سماج سڌارڪ سگا ساٿي اسلم عباسي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سماج سڌارڪ سگا ساٿي اسلم عباسي

    تحرير: وزير فرهادسولنگي

    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن موري شاخ جي صدر اسلم عباسي جو جنم 25 نومبر 1968ع ڌاري موري شهر جي ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙي ۾ حاجي الهداد ڪلهوڙي جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هڪ هاري پورهيت هو. سڄي ڄمار پنهنجي ايمانداري ۽ سچائيء سان هر هلائي، زمين کيڙي اناج اپايو، ۽ سندس هڪ خواب هو ته سندس اولاد پڙهي لکي معاشري ۽ سماج لا۽ ڪارائتو بڻجي. ساهتي پرڳڻي ۾ ورهاڱي کان پوءِ جيڪي سماجي ۽ سياسي اٿل پٿل ٿي آهي ان جا اثر به سنڌي ادب تي پيا آهن پر انهيءَ جي باوجود اسان جي قلمڪارن پنهنجي ڏات کي استعمال هيٺ آڻي پنهنجي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي. ان ۾ نوجوان نسل جو پڻ حصو ڳنڊيل آهي. جن علمي ادبي ذخيري کي پاڻ وٽ محفوظ ڪري ايندڙ نسل لاءِ تاريخ جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. انهي صف ۾ ساهتيءَ جي ڪافي قلمڪارن جو پڻ ذڪر ملي ٿو جن ۾ ناصر مورائي، راشد مورائي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، حافظ محمد بخش خاصخيلي، قاضي نظير احمد، عظيم سنڌي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو، جڏهن ته نوجوانن ۾ پروفيسر شمشاد سومرو، ادريس جتوئي، رکيل مورائي، رضا لانگاھ، انور ساگر ڪانڌڙو، اسد سولنگي، عرفان عباسي، احمد سولنگي ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا.
    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ساٿي اسلم عباسي جو شمار به انهن نوجوان اديبن ۽ سماج سڌارڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جن ساهتي پرڳڻي ۾ پنهنجون علمي، ادبي، سياسي، سماجي خدمتون ڏئي پنهنجو نالو ڳڻايو آهي.
    اسلم عباسي اهو نوجوان اديب ۽ محقق آهي، جنهن پنهنجي لکڻين جي شروعات 1985ع کان ڪئي جڏهن هن سنڌي ادبي سنگت شاخ موري ۾ پنهنجون تحريرون ۽ تخليقون باقائدگي سان پيش ڪندو رهيو آهي. لکڻ پڙهڻ کان علاوه سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ پڻ اڳڀرو ٿي سنڌ جي پيڙهيل طبقي لاءِ پنهنجون توانائيون استعمال ڪندو رهيو آهي. پاڻ سماجي اڻ برابري ۾ تبديلي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري انتهائي خلوص، جذبي ۽ ايمانداري سان مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندو آيو آهي. هن نوجوان جي شخصيت ۾ ڪيترائي اهم رخ اچي وڃن ٿا ، جڏهن ته پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جو هن وقت پاڻ صدر پڻ آهي ۽ سماجي ڪم ڪارين ۾ ڀرپور سرگرم عمل آهي، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي پليٽ فارم تان مسلسل گذريل 35 سالن کان لڳاتار علمي، ادبي، سماجي خدمتون ۽ نيڪي جا ڪم ڪندو رهيو آهي.
    اسلم عباسي بنيادي شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول احمد شاھ مورو مان سال 1978ع ۾ حاصل ڪيائين، ان بعد ميٽرڪ جو امتحان 1983ع ۾ گورنمينٽ ها۽ اسڪول مورو مان پاس ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن مهراڻ ڊگري ڪاليج موري مان 1985ع ۾ انٽر سائنس ۾ پاس ڪئي، ان کان پوءِ 1990ع ۾ هن مادري علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي اقصاديات ۾ ڊگري حاصل ڪيائين.
    ان بعد موري شهر جي هڪ نامياري وڪيل سماج سڌارڪ، صوفي منش ۽ فقيراڻي طبعيت جي مالڪ سائين عبدالغفور ڪلهوڙو جي طرفان جوڙايل ڪينجهر ڪمرشل سينٽر مورو مان سال 1985ع ڌاري فني تعليم انگلش ٽائپنگ ۽ شارٽ هينڊ جي سکيا حاصل ڪئي ۽ روزگار حاصل ڪيو. موري شهر جي هن اداري مان هزارين غريبن، مسڪينن، هارين، پورهيتن ۽ استادن جي اولاد سکيا ورتي ۽ ملڪ اندر ملڪ کان ٻاهر اعلي منزل، مقام ماڻيو ۽ پنهنجي ميرٽ تي روزگار حاصل ڪيو آهي. سائين عبدالغفور ڪلهوڙي کي هزارين غريبن مسڪينن جون دعائون ملنديون رهن ٿيون، قدرت کيس عدل ۽ انصاف جي اعلي منزل ۽ مقام عطا ڪيو آهي. اسلم عباسي ان فني سکيا ۽ روزگار حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي عملي زندگي ۾ قدم رکيو ۽ پاڻ لکڻ پڙهڻ کان علاوه سماجي ۽ ثقافتي ڪمن ڪارن ۾ دلچسپي ورتي ۽ پنهنجون خدمتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين.
    اسلم عباسي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن سان محبت ڪرڻ سبب هن ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيترائي علمي، ادبي، سماجي، تاريخي، ثقافتي سيمينار ۽ ميڙاڪا ڪرائي پنهنجي علمي، ادبي ۽ سماجي ذوق جو اظهار ڪيو آهي. 1984ع ڌاري موري ۾ شاھ عنايت سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشنس جو بنياد پيو، جنهن ۾ کيس جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، هن پليٽ فارم تان ڪيترائي سماجي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايا جيڪي اڪثر روشن تارا اسڪول مورو ۾ ٿيندا رهندا هئا. 1987ع ڌاري موري لڳ شاهپورجهانيان ڀرسان والي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي تي ٿيل تاريخي سيمينار ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ عظيم سنڌي سان گڏجي ٻانهن ٻيلي رهيو ان بعد هن 1996ع ۾ ڪراچي جي آواري ٽاور هوٽل ۾ ٿيندڙ هڪ شاندار انٽرنيشنل ڪلهوڙا سيمينار ۾ پڻ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، يعقوب علي زرداري، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي، عبدالستار عباسي، عرفان عباسي سان گڏجي سيمينار ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ماهوار رسالي پيپلز ٽائيمس طرفان سوئينيئر ڇپرايو ۽ سيمينار ۾ شرڪت ڪيائين.
    سال 2002ع حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو سيمينار لاءِ پريس سيڪريٽري طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن ۾ سيمينار جي افتتاحي تقريب جي صدارت محمد ابراهيم جويو صاحب ڪئي، جڏهن ته سيمينار ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر خضر نوشاهي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ايم ايڇ پنهور، اشتياق انصاري، حاڪم علي شاھ بخاري، انعام شيخ، ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي، قاضي اسد عابد، محمد نواز عباسي ۽ ٻين تاريخدانن، ماهر آثار قديمه، اسڪالرس پنهنجا مقالا ۽ پيپر پڙهيا جڏهن ته هن موقعي تي ڪتاب ميان غلام شاھ ڪلهوڙو (سنڌ جو شاھجهان) مرتب اسلم عباسي پڻ سهيڙي ڇپرايائين.
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ ۾ 1988ع کان 1990ع تائين قاضي نظير احمد، عظيم سنڌي، ڄام انيس الرحمان، نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ ،ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ ٻين سگا ساٿين سان گڏجي سگا طرفان سماجي خدمتن ٻوڏ متاثرين جي مالي مدد، هر هفتي مفت هلندڙ جمع ڪلينڪ، غريب شاگردن ۾ ڊريسون ۽ ڪتاب مهيا ڪري ڏيڻ، تعليمي سڌارن لا۽ ٿيندڙ پروگرامن ۽ ڪمن ڪارين ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ ان بعد سگا برانچ موري ۾ 1990ع ڌاري ميمبرشپ حاصل ڪئي، ان بعد برانچ ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ۽ ثقافتي ڪاميٽي جو چيئرمين پڻ رهيو برانچ طرفان ٿيندڙ تعليمي، ثقافتي ۽ صحت جي شعبن ۾ سرگرم عمل رهيو.
    سگا سينيئر ساٿين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ،مظهر الدين ميمڻ، ولي محمد روشن، نظير احمد ڀنڊ، غلام حسين بلوچ، بخش علي لاکو، تاج محمد وساڻ، وقار پاٽولي، عبدالرسول سومرو، محمد ابراهيم شيخ، علي حسين بروهي، تاج بلوچ ۽ ٻين ڪيترن ئي سگا ساٿين سان پڻ سگا جي سماجي ڪمن ڪارين، ڪنوينشن، سالگرہ تقريبن ۽ ٻين پروگرامن ۽ ميڙاڪن ۾ ساڻن سگا سٿ جي ڪري ميل ميلاپ، ويجهڙائپ ۽ سماجي رابطو رهندو رهيو اٿس.
    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي طرفان خدا آباد ۾ سال 2004ع دوران ڪنوينشن ۽ مرڪزي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ مرڪزي باڊي ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر پڻ چونڊجي آيو. هن موقعي تي تخت گاھ خدا آباد سيمينار پڻ ٿي گذريو جنهن ۾ سگا ساٿي محترم نظير احمد ڀنڊ سان گڏجي تختگاه خداآباد هسٽاريڪل سيمينار پڻ ٿي گذريو جنهن ۾ اسلم عباسي جنرل سيڪريٽري طور سيمينار جا فرائض انجام ڏنا ۽ انهيءَ موقعي تي ڪتاب ”تخت گاھ خدا آباد“ سگا مرڪز طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو . جڏهن ته سگا مرڪزي باڊي ۾ ميمبر سي اي. سي چونڊجي اچڻ بعد سگا مرڪز طرفان ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ 2004ع ڌاري سگا طرفان ٿيندڙ شاھ سچل سامي انٽر نيشنل ڪانفرنس ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. هن مرڪزي باڊي جو چيئرمين الطاف ڳورڙ ۽ سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي جن هئا. ان کان علاوه تاريخي، علمي، ادبي، تحقيقي سيمينار تاريخ ضلعو نوشهروفيرو جيڪو 2007ع ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ يونين ڪائونسل گهيڙ گجو ضلعا ڪائونسل نوشهروفيروز جي چيئرمين محمد نواز عباسي جي سرپرستي هيٺ پاڻ سيمينار ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو، ۽ ضلعي نوشهروفيروز جي تاريخ بابت پهتل مقالن کي ترتيب ڏئي ڪتاب ضلعو نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾، پڻ ڇپرايائين.
    ان بعد تعلقي موري جي جاگرافيائي حدن ، درياهي وهڪرا، پتڻ، شڪارگاهه، تاريخي، سياسي سماجي علمي تاريخ، ڳوٺ، ذاتيون قبيلا، شاعر، اديب، سگهڙ، استاد، قلمڪار، سماج سڌارڪ ۽ ٻين مختلف موضوعن تي ماهوار سنڌ رويو مئگزين جي چيف ايڊيٽر عرفان عباسي ۽ مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو جي جنرل سيڪريٽري عبدﷲ خان ڪورائي، پروفیسر شمشاد احمد سومرو ۽ ٻين دوستن سان گڏجي موري بابت هڪ شاندار سال 2010ع ۾ تاريخي، تحقيقي ۽ ثقافتي سيمينار مورو منعقد ڪيائين. جنهن ۾ پاڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ان سيمينار ۾ جنرل سيڪريٽري طور ڪم ڪيائين، ۽ مختلف ليکارين جا مقالا ايڊٽ ڪري 400 صفحن تي ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت ڇپرايائين.
    اسلم عباسي سماجي ۽ ادبي پروگرامن کان علاوه پاڻ اسٽيج جو بهترين ڪمپيئر پڻ رهي چڪو آهي ۽ هن ڪيترن ئي مختلف پروگرامن ۾ اسٽيج ڪاروائي هلائي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اهڙي طرح سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ سماجي خدمتن ڏيڻ سان گڏوگڏ علمي، ادبي پورهيو ڪري سنڌي ادب ۾ سندس ترتيب ڏنل چار ڪتاب پڻ شامل آهن. جن ۾ نمبر هڪ تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور بابت ميان غلام شاھ” سنڌ جو شاھ جهان“. نمبر ٻيو ”ڪلهوڙا دور هڪ مطالعو“ سال 2005ع. نمبر ٽيون ”ضلعو نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾“. ۽ نمبر چوٿون ڪتاب ”مورو تاريخ ۽ ثقافت“ سال 2011ع ۾ مرتب ڪري سنڌي ٻولي کي چار ڪتاب ڏنا آهن.
    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مورو سان مسلسل رهڻ کان پو۽ 25 سالن بعد پهريون دفعو برانچ ۾ سال 2015 کان 2018ع تائين صدر چونڊجي آيو، ۽ هن وقت ٻيو دفعو سال 2018ع کان سال 2021ع تائين صدر سگا شاخ مورو بنا مقابلي ڪامياب ٿي آيو. سگا صدر جون ذميواريون سنڀالڻ بعد سگا آفيس جي مرمت، فرنيچر ۽ لائبرري لا۽ پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون، ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت، ضلعي نوشهري فيروز ۽ تعلقي ڪائونسل موري جي چيئرمين کي موري شهر ۾ نوجوانن جي علمي ۽ تعليمي سرگرمين کي هٿي ڏيارڻ لا۽ سرڪاري سطح تي لائبرري جي قيام لا۽ سگا جي پليٽ فارم تان سگا ساٿين سان جدوجهد ڪئي آهي، ان لائبرري عمارت جو ٽينڊر پڻ ٿي چڪو آهي اميد ته جلد از جلد جڙي راس ٿيندي. ان سان گڏوگڏ سگا ساٿين،عهديدارن سان گڏجي برانچ جي سرگرمين تعليمي ميڙاڪا، مذاڪرا، ڪتابي ميلا، نوجوانن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ، صحت جي شعبن مفت چمڙي جي بيمارين واري ڪيمپ ،ٿيليسيميا مريض ٻارن لا۽ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ، علمي ادبي سماجي ثقافتي پروگرام ترتيب ڏنا آهن.
    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مورو جي تاريخ 1974ع کان سال 2018ع تائين قلمبند ڪري هڪ بهترين ۽ شاندار ڪتاب پڻ ڇپرايو آهي، جنهن ۾ برانچ جي ساٿين، عهديدارن جي زندگيءَ بابت خاڪا ۽ سگا مورو جي مختصر ڪار گذاري آهي. سگا شاخ مورو ۾ اسلم عباسي صدر هئڻ جي خدمتن عيوض کيس سگا مرڪز طرفان مارچ سال 2020ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنويشن ۽ سالگره موقعي تي مريم مجيد دايو گولڊ ميڊل ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، ان سان گڏ پنهنجي علمي، ادبي، سماجي خدمتن کيس مختلف تنظيمن طرفان ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون آهن.
    موري شهر ۾ هن وقت پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي تنظيمن ۽ فورمن سان لاڳاپيل رهيو آهي. جن ۾ سگا، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ سٽيزن ڪلب، يونائيٽيڊ ايجوڪيشنل سوسائيٽي مورو، سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائيٽي مورو، مورو ڊولپمينٽ فائوڊينشن ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا سري فهرست آهن.
    تعليمي خدمتن ۾ سال 1999ع بعد موري شہر جي دوستن هرهڪ حاجي نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ ،اسدﷲ سولنگي ،اظفر سعيد ميمڻ، سيٺ حاجي محمد اقبال ميمڻ ۽ ٻين شهر جي معزز ۽ مخير حضرات سان گڏجي يونائيٽيڊ اسڪول مورو جو بنياد وڌو ويو جنهن جو پهريون جنرل سيڪريٽري اسد ﷲ سولنگي ٿيو، ان بعد نثار احمد ميمڻ ۽ بعد ۾ اسلم عباسي پڻ هن سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي، هن سوسائٽي جا 2 اسڪول هڪ ميمڻ محلا ڪيمپس ۽ ٻيو با۽ پاس ٽائون مورو ۾ هلي رهيا آهن. ميمڻ جماعت جي طرفان پلاٽ ڏنو ويو ۽ باقي شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول تعمير ڪرايو، جڏهن ته با۽ پاس ۾ جڙندڙ يونائيٽيڊ اسڪول بلڊنگ ضلعي ناظمي دور حڪومت سال 2002 ع کان سال 2008ع تائين جتوئي خاندان طرفان مليل رقم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ جي مالي مدد سان جڙي راس ٿي آهي هن وقت هزارين ٻار تعليم پرائي چڪا آهن. موري شهر جي بزرگ اديبن، استادن راشد مورائي، ڊاڪٽر محمد لائيق زردار، عظيم سنڌي ۽ عبدالله جيسر، ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو سميت ڪيترن ئي سينئر ليکڪن جي صحبت ۾ رهندڙ هيءَ سنڌ دوست نوجوان اديب سماج سڌارڪ ڪيترن ئي نوجوان ليکڪن جو پڻ همعصر رهيو آهي.
    اسلم عباسي جڏهن ته هن وقت 52 سالن جو ٿي ويو آهي پر سندس علمي، ادبي، سماجي خدمتون سندس عمر کان مٿڀريون آهن. هي پنهنجي سٻاجهي طبعيت هئڻ سبب علائقي جي علمي ادبي ۽ سڃاڻ حلقن ۾ تمام اهم ۽ احترام واري حيثيت ماڻي چڪو آهي. انهيءَ سبب هن جي دوستن جو حلقه احباب تمام وسيع آهي. جنهن سبب سندس شخصيت جو انتهائي سٻاجهو انداز اهڙو ته متاثر ڪندڙ آهي جو هر طبقي جا ماڻهو هن کي عزت جي نگاھ سان ڏسندا آهن. پاڻ هر ڪنهن جي ڏکن سکن ۾ هر وقت گڏ هوندو آهي. پاڻ وڏن کان ادب ۽ احترام ڪرڻ ڪير هن کان سکي. سندس گفتگو مهذب ۽ شانائتي هوندي آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو هن سان ملڻ جي هر وقت خواهش ظاهر ڪندو آهي.
    اسلم عباسي سنڌ جو اهو نوجوان ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن آهي، جنهن سنڌ جي دل واري شهر موري جي مٽي مان جنم ورتو آهي ۽ سندس سماجي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو سفر 1980 جي ڏهاڪي کان شروع ٿيو. جيڪو هن وقت به جاري آهي. پاڻ هن وقت نوجوان نسل لاءِ اتساھ ڏيندڙ اهو دوست آهي جنهن پنهنجي 52 سالا زندگي ۾ پنهنجي عمر کان وڌيڪ علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون ڏئي ايندڙ نسل لاءِ هڪ راھ ۽ روشن گس جو نشان ڇڏيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو