ياسر قاضي: گهڻ صلاحيتو شخص تحرير: طارق عزيز شيخ جيڪي ماڻهو ھڪ ئي وقت ۾ گھڻ رخيُون صلاحيتون رکندڙ ھجن. ۾ ياسر قاضيءَ کي به بجا طور تي ڳڻيو وڃي ٿو، جيڪو ھڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو بھترين ڪمپيئر، براڊڪاسٽر، شاعر ۽ ليکڪ آهي. ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مڃيل ميزبان توڙي پيشڪار آهي. علمي، ادبي، موسيقيءَ، حالات حاضره، ثقافت ۽ سياست جا لاتعداد پروگرام ريڊيي، ٽي ويءَ توڙي اسٽيج تان پيش ڪندو رھيو آھي. اڪثر ڏيھي توڙي پرڏيهي ثقافتي پروگرامن ۾، سنڌي ثقافت جو نمائندو بڻائي موڪليو ويندو آھي. ياسر قاضيءَ جي ميزباني جو انداز، حاضرين ۽ ناظرين لاءِ انھيءَ ڪري وڻندڙ آهي جو، ھو سڌو سنئون مخاطب ھوندو آھي. بي تڪلفاڻو رھندو آھي، اھوئي سبب آھي جي ھزارن جي ميڙ وارن پروگرامن ۾ ماڻھن کي پنھنجو لڳندو آهي. دنيا ۾ اھوئي ميزبان اڄ تائين ڪامياب رھيو آھي، جنھن وٽ ڄاڻ جو خزانو ۽ لفظن جو ذخيرو ھجي. ياسر وٽ اھا خوبي بڪثرت ملي ٿي. ياسر قاضيءَ شاعريءَ ۾ به پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. اھا ڏات کيس ورثي ۾ ملي آھي. ھن جو تعلق جنھن علمي ادبي خاندان سان آهي، ان خاندان ڊگھي زماني کان سٺا شاعر، اديب ۽ استاد سنڌي ادب کي ڏنا آهن. سندس ڏاڏو قاضي عبدالحيُّ "قائل” پنھنجي وقت جو شاندار شاعر گذريو آهي. ياسر قاضيءَ جو والد مقصود گل، سنڌي شاعريءَ جي ھر صنف جو قادرالڪلام شاعر ھو، جيڪو 2015ع اسان کان وڇڙيو آهي. ياسر قاضي ٻاراڻي وھيءَ کان وٺي شاعري ڪرڻ لڳو ھو. مقصود گل جھڙو شاندار شاعر جڏھن پٽ کي، پنهنجن دوستن جيان صحبت ۾ رکي، تربيت ڪندو ته ظاهر آهي اھو نکري، نسري، ياسر قاضي ئي بڻجندو. ياسر 7 ڪتابن جو مصنف آهي، جنهن مان گهڻا تڻا ڪتاب سندس ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي ٻڌل آهن. ياسر قاضي ٻاراڻي شاعري نھايت سھڻي انداز ۾ ڪندو آهي. اھوئي سبب آھي جو ھن کي ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“، ”اٺ ماما گوگڙو“ ۽ ”لولو ڏنم ڪانو کي“ جھڙن سندس مجموعن تي اهم ادارن پاران ايوارڊ مليا آهن. ھن جي ٻاراڻي شاعري جو نمونو نرالو ۽ ٻارن جي ڏانءَ وٽان آهي، ياسر قاضي، حالاتِ حاضره پٽاندڙ 2012ع کان سنڌ جي مخلتف اخبارن ۾ روزانو قطعا لکندو آهي. جيڪا ڪرت سندس والد جي شمع کي روشن رکڻ جي ڪوشش پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته مقصود گل صاحب به ڪئين سال روزاني ”عوامي آواز“ اخبار ۾ لڳاتار روزانو چؤسٽو لکندو رهيو. والد جي وفات کانپوءِ 2017ع کان وٺي اهو علم ياسر سنڀاليو آهي ۽ هاڻي ”عوامي آواز“ ۾ سندس لکيل چؤسٽو، بنا وٿيءَ جي روزانو شايع ٿيندو رھي ٿو. سندس اهي قطعا طنزيه، مزاحيه، سنجيده، رنجيده ته ڪڏهن ڪڏهن ذو معنيٰ به ھوندا آھن، جن ۾ معاشري جي براين جي بيباڪ نموني سان نشاندهي ٿيل هوندي آهن. جيئن تازو بلوچستان جي شهر ‘مڇ’ ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ هزاره برادريءَ سان تعلق رکندڙ 11 پورهيتن کي قتل ڪرڻ واري دل ڏاريندڙ واقعي ۽ ان تي حڪومتي بيحسيءَ بابت لکيل سندس ھيءُ قطعو: جيئن ’مڇَّ‘ ۾ پورهيتن جو خُون ٿيو، ايترو سستو اڳي آدم نه هو راڄ ۽ رياست جي راکن کانسواء، هانءَ ڪهڙي ۾ مَتو ماتم نه هو! ياسر قاضي، نثر نويس طور پڻ قلمي پورهيو ڪندو رھيو آھي. ھن شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ جي نامياري محققه، ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ ٻن سالن تائين تحقيقي ڪم انجام ڏنو ۽ 10 ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت جي سهيڙ ۾ پنهنجو تحقيقي حصو ڳنڍيو. ان کان سواءِ ھو ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نويس پڻ آهي. سندس ٻه ڪتاب "گل ڇنو گرنار جو” ۽ "جيون بحر شھباز جو” پڻ شايع ٿيل آهن. هو ”هم سب“ نالي هڪ اردو ويب لاگ ۾ پڻ ٻن سالن کان هفتيوار بلاگ لکندو رهي ٿو، جنهن جا موضوع گهڻو ڪري سنڌ جي ادب، ثقافت ۽ شخصيتن سان لاڳاپيل هوندا آهن، يعني هن سنڌ جي خوشبُو کي اردو پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو اهم ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن کي هو خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏيندو رهي ٿو. ياسر قاضي اڄڪلهه ته گهڻو وقت براڊڪاسٽ صحافيءَ طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، پر هن ڪجهه عرصو اخباري صحافت جو ڪل وقتي تجربو پڻ حاصل ڪيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي جاري ٿيندڙ پهرين مڪمّل اخبار ”عوامي آواز“ ۽ ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڊيسڪ تي سب ايڊيٽر طور پڻ ذميواريون نڀايون آهن. ياسر قاضيءَ کي مليل خداداد صلاحيتن ۾ ھڪڙي ڏات مصوّري ۽ خطاطي به آهي. ھن جي خطاطيءَ جا ڪئين نمونا مون ڏٺا آهن، جيڪي نھايت دلفريب آھن. هن جي ٻارن لاءِ لکيل ڪتابن اندر هر نظم جي مناسبت سان السٽريشنز ۽ اسڪيچ، سندس ئي ڊزائن ٿيل هوندا آهن، جيڪي ٻار پڙهندڙ کي پاڻ طرف وڌيڪ متوجه ڪندا آهن. جيڪڏهن ياسر فقط مصوريءَ ۽ خطاطيءَ طرف ڌيان ڏئي ھا، ته به هن وقت ملڪ جو ناليوارو چترڪار ھجي ھا. ھو مڪمل طور فنونِ لطيفه جو مجسم آهي، جنهن ۾ سمورن لطيف فنن جو واس موجود آهي. جنهن ۾ هو لڳ ڀڳ گذريل 3 ڏهاڪن کان مسلسل ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ پاڻ پتوڙڻ ۾ رڌل آهي. ياسر جھڙو ٻاھران سھڻو آهي، تھڙو اندر جو به سھڻو آهي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي. کيس مبارڪ ڏيندي دعا آهي ته ڌڻيءَ جي مھر مٿس هميشه قائم رھي ۽ سنڌ کي ھھڙا موتي شل ھر دؤر ۾ ملندا رھن.