چوڻ ۾ ته ”سچ“ هڪ لفظ آهي ، پر هن جون ايتريون ته صفتون آهن جو زندگي جا سڀئي خالي صفحا ڀرجو پون. زندگي جو ڪو به اهڙو ورق نه آهي جنهن ۾ سچ جي سُرهاڻ نه هُجي. ائين کڻي چئون ته سچ زندگي جي اُها صفت آهي، جنهن سان من موچارو ۽ سيرت سُهڻي ٿي پوي ٿي. سچ اخلاق کي اعلى بڻائي، ماڻهو کي موتبر ڪريو ڇڏي. سچ اها حقيقت آهي جيڪا زندگي جي هر پهلو کي اجاگر ڪري مٿس طرح طرح جون رونقون بخشي ڇڏي ٿو. جڌهن اسان پنهنجي مُرجھل من اندر جھاتي پائي ڏسنداسين ته زندگي جي هر تند سچ جي سڳي ۾ پُئل نظر ايندي. ائين کڻي چئوجي ته سچ اسان جي سيرت جي سونهن آهي. اهيو سچ ئي آهي، جيڪو اسان جي ميري من کي منور ڪري، تن اندر سونھن جي لاٽ ٻاري، ڪردار کي اُجاگر ڪري ٿو. سچ اُهو سيگار آهي جنهن سان انسان جي سيرت ۾ سونهن ٿئي ٿي. جڏهن من اندر سچ جي باک ڦٽندي آهي، تڏهن هر طرف روشني ئي روشني نظر ايندي آهي جنهن سان من مهڪي پوي ٿو ۽ دل باغ بهار ٿيو پوي. سچ ساگر جيان وسيعي آهي، جيڪو من ۾ موج ۽ تن کي تازگي بخشي ٿو. مطلب ته سچ جو سوداگر جتي ڪٿي ڪاميابي ماڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته سچ اهو موتي آهي جنهن جي ڪا به قيمت نه آهي. سچ جو وکر انهن ماڻهن وٺ ملي ٿو جنهن جي سيرت سچ جي سونهن سان روشن هُجي ٿي، دل گمانن ۽ وهمن کان پاڪ هُجي ٿي، من جو مُوچارو هُجي ٿو، نڙوت ۽ نيازمندي جو اعلى مثال هُجي ٿو. هر جاءِ اُن جي سيرت جي سونهن جي هاڪ هجي ٿي.. هر ڪو پيو چوندو، واھ واھ واجھو ماڻهو آ من جو مُوچارو، سُٺي سيرت وارو، ڏاڍو سياڻوآ جڳ ۾ هاڪ هوندس، سڀ ڪو پيو واھ واھ ڪندس جنهن دل ۾ گمان آ سا بيڪار ۽ بي ايمان آ هر ڪو پيو ڪيٻائندو، ڪڏهن نه ڳالهائيندو هت هُت پيو ڦرندو، سڀ ڪو پيو مڙندو اڄ ڪلھ ! ماڻهو سچ کان پري ٿيندو وڃي، ائين لڳي ٿو ڄڻ هو من ئي من ۾ ميرو ٿيندو وڃي . ائين انسان سچائي کان پري ٿي، من گھڙت اٽڪلن ۾ مصروف ٿي، پنهنجي اندرئي اندر ۾ کوکلو ٿيندو وڃي ٿو. آخرڪار بي ايماني، بغض، ساڙ، ڪيني ۽ دولاب جو لباس پائي پنهنجي چال چلت خراب ڪري ڇڏي ٿو ۽ سماج کي سڌار بدران بگاڙڻ شروع ڪري ٿو. چوڻ جو مقصد ته سچ ئي اسان کي انهن سڀني سماجي براين کان بچائي ٿو، جيڪي اسان جي ڪردار خراب ڪن ٿيون.ائين کڻي چوجي ته سچ کانسواءِ زندگي بي مقصد ۽ بي معنى آهي، تنهنڪري، سچ جي پرچار ڪرڻ کپي، سچ کي پنهنجي اندر تلاش ڪرڻ سان ئي من اندر مونجھارا ختم ٿي ويندا ۽ منزل ماڻبي.