شاهه لطيف وٽ ڪلاسيڪيت جو تصور خليق ٻگھيو اُنهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي، ته سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪيت جو سڀ کان وڏو ڀنڊار شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام آهي. ڪلاسيڪيت جي بنيادي تشريح هيءَ آهي ته ”اهو ادب، جيڪو هر زماني ۾ زندهه جاويد هجي، تنهن ادب کي ڪلاسيڪي ادب ڪوٺيو ويندو آهي.“ ڪلاسڪ اُها شيءِ هُجي ٿي، جيڪا پائيدار هجي، جنهن ۾ دائميت هجي، جنهن ۾ آفاقيت هجي، جنهن ۾ امرتا ۽ هميشگي هجي، پر جيڪا شيءِ پنهنجي عهد ۽ زماني سان فنا ٿي وڃي يا پنهنجي تخليقي جوهر ۾ ارتقائي عمل سان سلهاڙجي جَهڪي ٿي وڃي، سا ڪڏهن به ڪلاسڪ جي مرتبي تي پهچي ڪانه ٿي سگهي. جيتوڻيڪ شاهه لطيف جي زماني کان اڳ جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ به ڪلاسيڪي رنگ و آهنگ آهي، پر شاهه لطيف وٽ ڪلاسيڪيت وڌيڪ منظم ۽ سگهاري شڪل ۾ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف جي اڪثر شاعري موضوعي آهي يا تخليقڪار جي داخليت جو اظهار آهي. ٻئي پاسي هُــو سماج جي سمورن فڪري ۽ سماجياتي حادثن جي تصوير محض خارجي طرح بيان ڪونه ٿو ڪري، پر اُنهن سمورن حادثن جي گهراين ۽ ڪارجن جو اندروني ڇيدُ ڪري، رُوح جي تارن کي به نئين سنگيت سان سرشار ڪري ٿو، اِهڙيءَ طرح سندس شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز اڪثر ڪري، انساني احساسن، رُوحاني جذبن ۽ اندروني رُجحانن جي چؤگرد بيٺل دنيا تي اڏيل آهي: سَر نِــسِـريا پاندَ، اُتــرَ لـڳا آءُ پــــرين! مون تو ڪارڻ ڪانڌَ! سِهسين سُکائون ڪيون. شاهه لطيف فرمائي ٿو ته: سَرن جي سَلن به ڳڀُ جهليو آهي، اُتر جو به واءُ لڳو آهي، اي منهنجا پرين! اي منهنجا ڪانڌَ! تنهنجي آسَ ۾، تنهنجيءَ سِڪ ۾ مون ته انيڪ سُکائون باسيون آهن. شاهه لطيف جتي مُند جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي فطرت جي به خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي. شاهه لطيف جتي وڻجاري جو ذڪر ڪري، تاريخي پس منظر جو احاطو ڪيو آهي، اُتي سنڌي ماڻهن جي سُکائن يا ڏيئن ٻارڻ واري پراڻي سنڌي ڪلچر جو به ذڪر ڪيو آهي، پر جيڪا شيءِ هن بيت ۾ سگهاري آهي، جيڪا تخليقي احساس تخليق ڪري ٿي، سا آهي وڻجاري جي زال جي سڪ، محبت، درد، جذبو ۽ انتظار جي ڊگهي ڪيفيت جو اظهار! در حقيقت اُها ئي ڪلاسيڪيت آهي، اُهي ئي دائمي فڪري قدرَ آهن، جنهن تي سندس شاعريءَ جو تخليقي بنياد ٺهيو آهي، هڪ ٻئي بيت ۾ ڏسو ته شاهه سائين ڪيئن نه رُوح جي گهراين ۾ تخليقي جوهر کي تحليل ڪري ٿو: جيڪرَ اَچي هاڻِ، ته ڪِريان رُوح رَچنديُون، آيلِ! ڍُولئي ساڻُ، هوندَ ڳـرَ لڳِي ڳالهيون ڪَريان. شاهه لطيف چَوي ٿو ته پرين هيڪر اَچي وڃي ته ساڻس رُوح واريون رهاڻيون ڪريان! دل جا سمورا دردَ ٻُڌايان ۽ پنهنجا رُوحاني زخمَ کُولي ڏيکاريانس. اي جيجلُ! منهنجي اندرَ ۾ پرينءَ جي اُها سِڪَ آهي، اُها محبت آهي، جو هڪ ڀيرو اَچي ته کيس ڳلي لڳائي ڳالهيون ڪريان!!! هِن بيت ۾ جنهن درد، سِڪ، اِنتظار، پريت ۽ آسَ جو ذڪر شاهه سائين ڪري ٿو، اُهو لامحدود آهي. اُها شيءِ زمان ومڪان جي حدن کان به ٻاهر آهي. شاهه سائين جنهن رُوح رهاڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، تنهن ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي تخيل سان سوچي سگهي ٿو ۽ پيار جو درد اُوتي سگهي ٿو، رُوح جي اُٿاهه گهراين ۾ پنهنجي وجود کي تحليلُ ڪري سگهي ٿو، اهڙيءَ طرح شاهه لطيف جو هيءُ بيت عظيم انساني رُومانوي درد جي ورثي جو هڪ حصو بڻجي وڃي ٿو. اچو ته هن ڏسا ۾ شاهه لطيف جو هڪ ٻيو بيت پڙهون: وَکـرُ سُو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿئي، ويچيندي ولاتَ ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ، سا ڪا هَڙ هَلاءِ، آڳهُه جنهن جي اُبَـهيِن. شاهه لطيف اِهڙي وکر جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو زمانن گذرڻ کانپوءِ به پُراڻو نه ٿئي، جنهن جو ذرو به ضايع نه ٿئي! ۽ هڪ اهڙي سماجي، نظرياتي، فڪري، رُوحاني ۽ تاريخي جدوجهد هجي، اهڙو ڪارنامو هجي، اهڙو فلسفيانه عظيم ڪردار هجي، جو اهلِ نظر جي سامهون فخر سان ڪنڌ کڻي سگهجي. هي بيت حياتيءَ جي هر مثبت پاسي ۽ سمت ڏانهن پنهنجو تخليقي سفر ڪري ٿو ۽ جدوجهد جي هر پهلوءَ جي عڪاسي ڪري ٿو، پر وڌيڪ غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ شاعري جڏهن دائمي قدر آڇي ٿي، تڏهن ڪلاسيڪيت جي اَمرتائن سان سَنوارجي وڃي ٿي. مٿئين بيت ۾ جيڪا سماجي، فڪري دائميت ۽ آفاقيت آهي، سا ئي ان کي ڪلاسيڪي نظرين سان همڪنار ڪري ٿي. بيت جي ٻئي رخ ڏانهن اينداسين ته شاهه لطيف هن بيت ۾ درسُ ڏئي ٿو ته انسان دنيا ۾ هڪ فڪري ۽ رُوحاني تحريڪ جو مظهر بڻجي وڃي. اِيـئنءَ ڪرڻ سان هُو خود تاريخ بڻجي ويندو. ڪنهن به فڪر، ڪنهن به نظرئي سان ڪميٽمينٽ قائم ڪرڻ وڏي وٿ هُجي ٿي. ڀٽائي فرد جي سوچن، فڪرن ۽ نظرين سان جيڪي ٻَــنڌڻَ ٻَــڌي ٿو اُنهن سان عظيم ترين ڪميٽمينٽ جو اظهار اهڙيءَ طرح ڪري ٿو، جو نه صرف سندس فڪري ڪاوشن کي ڪلاسڪ درجو ملي وڃي ٿو، پر پنهنجيءَ ڪميٽمينٽ جي فڪري ڏسائن ۾ تڪليفون سهڻ کي به حياتيءَ جي عظيم مقصد سان سلهاڙڻو پوي ٿو: کامان پَچان، پَڄُـران، لُـڇان ۽ لوچان، تَــنَ ۾ تؤنسَ پرينِ جي، پِــيان نه ڍاپان، جي سمنڊُ مُنهن ڪريان، توءِ سُرڪيائي نه ٿئي. شاهه لطيف مٿئين بيت ۾ محبت کي هڪ اهڙي اُڃ سمجهي ٿو، جيڪا فرد کي بيچينيءَ ۽ بيقراريءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ فرد اُنهيءَ سَڪَ ۾ چَوي ٿو ته، ”سارو سمنڊُ پِـــي وڃان ته به مون لاءِ ڄڻ هڪ سُرڪ به نه آهي“. هتي شاهه لطيف پنهنجي ڪلام کي نه صرف ڪلاسيڪيت ارپي ٿو، پر فڪري ۽ احساساتي بنياد تي عشق جي اُڃ کي وسعت بخشي ٿو، ڇو ته اُهو به حياتيءَ جو هڪ دائمي قدر آهي. هي بيت ڪلاسڪ فڪر جو اهڙو ورثو آهي، جيڪو انساني جذبن جي وڪالت ڪري ٿو ۽ حياتيءَ جي دائمي قدرن کي پنهنجي احاطي ۾ سميٽي ٿو. هڪ ٻي احساساتي دائميت، هڪ ٻي آفاقي حقيقت موت آهي. شاهه لطيف جڏهن حياتي جهڙيءَ حسين شيءِ کي موت ۾ تبديل ٿيندي ڏسي ٿو، جڏهن پرينءَ کي موت کان پوءِ ڏِسي ٿو، جڏهن هڪ دؤر جي خاتمي ۽ ٻئي دؤر جي ابتدا کي ڏسي ٿو، تڏهن سندس شاعريءَ ۾ ڪيڏي نه حيرانگي شامل ٿي وڃي ٿي!!؟ ايڏي وڏيءَ ٽرئجڊيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي!؟ ڏک جي اضطرابي ڪيفيتن ۾ ڪهڙي طريقي سان اُٿاهه قدر ڀري ٿو، اُن جو اظهار هيٺ ڏنل بيت ۾ ڏِسي سگهجي ٿو: جا ڀُـونءِ پيرين مُون، سا ڀُونءِ مٿي سَڄڻين! ڌڱَ لَـٽـبا ڌُوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون، ڏينهَن مِـڙيئي ڏُون، اُٿي لُـوچ لطيف چَئي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي نظرئي جو تعلق سڌو سنئون ڪنهن يورپ جي تحريڪ سان ڪونهي، نه وري اڄ تائين سنڌي ادب جي ڪلاسيڪيت ڪنهن منظم روپ ۾ موجود رهي آهي. سنڌ ۾ ماضيءَ جي سنڌي ادب واري ڪلاسيڪيت رومانيت واري فني اظهار کان به ڌار ڪانهي، نه ئي هتي ڪا ڪلاسيڪي ادب جي ڪا تحريڪ موجود رهي آهي، البته ڪلاسيڪيت جو لاڙو موجود رهيو آهي، جنهن ڪلاسيڪي تصور جي اعتبار کان ڪئين رنگ ڀريا آهن. ڪي نقاد شاهه لطيف کي بين الاقوامي سطحن تي رُومانوي شاعر سمجهن ٿا ۽ سندس شاعريءَ کي ڪلاسيڪي نٿا چون، پر شاهه سائين وٽ جيڪا ڪلاسڪ فڪر آهي، اُن کي ڪلاسيڪيت کان ٻاهر ڪيئين ٿو ڏسي سگهجي!؟ شاهه لطيف وٽ ڪلاسيڪي ادب جو تصور ڇا هو؟ حتمي طرح ڪابه دعويٰ نٿي ڪري سگهجي، البت ايترو چَئي سگهي ٿو ته جهڙيءَ طرح صدين کانپوءِ به شاهه لطيف جو ڪلام اڄ به تازه دم آهي ۽ جهڙيءَ طرح ڀٽائي ڪلاسيڪي ادب کي ڀليڪار ڪيو آهي، تنهن ۾ پهرين ترجيح اُهي حياتيءَ ۽ ڪائنات جي ارتقا جا ڪي دائمي قدر آهن، جن کي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ نهايت حسين انداز ۾ پُـوئيو آهي. اِهڙن قسمن جي سماجي ۽ حياتياتي قدرن کي لاثاني ڪمٽمينٽ ۾ ڪجهه هن طرح به بيان ڪري ٿو: مُون سِي ڏِٺا ماءِ، جِنين ڏِٺو پرينءَ کي، رَهي اَچجي رَاتڙي، تِـن جُنگن سندي جاءِ، تِنين سِندي ڪاءِ، ڪِري نه سگهان ڳالهِڙي. منهنجي خيال موجب شاهه لطيف ڪلاسيڪيت جو شاعر اُنهيءَ ڪري ئي آهي، جو هُـو ڪيفيتن جو شاعر آهي. هُن وٽ فڪر جا تضاد ڪونهن، پر انساني سڀاءُ جيان متضاد ڪيفيتون ضرور آهن. وڏي ڳالهه ته وٽس اعليٰ پايي جون ڪيفيتون آهن، جن کي جيڪڏهن بيان ڪري ته هوند وڻَ ٻَــري وڃن ۽ ساوڪَ اُڀري ئي ڪانه.!؟ حقيقت هِن حالَ جي، جي ظاهرُ ڪَريان ذري، لڳي ماٺ مِــــرُن کي، ڏونگرَ پَــــوَن ڏِري، وَڃن وَڻ ٻَــري، اُوڀَـــر اُڀــِري ڪِينڪي. شاهه لطيف دائمي قدرن جي تحليل ڪرڻ وارين ڪيفيتن ۽ ناقابل بيان ڪيفيتن واري احساس مان جڏهن گُذري ٿو، تڏهن اهڙين ڪيفيتن ۽ احساسن کي دائميت بخشڻ جو درس پڻ ڏئي ٿو: نِهائينءَ کان نينهُن، سِکُ مُنهنجا سُپرين! سَڙي سارو ڏِينهُن، ٻَـهَـرِ ٻـاڦَ نه نِڪري. احساساتي قدرن ۽ ڪيفيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جڏهن سميٽي ٿو، تڏهن اُهي ڪيفيتون به شاندار بڻجي وڃن ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح سندس فڪر آفاقيت جي معراج ڏانهن سفر شروع ڪري ٿو، ڇا دنيا جي ادب ۾ ڪا اِهڙي سِٽ آهي؟ مَرڻ! مُون سِين آءٌُ، پُٺيءَ تو پنڌُ ڪريان! سماجي ڪميٽمينٽ جو اهڙو اظهار دنيا جي ڪنهن به شاعر وٽ ڪونهي. اهڙي ڪلاسيڪيت ۽ آفاقي قدرن جو اِهڙو تحفظ دنيا جي ڪنهن به شاعر وٽ ڪونهي. اُهو اعزاز صرف عظيم ترين شاعر شاهه لطيف وٽ ئي آهي. عبدالواحد آريسر چيو هو: ”جيڪا شاعري ۽ ادب پنهنجي اهميت هر سماج ۾ قائم رکي، جيڪو ادب ڪائناتي اُصولن جي روشنيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، ۽ ايندڙ زمانن تي محيط هُجي ٿو، جيڪا شاعري دنيا جي انقلابن، تحريڪن ۽ حادثن جي باوجود هر زماني ۾ پنهنجو سحر قائم رکي ٿي، اُها شاعري ۽ ادب ”ڪلاسيڪي ادب“ چورائي ٿو.“ (1) محترم عبدالواحد آريسر جي اُنهيءَ ڳالهه مان اَنومانُ اُهو نڪري ٿو ته جيڪو ادب مستقبل ۾ پنهنجي آفاقيت نٿو وڃائي ۽ پنهنجي دؤر ۾ ڪن افادي بنيادن جو رواج وجهي ٿو اُهو ادب ڪلاسيڪي نهج تائين پهچي ٿو. شاهه لطيف پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري حوالي سان اهڙا ڪَئين بنياد قائم ڪيا، جن جي بنياد تي اڄ جي سنڌي ادب ۽ شاعري روان ۽ دوان آهن. فڪر ۽ فلسفي جي لحاظ کان شاهه لطيف سماج جا جيڪي آفاقي قدر جوڙي ٿو، تن ۾ دراصل نئين سنڌ جي نئين ترقي يافته سماج جي آئيڊيالاجي لڪل آهي، جيئن پاڻ چوي ٿو: هلو هلو ڪاڪَ تـڙين، جتي گَهڙجي نينهُن، نه ڪا راتِ نه ڏينهُن، سڀ ڪو پَسي پرينءَ کي. هڪ ٻيو بيت ڏسو، جنهن ۾ اهڙا ڪلاسيڪي ۽ فڪري بنياد سمجهڻ لاءِ ئي آهن: سِيوا ڪِر سمونڊَ جي، جِت جرُ وهي ٿو جالَ، سِوين وَهن سيرَ ۾، ماڻڪَ مُوتي لالَ، جي ماسُو جُڙيئي مالَ، ته پُـوڄارا پُـرِ ٿئين. سنڌ جي مستقبل واري سماج جي اڏاوت ۽ خاڪو به ڪجهه هن طرح پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان نه صرف آئيندي جي سائنس جي پيشنگوئي ٿيندي نظر اچي ٿي، پر ايندڙ نئين سنڌ جي آجپي جي تشڪيل ۽ نون رُجحانن ۽ نئين فڪري ادب ۽ ڪلاسيڪي ادب جي نين روايتن جا اهڃاڻ پڻ رُونما ٿين ٿا: جِـتِ نه پَـکيءَ پـيرُ، تِـت ٽِمڪي باهِڙي، ٻيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙڪيءَ کيرَ ريءَ. ٻئي طرف شاهه لطيف وٽ، ماضيءَ جي شاعرن جيان ڪلاسيڪي ادب جو تصور زمان ومڪان ۾ قيد ڪونهي. محترمه ج ع منگهاڻيءَ صاحبه پنهنجي هڪ مضمون بعنوان ”ڪونج نه پسي ڪک...“ ۾ لکي ٿي: (2) ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ اهڙو غير معمولي ۽ حيرت جهڙو بيمثال انسان آهي، جيڪو وقت جو محتاج ڪونهي، وقت جي هر پل تي سندس راڄ آهي، لطيف سائين وٽ ماضي، حال ۽ آئيندي جو ڪوبه قيد ڪونهي، هو رهنما آهي ڪالهه جو، اڄ جو ۽ سڀاڻ جو. سندس رهنمائيءَ جي ڪا حد ۽ مُدو ڪونهي، هاڻي اهو اسان جو ظرف ۽ پيمانو آهي ته لطيف کان ڇا ٿا وٺون يا حاصل ڪريون؟“ محترم تاج بلوچ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو: ”سرريئلزم هُجي يا ماڊرن ازم، جديد حسيت وارو لاڙو هجي، يا ٻيو ڪو نظريو، اُهي سڀ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ دل نشين پيرائي ۾ حيران ڪندڙ حد تائين موجود آهن. ايتري قدر جو يورپ ۾ اُهي سڀ لاڙا متروڪ ٿي چڪا آهن، پر ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ انهن سڀني لاڙن ۽ نظرين جو سنگم اڄ به شاندار ۽ جاندار نظر اچي ٿو...“ وڌيڪ ساڳئي مضمون ۾ تاج بلوچ لکي ٿو: ”اسان وٽ ڪلاسڪس کي پراڻي وکر جي معنيٰ ۾ ورتو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪلاسڪس جي معنيٰ آهي، اُهو تخليقي عمل جيڪو ماڻهن جي ميراث بڻجي، انهن جي زندگيءَ جو اَهم حصو ٿي وڃي، اهو عمل ئي ڪلاسيڪي تخليقي عمل آهي“. (3) منهنجي خيال مطابق مٿئين منهنجي بحث ۽ حوالن کان پوءِ ثابت ٿي وڃي ٿو ته: 1. ڀٽائي جي ڪلاسيڪيت جي عملي شڪل هن طرح آهي ته ڀٽائيءَ ڪائناتي سچ (Universal Truth) يا حياتيءَ جي آفاقي، سماجي قدرن کي ئي گهڻو ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ سَميٽيو پئي آهي ۽ جنهن جي عملي ۽ فڪري شڪل سندس شاعريءَ ۾ موجود سماجن جي حياتين جا ابدي، آفاقي ۽ سماجي قدر آهن. جيڪي اخلاقي، فڪري ۽ آفاقي قدر ڪڏهن به مرڻا نه آهن ۽ جيئرا رهڻا آهن، انهن قدرن جو موت سماج جو موت ئي ثابت ٿي سگهي ٿو. 2. ڀٽائيءَ جي تخليقي ڪلاسيڪي ادب جو تاڃي پيٽو ماضي، حال ۽ مستقبل تي منحصر آهي. 3. ڪلاسيڪي ادب جي اُنهيءَ وصف جي پيروي ڪجي ته، ”جيڪو ادب پنهنجي دؤر ۾ ڪي اهڙا فني ۽ فڪري بنياد ارپي، جن جي بنياد تي مستقبل جي تعمير ڪئي وڃي ته اُها ئي ڪلاسيڪيت آهي يا ڪلاسيڪي ادب آهي.“ ته پوءِ ڀٽائي مستقبل جي به مستقبل جو شاعر آهي ۽ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اُهي سڀ فني ۽ فڪري روايتون ۽ بنياد موجود آهن، جن جي بنياد تي اڄ جو جديد سنڌي ادب ترقي ڪري پيو. اڪثر نقادن جي خيال موجب، هيءَ هڪ فني تحريڪ آهي، جيڪا فنون لطيفه جي سڀني شاخن جو احاطو ڪري ٿي. سنگيت جي سُرن کي به ڪلاسيڪيت ڪوٺيو ويندو آهي. هيءَ تحريڪ يورپ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ اُڀري. هن تحريڪ کي جتي روم ۾ سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي، اتي هن تحريڪ کي انسان دوست به نه ڪوٺيو ويو، ڇو ته اُتي هيءَ تحريڪ بنيادي طرح بادشاهن جي ثناخوانيءَ واسطي هئي، پر ڀٽائيءَ وٽ اهڙي ڪلاسيڪيت قطعي ڪانهي. ڀٽائيءَ جي شاعري عوام جي پيڙهيل طبقي جي وڌيڪ نمائندگي ڪري ٿي. ڀٽائيءَ وٽ تصوف به ڪلاسڪ بڻجي ٿو ته سماجي وحدة الوجود وارو نظريو به ڪلاسڪ بڻجي وڃي ٿو، رومانيت به ڪلاسڪ بڻجي وڃي ٿي ته فڪر ۽ فلسفو به ڪلاسڪ بڻجي وڃي ٿو، اُنهيءَ ڪري ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو جيڪو فڪر ۽ فلسفو آهي، سو ئي ڪلاسيڪيت آهي. ڀٽائيءَ جو فن به ڪلاسيڪي آهي، پر اُهو به پنهنجي اٿاهه تخليقي عمل جي پائيداريءَ ڪارج آهي نه ڪي دنيا جي ادب جي ڪنهن فني تحريڪ جي روشنيءَ ۾ آهي. محترم ضياءَ شاهه لکي ٿو: (4) ”ڪلاسڪ Classic لغوي معنيٰ ۾ اول درجي تي رسيل عمدي شيءِ يا وٿ کي چئجي ٿو. ادبي دنيا ۾ ان ۾ هيٺيون خاصيتون آهن: (الف) پنهنجي دؤر جي فن ۽ موسيقيءَ جي اعليٰ معراج مطابق هجي (ب) آئيندي لاءِ مثال طور ڪتب ايندڙ. (ٻ) عوام ۽ خواص ۾ مقبول (ڀ) محفوظ ڪيل. شاهه لطيف جي شاعري نه صرف پنهنجي تخليقي جوهر ۾ مثال طور ڪتب اچي ٿي ۽ هر عام و خاص ۾ مقبول به آهي. نه صرف محفوظ ڪيل ۽ پائيدار شئي آهي، پر اُها پنهنجي دؤر جي سڀني ادبي، فني ۽ فڪري معيارن کان بلند ٿي، فن ۽ فڪر جا نوان پئمانا به جوڙي ٿي، جيئن ڀٽائي پاڻ چوي ٿو: پاڻ مَ کَڻج پاڻَ سين، ريءَ وَسيـلي وَڃُ، ڀِـيلو ڀِـيـري ڀَــڃُ، اُڪنڍَ کَڻ عميقَ ۾. هر ڪنهن تخليقڪار جي پنهنجي تخليقي دنيا هُجي ٿي. ڪلاسيڪي شاعري ڪندڙ شاعرن جي پنهنجي هڪ جدا تخليقي دنيا هئي ۽ اڄ جي تخليقڪار جي پنهنجي تخليقي دنيا آهي. ٻه الڳ دؤر آهن، الڳ ترجيحات آهن، جيڪي فني به آهن ۽ فڪري به آهن. جيڪڏهن اڄ جي جديد سنڌي ادب ۾ ماضيءَ جون فني ۽ فڪري ڪلاسڪ شيون نه هونديون ته اڄ جو سنڌي ادب پنهنجي ماضيءَ جي فني ۽ فڪري تسلسل کان ڌار ٿي ويندو، جنهن ڪري اسان کي ماضيءَ جي سڀني روايتن کي نئين ادب سان سلهاڙڻو پوندو. ضرورت اُنهيءَ ڳالهه جي آهي ته ڀٽائيءَ صاحب جي ڪلاسيڪي ادب ۽ شاعريءَ جي نه رڳو پيروي ڪريون، پر اُنهيءَ کي نئين ادب ۾ تحليل پڻ ڪريون. اُهو ئي ڀٽائيءَ جو پيغام ٿي سگهي ٿو: گُولا جي گراهَه جا، جُوٺـا سِي جُــوڳي، ڦِـٽَـلَ سِي ڦُـوڳي، جِن شِڪَـم سانڍِيا. حوالا: 1. آريسر، عبدالواحد: انٽرويو ----- ماهوار ”سنڌ رويو“، ڪراچي. 2. ج ع منگهاڻي: مضمون: ”ڪونج نه پسي ڪک...“ ماهوار ”پيغام“، ڪراچي. 3. تاج بلوچ: مضمون: ”شاهه جي شاعريءَ ۾ پيڙا“، تحقيقي جرنل، مارچ، 2005ع. 4. ضياءُ شاهه: خط، ماهوار ”سوجهرو“، جنوري، 2007ع.