• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چشما جهلم لنڪ ڪئنال اڃان کليل رهندو۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
دوستو موت مار چشما جهلم لنڪ ڪئنال بند نه ٿي سگهي آهي، مختلف اخبارن ۽ ذريعن جي خبرن موجب چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ڪرڻ جو فيصلو يا اعلان وزيراعظم ڪيو ته هو پر ان متعلق ارسا کي ڪوبه باضابطه اطلاع يا حڪم نه ملي سگهيو آهي جنهن جي ڪري اهو موت مار ڪئنال بند نه ٿي سگهيو آهي.
ٻئي طرف وزيراعظم جي اجلاس ۾ اهو به اعلان ڪيو ويو هو ته 14 جولائي يعني اجلاس جي ٻئي ڏينهن (اڄ) ارسا جو هڪ اجلاس انهيءَ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٿيندو..
انهيءَ اجلاس جي متعلق تازي اپڊيٽ اها آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي جيئن جو تيئن وهايو ويندو. يعني 17 جولائي کان ان ڪئنال جو پاڻي وري ٻيهر وهايو ويندو (حالانڪه اهو بند به نه ٿيو آهي). اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ارسا جي چيئرمين رقيب خان جو چوڻ آهي ته مختلف صوبن کي تڪرار جي حل لاءِ اضافي پاڻي ڏنو ويو آهي ان ۾ سنڌ کي 2 لک چاليهه هزار ڪيوسڪ، پنجاب کي 1 لک 20 هزار ڪيوسڪ، بلوچستان کي 13 هزار ڪيوسڪ ۽ خيبر پختونخواهه کي 3 هزار ڪيوسڪ ڏنو ويو آهي.
سنڌ جي لاءِ ڇڏيل اضافي پاڻ جڏهن گڊو بئراج ڪراس ڪندو ته ان کان بعد چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي کوليو ويندو. سندس مطابق ته سڀ فيصلا اتفاقِ راءِ سان ٿيا آهن. چيئرمين چيو آهي ته انهيءَ پاڻي سان سنڌ ۽ بلوچستان جون ضرورتون پوريون ٿي وينديون.
جڏهن ته ان کان پهرين وزير اعليٰ سنڌ ارسا جي اهڙي تڪڙي اجلاس گهرائڻ ۽ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي کي پريشرائيز ڪرڻ تي حيرانگي ڏيکاري ۽ احتجاج ڪيو. وزيراعليٰ انهيءَ سلسلي ۾ وزيراعظم کي گذارش ڪئي آهي ته ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي ڇو ته هاڻي سنڌ ۾ سوڪهڙي جي ڪري چانورن جو فصل متاثر ٿئي پيو ۽ ٺٽي ۽ بدين ۾ ته حالت انتهائي خراب آهي
 
جواب: چشما جهلم لنڪ ڪئنال اڃان کليل رهندو۔۔

ادا جڏهن ڪو سنڌ جي حق ۾ فيصلو ايندو آهي ته هنن جا ڪن بند هوندا آهن پر جڏهن سنڌ سان تاحق جو فيصلو هوندو آهي ته هنن کي فيصلي اچڻ کان اگ خبر هوندي آهي عمل هڪ ڏينهن اڳ ٿيندو آهي
 
Back
Top