• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آزاد نظم

وقارلطيف

سينيئر رڪن
#آزاد_نظم
#وقار_لطیف

الڳ الڳ رستا ۽ زندگي
من اندر جي پيڙاھ
سپنن سندي نه ڪا ساڀيان
درد سڀئي آٿت ڏيئن
وقت وڇوڙو ۽ ساھ
سورن جي ڪا سوڀيان
رات بستر ۽ مان
اندر جنگ ڪا متل
مقتلن جي ميزبان
سولي سرحد کان به اڳ ۾
درد سندي ڪا داستان
عشق جيڪو ناڪام ٿيو
ٻي زندگي ايڏي بي نشان
وقت راڪاس رھبر بڻيو
دور دلبر جو آسمان
الڳ تنهن جون منزلون
۽ الڳ سڀيئي آ شيان
وقت وڇوٽو درد ۽ مان
اڏي عشق ڪات ۽ ڪمان
نيھن نيزا ڀالا ڀڙڇا
نگاھون نشانا سڀ ڪجھ فنا
 
Back
Top