• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناميارو اديب ۽ محقق محمد امين مگسي لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ZSwRMpd.jpg



ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي تہ ناميارو اديب ۽ محقق، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو ضلعي رابطا سيڪريٽري محمد امين مگسي ڪورونا وائرس جي وبا سان جهيڙيندي ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

انا للہ و انا الیہ راجعون

اديب، عالم ۽ محقق، امين مگسيءَ جو پورو نالو محمد امين ولد مفتي ڪريم بخش مگسي آهي. سندس تعلق ميهڙ جي علمي، ادبي ۽ مذهبي گهراڻي سان آهي. سندس والد ڪريم بخش مگسي پنهنجي دؤر جو جيد عالم ۽ مفتي هو. محمد امين مگسيءَ 30 اپريل 1962ع تي ڳوٺ سوڀي مگسي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ميهڙ مان ئي حاصل ڪيائين، جڏهن ته هن بي.اي 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ايم.اي (جنرل هسٽريءَ) ۾ پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1990ع ۾ ڪئي. امين مگسيءَ جو والد سيد علي اڪبر شاهه جي قائم ڪيل مدرسي ’مدرسه عربيه دارالقرآن‘ ميهڙ ۾ 50 سالن تائين مهتمم رهيو. محمد امين مگسيءَ ۾پنهنجي والد صاحب جي صحبت ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. محمد امين مگسيءَ جون هيٺيون تصنيفون شايع ٿي چڪيون آهن: (1) جوڳيئڙا جهان ۾ (دادو جي مشاهيرن جا خاڪا: (1998ع). (2) مگسي قبيلو، تاريخ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾: (2012ع). هن وقت ’بلوچستان جي تاريخ‘ ۽ ’تصوف‘ جي موضوعن تي سندس تحقيقجاري آهي. هو پي.آءِ.اي ڪراچي ۾ گروپ 6 ۾ آفيسر ھيو.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
 
Back
Top