٽالپر قبي کي چانديءَ جو دروازو وجهايو ، جو اڃان تائين قائم آهي . قبي جي دروازي مٿان ڪيترا فارسي بيت اڪريل آهن ، جن مان شاهه جي وفات نڪري ٿي . انهن بيتن مان ٻه بيت محمد پناهه رجا ٺٽي واري جا آهن .
عرس :
هر سال ٽن ڏينهن جو عرس مزار تي چادر ۽ گل چاڙهڻ سان شروعات ڪئي ويندي آهي ، عرس ڀٽ شاهه مزار تي ملهايو ويندو آهي ، جنهن ۾ مشاعرو ، لطيف ادبي گڏجاڻي (ڪانفرنس) ، سگهڙ ڪچهري ، راڳ رنگ جي محفل ۽ ٻيون سرگرميون ٿينديون اهن . سندس عرس تي سنڌ سرڪار عام موڪل جو اعلان ڪندي آهي . عرس جي آخري ڏينهن تي شاهه لطيف ايوارڊ ڏنا ويندا آهن
 
سلام عليڪم ادا ڀا۽ ان مضمون جو هڪ اد حوالو ڏيندا. اسان اوهان جي ان بيان مان استفادو ڪيو. ليڪن ڪٿي ذڪر ڪرڻو اهي اسان کي
 
Back
Top