#وقار_لطيف #لاڙ_جي_لاڏلي #نثري_نظم ھوء لاڙ جي لاڏلي ھن جون دلبر دلڪش ادائون وفائن جي نام جي سراپا پيڪر حسين نيڻن جي نشانن جي توپچي وقت سان گڏ آخر نظرن کان اوجھل ٿي وئي مگر ھوء لاڙ جي لاڏلي ڪوھستان جي ڪنھن اوچي جبل جيان يا ريگستان جي وسيع آڳر جيان خاموش رھندڙ دلربا مرڪ واري ڪنهن ساحل جي ڪناري تي سانت ٿيل مدھم خوابن ۽ حسين جذبن جي جنون جھڙي ھوء لاڙ جي لاڏلي الائي ڇو يادگيرين جي ور چڙھي اڄ وري ڪنھن ڪوھستاني لھجي جي مٺاس جيان دل جي اجھانيل ديپن ۾ ۽ وقت جي ور چڙھي وڃايل راھن ۾ ڪنھن ڪڙمي جي ڪوڪ جيان من جي مھخاني ۾ ھلچل مچائي ڄڻ حال زندگي جو ھلر ٿو ھلائي ھوء لاڙ جي لاڏلي اچانڪ آخر ڇو ائين ذھن جي زنگ آلود زمانن مان ڪيھر جا ڪرف ٽوڙي سوچن جي سڪايل اڱڻ تي سامھون ٿي سڏيندي نظر ٿي اچي