اچو ته ڊگريون ورهايون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اچو ته ڊگريون ورهايون​

    [​IMG]
    غفور ميمڻ
    ايرڪ فراهم جي چواڻي ته ”سياست مان انساني خدمت جو جذبو نڪري وڃي ته پوءِ سياست سماج ۽ ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي“ اسان جي پنهنجي ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسنداسين ته خبر پوندي ته انساني خدمت جو جذبو ناهي باقي هر قسم جي سياست اسان وٽ ٿئي ٿي. هڙتالون، مظاهرا، ڌرڻا، احتجاج اڄڪلهه جا خوبصورت نعرا ۽ عمل آهن. توهان ڪنهن به قانوني پڪڙ کان بچڻ چاهيو ٿا يا ڪو ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته بس ان کي سياسي بڻائي ڇڏيو. ايترو الجهايو منجهايو جو ڪنهن ڳالهه جو ڪو سرو ئي نه ملي، توهان ڏٺو ته اسان جي اسيمبلين کي گريجوئيٽ بڻائڻ لاءِ اميدوارن کي گريجوئيٽ هئڻ جو شرط رکيو ويو، پاڪستان جي اسيمبلين ۾ يا وزارتن ۾ آڱوٺي ڇاپ وڏيرا ۽ سردار ايندا رهيا آهن، گهڻن وڏيرن ته انهيءَ قانون جي ڏکيائي محسوس ڪندي پنهنجي پٽن کي سياست ۾ لاٿو، ڪن سياستدانن امتحان ڏيڻ شروع ڪيا پر ڪيترن موجوده ڪرپشن جو فائدو وٺندي جعلي ڊگريون وٺڻ شروع ڪيون، هاڻ جڏهن ڇنڊڇاڻ شروع ٿي آهي ته ڏيڍ سئو کان مٿي ڊگريون جعلي نڪتيون آهن ۽ اڃا اهو عمل هلندڙ آهي. ملڪ جي تقريبن سڀني پبلڪ يونيورسٽين مان اهي جعلي ڊگريون نڪتل آهن، اهو به هڪ سياسي عمل آهي. ڊگريون جعلي ڊگريون رد ڪرائڻ جو نه ته اليڪشن کي تقريبن 2 سال ٿي ويا آهن، حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي هاڻ هوش آيو آهي. ان کان پوءِ اڃا اهو واضح نه ٿيو آهي ته جعلي ڊگرين رکندڙڻ جو ڇا ٿيندو؟ ۽ خود انهن ادارن جو ڇا ٿيندو جن جعلي ڊگريون جاري ڪيون آهن. جنهن ملڪ ۾ جڳاڙ پرستي قدر بڻجي چڪو هجي جائز ۽ ناجائز جو فرق ختم ٿي چڪو هجي اتي اهڙا کيل تماشا معمول جي ڳالهه آهن.

    اسان وٽ اهو روز جو معمول ٿيندو وڃي ٿو ته ڪو ماڻهو پنهنجو فرض پورو نه ڪري صرف جائز ۽ ناجائز حقن جا مطالبا ڪندو رهي ٿو، وڏي ڳالهه اها ته ناجائز ڪمن ۽ مطالبن لاءِ باقاعدي مافيائون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن حقدار جو حق به نٿو ملي ڇو ته هر ڳالهه کي سياسي بڻائي ”منجهايو“ وڃي ٿو.

    چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ 64 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل لکيل آهن، پاڪستان ۾ تيزي سان پڙهائي جو سيڪڙو وڌي رهيو آهي پر ٿورو غور ڪريو ته جهالت به اوتري ئي وڌي رهي آهي، ڇو ته مسئلو رڳو جعلي ڊگرين جو ناهي مسئلو ته اهو آهي جن اصلي ڊگريون ورتيون آهن، انهن کي ڇا ٿو اچي؟ ڇا اسان کي خبر ناهي ته امتحانن ۾ نقل ٿئي ٿو، سفارشن ۽ رشوتن تي به پاس ڪيو وڃي ٿو، هڪ جي بدران ٻيو امتحان ڏئي ٿو ۽ ڊگري هليو وڃي، اسان جا ڏاها ٿورو غور ڪن ته هي ملڪ هڪ وڏي ڪن ۾ ڦاسي چڪو آهي.

    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سو لهي،

    خبر ڪو نه ڏي ته رڇ ڪڄاڙئي رنڊيا.

    اهو رڇ ڪرپشن جو آهي جيڪو سماج کي کائي کوکلو ڪري چڪو آهي.

    ايڇ اي سي جي اها ڪوشش هئي ته وڌ ۾ وڌ تعليمي معيا ربلند ٿئي ۽ ماڻهو پي ايڇ ڊي ڪن، تعليم وڌي جنهن لاءِ انهن پي ايڇ ڊي جو الائونس 5 هزار ڪيو، پنجاب ۽ پشاور ۾ ته پي ايڇ ڊي ڪرائڻ واري پروفيسر کي لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، نتيجو اهو نڪتو جو معيار وڌڻ بدران ڪري پيو. ماڻهو پئسا ڪمائڻ ۽ الائونس پروموشن جي چڪر ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺڻ لاءِ ڪاهي پيا، سفارشون، رشوتون، طرح طرح جون لالچون ۽ سياست استعمال ڪري ماڻهو پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ لڳا، گذريل ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻه جعلي ڊگريون قرار ڏنيون ويون ڇو ته انهن جي ٿيسز نقل ڪيل هئي.

    سنڌي ۾ ته ڪو کاتو ئي ڪونهي، ڪيتريون ئي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون اهڙن ماڻهن کي مليل آهن جن جي ٿيسز جو ڪو معيار ڪونهي ۽ انهن جي شخصيت کي ڏسي توهان انهن کان ڪجهه پڇو ته ميٽرڪ پاس به نه لڳندا پر سائين ڪير ڪڇي! سياست کان ڊپ ٿو لڳي، ڇو ته مسئلو سياسي بڻجي ويندو آهي. اڄ به ڪيترائي شاگرد جيڪي استادن کي بليڪ ميل ڪن ٿا، ڌمڪيون ڏين ٿا ته اسان کي مفت ۾ حاضري ڏيو پاس به ڪريو.

    ڇا اهي جعلي ڊگريون ناهن جيڪي سياست بازي، دهشت ۽ ڌمڪين جي زور تي ورتيون وڃن.

    هوڏانهن پرائمري اسڪولن جي حالت اها آهي ته 80 سيڪڙو استاد ماستري نوڪري وٺي ٻيو ڌنڌو ڪن ٿا، ڪو دڪان پيو هلائي، ڪو صحافي آهي ڪو اڃا ٻي نوڪري پيو ڪري پر ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، ڪاليجن ۾ ڏسو ته ڪو استاد ڪلاس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، يونيورسٽين ۾ استاد پئسا ڪمائڻ پٺيان آهن، پر سياست ۾ سڀ کان اڳيان بي شمار تنظيمون، مطالبا، ڌرڻا، مظاهرا پر فرض پورو ناهي ڪرڻو، ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته هر ڪرپشن ۽ ناجائزيءَ کي سياست ۾ لڪائي منجهائي ڇڏيو ته ڪجهه به ناهي ٿيندو.

    اسان جي تعليمي معيار کي ڏسندي اهو دور ياد ٿو اچي جڏهن اسان جا عالم، اديب، ڄاڻو ماڻهو پرائمري ماستر هئا، محمد صديق مسافر کان ڀيرو مل تائين سڀ ماستر هئا، ان وقت استاد پڙهائي ۾ چٽا ڀيٽي ڪندا هئا، مفت ۾ ٽيوشن پڙهائيندا هئا، استاد ۽ شاگرد جو پنهنجو مقام هو. ادب هو استاد شاگرد کي سنوارڻ لاءِ مار به ڏيندو هو پر سياست ڪا نه هئي. ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪو نه ٿيندو هو، نوڙي مان نانگ ڪو نه ٺهندو هو.

    اڄ جو دور جڳاڙ جو دور آهي، نه ڪير پڙهڻ لاءِ تيار آهي نه ڪير پڙهائڻ لاءِ تيار. باقي رهيون ڊگريون ڪاغذ جون اچو ته ورهايون، ان کان اڳ جو گاڏڙن تي سوا سوا رپئي ۾ وڪامجي!!!!


    http://www.youtube.com/watch?v=Agdpd_OrzOU&feature=player_embedded#
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اچو ته ڊگريون ورهايون

    ادا ڇا ٿيندو اڃ تائين ڇا ٿيندي جو ڪجهه ڪون ٿيو آهي ته وري هنن کي ڇا ٿيندو هنن وٽ ڊگريو جعالي آهن پر پئسا ته ڪون اٿن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو