ملت جا مانگر مڇ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2021۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هر قوم جا ڪجه ڪمدار هوندا آهن، هيشه اهي ئي ئي قومن جي زوال جا سبب بڻبا آهن. ڇو جو عوام تي ٽن طريقن سان ماڻهون حڪومت ڪندا آهن. يا سرمائيدار، طاقتور يا ڌهوڪيباز. ان لاء قرآن انسان مٿان انهن انسانن جي حڪومت حرام ڪرار ڏني آهي جن کي الله حڪومت جو اختيار نه ڏنو هجي پر هو حڪومت جي ڪرسي تي تجاوز ڪري اچي ويهي رهن اهڙن انسانن کي قرآني اصطلاح مين طاغوت چيو ويو آهي. اهڙا ماڻهو حڪومتن ۾ ايندا ڇو آهن انهن جي پٺيان آخر ڪهڙا اسباب هوندا آهن اها بحٿ پنهنجي جڳه تي جدا آهي، ليڪن اهو تصور پڻ حقيقت آهي ته انهن جي پٺيان سرمائيدار جو سرمايو هوندو آهي. قرآن ۾ اهڙن ماڻهن جي مثال موجود آهي. قرآن بني اسرائيل جي کي بطور نموني جي پيخ ڪيو آهي جنهن تي ڪئي نشيب و فراز آيا جيڪي انسانن لاء مثال بڻجي ويا. اهڙي ريت قوم ڪي گمراه ڪندڙ ڪردار کي پڻ وائکو ڪيو. مثال سامري: هي ان قوم جي هڪ ديندار انسان هو ان قوم ڪي پهنجي نبي جي رستي تان هٽايو جي اوهان ان سامري جي گفتگو جو مطالعو ڪندؤ ته خبر پوي ٿي هو وحي کان آشنا انسان هو. اها حقيقت پڻ مشاهدي هيٺ آهي ته انبياء جي راهن تا امتن کي انبياء جي لباس ۾ ملبوس انبياء جي وارث نما ماڻهن هي ڪم ڪيو آهي اهو ڪم هي ئي ڪري سگهن ٿا. مثال جي طور تي اوهان مشاهدو ڪيو ته کليو نظر ايندو تو قرآن حرام و حلال جا حڪم ڏنا آهن اهي حرام و حلال فقط کائڻ جا ناهن ليڪن علماء اخلاق صرف انساني اخلاقن و آدابن تائين ان موضوع کي محدود رکيو ان جي مطلق حساسيت کي اڀاريو ليڪن اصل حلال ص حرام جي طرف متوجه نه ڪيو مثال الله قرآن مين ڪنزير جي حرام هجڻ جو حڪم ڏنو ته ان تي سڀئي مسلمان حساس نظر اچن ٿا هر فرقو آڄ خزير جي حلال ص حرام تي حساس آهي ليڪن قرآن ان کان وڌيڪ حساسيت فرقه بندي تي ڏيکاري آهي يئني جي اوهان غور ڪندؤ ته قرآن جي نظر ۾ خنزير کان وڌيڪ حرام آهي ليڪن هر فرقو قرآن مان پنهجي فرقي کي ثابت ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي نتيجي ۾ اوهان جي سامهون امت پاره پاره امت جي طاقت پاره پاره. جڏهن ڪنهن ملت جي وحدت پاره پاره ٿي وڃي ته ان ملت تي بي رحم بگهڙ و مانگر مڇ حڪمران ٿي ويندا آهن. ان ملت جا سرمائيدار ان ملتن مٿان جن ماڻهن کي حڪمران مسلط ڪندا آهن اهي انهن حڪمرانن جي زريعي سان ئي پنهنجي سرمائي کي اوج ڏيندا آهن. اڄ هن ملڪ ۾ ئي اوهان ڏسو ته اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي بلڪه ستر ساله هن ملڪ جي تاريخ کڻي ڏسو هن ملڪ سان ٿيو ڇا آهي، جڏهن ته هي هڪ حقيقت آهي ته هي ملڪ دين اسلام جي نالي تي حاصل ڪيو ويو هو ء اها به هڪ حقيقت آهي ته اڄ به هن قوم مين ديني پوٽيشنل موجود آهي مگر اهي ديندار سرواڻ اهي اڪثر امامتِ امت جي لباس ۾ ملبوس علماء نما هميشه هڪ اوزار بڻجي ظالمن جي مدد گار رهيا آهن ضياء الحق جي ناري نظامِ مصطفي کان ويندي اڄوڪي ڪتي باز انسان جي نعري رياست مدينه تائين هن جي تائيد وارثان انبياء جي لباس ۾ ملبوس اڪثر علماء ڪئي آهي.
    بني اسرائيل جي قوم مين هڪ ديگر مانگر مڇ پڻ زڪر ٿيل آهي، اهو آهي قارون اهو پڻ بني اسرائيل قوم مان هيو جنهن ملت جو سرمايو ان فرعوني نظام لاء خرچ ڪيو تحرير کي طوالت جو خوف وڪوڙي ويو آهي ورنه ان تي به لکڻ جي ڪوشش ڪجي ها ليڪن اڄ هن ملت جي اهڙن قارونن کي ڏسو انهنن جو سرمايو ڪٿي خرچ پيو ٿيئي. وسلام انشاء الله جاري رهندو.
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    پوسث کي شيئر ڪرڻ جا اختيار ڏيو ته مهرباني ٿيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو