• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم جو خوبصورت شاعر پارس حميد بہ وڇڙي ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
gs2CNAB.jpg



هاءِ ڙي ڊسمبر....

نثري نظم جو خوبصورت شاعر پارس حميد بہ وڇڙي ويو...

انا للہ و انا الیہ راجعون

پارس حميد جو اصل نالو حميد الحق قاضي آهي. هن پهرين جنوري 1957ع تي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. اي (ايڪنامڪس: 1983ع)، ۽ ايل. ايل. بي (1985ع) آهي. پارس حميد سٺو شاعر ۽ نثرنگار آهي. 1976ع کان سندس شاعري، ادبي مضمون ۽ مقالا، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن ۽ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”هٿ ترين تي روشن دک“ (2006ع) ۽ ”ديس پرديس“ (ترتيب)، سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ پاران 1981ع ۾ ڇپيل آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”پهريون خواب“ جي نالي سان ڇپيل آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان...
 
Back
Top