• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو ناميارو اديب رسول بخش درس لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
e1bqEY5.jpg



ٿو موڪلايان الوداع ....

سنڌ جو ناميارو اديب رسول بخش درس لاڏاڻو ڪري ويو

انا للہ و انا الیہ راجعون

ناميارو ڪھاڻيڪار رسول بخش درس، 10 جون 1953ع تي جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان، انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان ڪيائين، بعد ۾ ايم. اي (سنڌي) ٻي پوزيشن سان، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جو آغاز پرائمري استاد طور نومبر 1973ع کان ڪيو. ملازمت دوران 1980ع کان 1991ع تائين لرننگ ڪوآرڊينيٽر ۽ سپروائيزر به رهيو. 1992ع کان 2002ع تائين هاءِ اسڪول جهمپير ۾ استاد ۽ 2002ع کان سنڌيءَ جو مضمون اسپيشلسٽ طور پڙهايائين.
رسول بخش درس بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي. سندس پهرين ڪهاڻي 1977ع ڌاري ماهوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، سندس وقت بوقت ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپجندا رهيا آهن. ان کان سواءِ سندس ڪيترين ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز نشر ڪيا ويا آهن. رسول بخش درس، عبدالعزيز ’اثر‘ سولنگيءَ سان گڏجي ’سرسوتي‘ نالي ڪجهه رسالا به ڇپرايا هئا.
رسول بخش درس جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سهائيءَ جي سوڀ‘ (1980ع) ۽ ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم‘ (2005ع) شايع ٿي چڪا آهن. رسول بخش درس خاڪا نويسيءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. سندس ڪجهه خاڪا ’سنڌ هيرن کاڻ‘ نالي سان ڪتابي صورت ۾ (2005ع) شايع ٿيا. انهيءَ ڪتاب جو ٻيو حصو ساڳئي نالي سان، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
رسول بخش درس کي موسيقيءَ سان وڏي دلچسپي هئي. جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچهريون رچائڻ ۽ هر آيل مهمان جو دلي آڌر ڪرڻ سندس مشغلو رهيو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان....
 
Back
Top