ڀٽائي ۽ جماليات : خليق ٻگھيو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀٽائي ۽ جماليات

    خليق ٻگھيو

    عالمي ادب ۾ ٻه مڪتبهءِ فڪر آهن. پهرئين مڪتبهءِ فڪر مطابق ”بهترين ادب اُهو آهي، جيڪو فڪر سان وابسته هجي“ ۽ ٻئي مڪتبهءِ فڪر جي مطابق ”شاهوڪار ۽ عظيم ادب اُهو آهي، جنهن جي پهرين ترجيح فڪر نه پر فن هُجي“ ٻنهي جو پنهنجو پنهنجو نقطئه نظر آهي، پر اُنهيءَ حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ادب جو فڪر به تيستائين ڪو انقلاب آڻي نٿو سگهي، جيستائين ادب جو فن خوبصورت ڪونهي، جڏهن ته فن جي خوبصورتي محض سطحي فن تي انحصار نٿي رکي، پر اها تخليقڪار جي وجدان سان به پنهنجو تخليقي رشتو استوار ڪري ٿي. ادب جو پهريون تعلق هڪ تخليقڪار جي اندروني اک سان هُجي ٿو، هڪ تخليقڪار خارجيت مان اُتساهه ته حاصل ڪري ٿو، پر اُهو اتساهه تخليقي عمل جي ارتقا ڏانهن تيستائين نٿو وڌي، جيستائين سندس اندروني خوبصورتي ان ئي عمل سان هم آهنگ نٿي بڻجي. اُنهيءَ ڪري دنيا جهان جي ادب ۾ ”ادب براءِ زندگيءَ“ جي تصور سان گڏوگڏ ”ادب براءِ فن“ جو نظريو به نظر اچي ٿو. ”ادب براءِ ادب“ جو نظريو فن تي بحث ڪري ٿو. فن پنهنجي فطري رُوح ڏانهن تڏهن ارتقا ڪري ٿو، جڏهن هڪ تخليقڪار جي سڀني صلاحيتن جو انحصار تخليقي هُنر ڏانهن هُجي. تخليقي هنر جتي شعوري جدوجهد جو محتاج آهي، اُتي اُهو پنهنجو سفر لاشعور کان تحت الشعور ڏانهن به ڪري ٿو، پر مرڪزي خيال هيءَ آهي ته ڪابه تخليق پنهنجي فطري جوهر ۾ تخليقي عظمت ڏانهن تڏهن وڌي سگهندي يا تڪميل ۽ سڦلتا جي مقام تائين رسندي، جڏهن فن ۾ خوبصورتي پيدا ڪئي ويندي. اعليٰ فن نه صرف فڪر ۾ حُسن پيدا ڪري ٿو، پر آرٽ جي سڀني گُهرجن جو به پورائو ڪري ٿو، اُنهيءَ ڪري جمالياتي نقادن وٽ فن پهرين آهي، فڪر پوءِ! بنا فن جي فڪر هڪ سماجي پمفليٽ ٿي پوندو آهي، جيڪو بي سواد ۽ سطحي بڻجي وڃي ٿو، اُنهيءَ ڪري هڪ تخليقڪار جي پهرين ڪوشش اُها هُجي ته هُـو پنهنجي فن ۾ فني سُونهن جا تجربا ڪندو رهي، ڇو ته فن ۾ جيتري وحدت هوندي، اُوترو ئي پُرڪشش ٿيندو ويندو. فن ۾ جيتري وسعت ۽ جامعيت هوندي، اهو اوترو ئي شاهڪار بڻجندو ويندو ۽ اُها سموري وحدت ۽ وسعت هڪ تخليقڪار کي مختلف فني تجربن ڏانهن وٺي ويندي.
    اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪُ ڪونهي ته ”ادب براءِ زندگيءَ“ جو مول ۽ متو هيءَ آهي ته ادب حياتيءَ واسطي هُجي ۽ ادب ”سماجي انقلاب“ جو پيش خيمو هجي، پر ”ادب براءِ ادب“ جي حمايتي نقادن جو خيال آهي ته ادب براءِ زندگيءَ جو نظريو فن تي پابندي عائد ڪري ٿو ۽ فني آزاديءَ واري تصور کي اَثرائتي نموني متاثر ڪري ٿو، جڏهن ته هڪ تخليقڪار ڪنهن به سماجي نظرئي جو محتاج ڪونهي، نه ئي ڪو ڪوي ڪنهن انقلاب جو ڪو ٺيڪيدار آهي. هنن جي خيال مطابق فن جو معراج تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن فنڪارُ پنهنجي پُورهئي ۾ آزاد هُجي ڇوته فنڪار زمان و مڪان جو قيدي ڪونهي، فنڪارپنهنجي فطرت ۾ داخليت پسند وڌيڪ هوندو آهي. ”فن براءِ فن“ ۽ ”فن براءِ زندگيءَ“ جو اُهو بحث جديديت جي ادبي تحريڪ ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي وچ ۾ فڪري تضاد جي صورت ۾ زنده رهيو آهي.
    ڪن نقادن جي نقطئه نظر مطابق ادب براءِ ادب جو نظريو وڌيڪ درست اُنهيءَ ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته فن جو مقصد اُهو هوندو آهي ته ماڻهو رُوحاني لطف حاصل ڪري سگهي. ادب جيئن ته فنونِ لطيفه جي شاخ آهي، اُنهيءَ ڪري اَدب جي تخليق جو فن اهڙو هُجي جيڪو تسڪين جو باعث هجي، تفريح به مُهيا ڪري، جنهن ۾ ”رس چس“ يا مٺاس به هجي، شائستگيءَ ۽ چاشني به هجي، مزو به هُجي ته خوشي به هجي. هنن جي خيال مطابق ادب، لطافت، تشنگي ۽ نزاڪت جو آئينو هجي ۽ جنهن ادب مان ڪوبه حظ حاصل ڪونه ٿو ٿئي، سو اَدب فني طرح ڪڏهن به عظمت ڀريو سڏي نٿو سگهجي.
    فنَ جي اهڙي تبليغ ۽ ترويج کانپوءِ ادب جو هڪ ٻيو پاسو ”جماليات“ به روز بروز مشهور ٿي رهيو آهي. جماليات ”جمال“ مان نڪتل آهي ۽ جماليات جي اصطلاحي معنيٰ ”سُونهن واريون ڳالهيون“ وڃي بيهي ٿي. جماليات ڪنهن به ادبي تخليق جو اُهو فني قدر ۽ نظريو آهي، جيڪو ”ادب براءِ ادب“ يا ”فن براءِ فن“ ڏانهن ئي وٺي وڃي ٿو. هن قدر جو سڀ کان وڏو مبلغ ”آسڪر وائيلڊ“ آهي، جنهن وَڏي وَاڪي چيو هو ته ”ادب جو دنيا جي حالتن سان ڪوبه مطلب ڪونهي. اگر ڪا ادبي تخليق پڙهندڙ تي پنهنجو جمالياتي تاثر قائم نٿي ڪري ته اُها فني نقصَ سان ڀَــريل آهي، ڇو ته ڪنهن به ادبي تخليق جو هڪ ئي مقصد ”جماليات“ هُجي ٿو.‘‘
    روم جي نقاد موريس جماليات کي ئي ادب لاءِ سڀ ڪجهه نه سمجهيو. هن بهترين نقاد جو خيال هو ته ”ادب براءِ ادب“ جو ڪوبه مقصد ڪونهي. هن جي تنقيدي رجحان مطابق ”ادب ۾ سماجي نظريو سڀ کان اول آهي، ڇو ته ادب هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو روزاني ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي هجي ٿو.“ انهيءَ ڪري ئي انگريزي شاعر شيلي کي بي اثر ڪوٺيو ويو. ادب ۾ جماليات جي برعڪس مقصديت جو نظريو به متعارف ڪيو ويو. هن ”ادبي مقصديت“ کي گهڻيءَ کان گهڻي اهميت برنارڊشا ۽ ايزرا پائونڊ جي پاران حاصل ٿي. برناڊشا ئي شڪسپيئر جي ناٽڪن کي رد ڪيو هو. هن جو خيال هو ته شڪسپيئر وٽ ڪابه ”ادبي مقصديت“ ڪانهي.“ جماليات جي فني قدر کي هڪ ٻئي تنقيدي رجحان اشاراتي يا علامتي رجحان (Symbolical) جي ڪري به هَـٿي ملي. هن تنقيدي رجحان مطابق ادب ۾ ڪابه سڌي ڳالهه نه ڪئي وڃي ٿي، پر علامتن جي ٽيڪ ورتي وڃي ٿي.
    تاريخ نويسن جي خيال مطابق ادب جي دنيا ۾ هيءَ علامتي تحريڪ ويهين صديءَ ۾ فرانس کان شروع ٿي. فرانس ۾ ادبُ انقلاب بنجي آيو، جنهن جي نتيجي ۾ فرانس جي ”جاگيرداري دور“ جو خاتمو ٿيو. هن رُجحان اصل ۾ جماليات کي اُنهيءَ ڪري سگهه بخشي جو ان وقت اوليت اهڙي ادب کي به ڏني وئي هئي، جيڪو انساني جذبي ۽ احساسن کي جاڳائي، جڏهن ته جماليات به هڪ اهڙو نظريو، تصور ۽ لاڙو هو، جنهن جي وسيلي سُونهن جي ساراهه ڪري انساني جذبي جي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
    ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ادب ۾ جيڪا نفسياتي تحريڪ اُڀري، تنهن به جمالياتي ادب کي سگهه عطا ڪئي هئي. سگمنڊ فرائيڊ جي ”نفسياني ڇيد“ تخليقڪار جي جمالياتي حِس جون نيون صورتون حاصل ڪري ورتيون هيون. فرائيڊ جي ”تحليل نفسيءَ“ نه صرف ادب ۾ ”رُومانوي تحريڪ“ کي اَڻ سڌيءَ طرح مضبوط ڪيو هو، پر سُونهن جي تشريح جا جيڪي به ٻيا تصور ايجاد ٿيا، اُنهن نه صرف جماليات جي فن ۾ اضافو ڪيو، پر ان جي اندروني ربط کي به ظاهر ڪيو، پرائوسٽ ۽ جوائس جا تجزياتي اسلوب بي مثل هئا، جنهن جي ڪري يورپ جي تخليقڪارن ۾ هڪ طرف اُهو رجحان آيو ته انساني ذهني صحت ۽ سُڪون خود انسان جي لاشعور سان وابسته آهي ايئنءَ لاشعوري وابستگين ۾ حُسن جي به جستجو شروع ٿي وئي. جيڪا کين جماليات ڏانهن وٺي ٿي آئي.
    آرٽ ۾ جيترو حُسن هوندو، اوترو ئي آرٽ پنهنجي بنيادي نقطئه نظر ۾ سگهارو بڻجندو ويندو. ان خيال موجب آرٽ جي فني عظمت خود آرٽ جي حُسن ۾ پُـوشيده هجي ٿي. سُونهن جو فلسفو پنهنجي سادي وصف کان وٺي فلسفي جي پيچيدگين ڏانهن وڌڻ جو پڻ اعتراف ڪري ٿو، اُنهيءَ ڪري حسن يا سُونهن جون ڪيتريون ئي بنيادي، عقلي، سائنسي، فڪري ۽ ادراڪي وصفون، تشريحون ۽ وضاحتون آهن، جيڪي جيئن پوءِ تيئن دقيق ۽ ڏکيائپ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون، پر سُونهن جي بنيادي فلسفي جي ادراڪ کانسواءِ جماليات جي جوهر کي ڪڏهن به سمجهي نٿو سگهجي.
    سنڌي شاعريءَ جي اساسي توڙي جديد فن ۾ جماليات جي ڪا کوٽ ڪانهي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌي شاعريءَ جي اندر جيڪا به جماليات آهي، اها سنڌي سماج جي مروج اُصولن جي پابند آهي، ڇو ته هر سماج جي پنهنجي ارتقا ۽ ”ثقافتي انفراديت“ هُجي ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا به جماليات آهي، تنهن ۾ ”تمثيلي فن“ جو هڪ وڏو ڪردار آهي جتان علامتي اظهار ڦُـٽي نڪرن ٿا، جنهن جي ڪري سنڌي شاعريءَ جي جماليات ڪنهن حد تائين هڪ ”پابند جماليات“ آهي، جيڪا پنهنجي تخليقي پهلوئن ۽ رخن جون سمتون خود پاڻ طئه ڪري ٿي. ڀٽائيءَ کان اڳ توڙي ڀٽائيءَ کانپوءِ واري سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات جي فن جا ڪئين تصور ۽ رجحان آهن، ڀٽائيءَ جو ادب پنهنجي فني وُسعت ۽ فڪري گهرائيءَ ۾ ”ڪلاسڪ“ جو بلند مقام ڇُهي ٿو، جتان ڪَئين فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻا آبشارَ ڦُــٽن ٿا، ۽ آرٽ جون گُهرجون پوريون ٿين ٿيون ۽ آرٽ بابت ڪي نوان انڪشاف ٿين ٿا، جنهن جي ڪري ڀٽائي انساني جمال جو شاعر آهي.
    هڪ تخليقڪار جي حيثيت سان ڀٽائي ڪِٿي به ڪنهن ادبي نظرئي جو پابند ڪونهي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اُنهيءَ ڪري ”ادب براءِ زندگي“ به آهي ته ”ادب براءِ ادب‘‘ جو تصور به آهي، هُو ڪنهن به فني تجربي کي آخري قرار نٿو ڏئي، اُهو ئي ڪارڻ آهي جو ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ فڪري سطح تي ادب براءِ زندگيءَ جي نمائندگي به ڪري ٿو ۽ فني سطح تي ادب براءِ ادب جي تصور جي پيروي به ڪري ٿو، جنهن جي ڪري هُـو ٻنهي ادبي تصورن (جيڪي تصور نظريا به بڻجي ويا) جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري ٿو. ڀٽائيءَ جو هڪ اهڙو بيت پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ مٿئين نقطن کان سواءِ جمالياتي تجربو پنهنجي ”علامتي اظهار“ ۾ جلوه افروز آهي:
    سارنگ سا ئي سِٽَ، جهڙي لالي لاکَ جي،
    اِئن سي اُٻُن اَنگيا، جئن سي چُنيءَ چِـٽَ،
    برسيو پاڻي ڀِٽَ، ڀريائين ڪُنَ ڪراڙَ جا.
    (سُر سارنگ)
    مٿئين بيت ۾ فني حُسن ڀرپور آهي. مينهن جي حُسناڪيءَ جي منظرڪشي آهي، ڪڪرن جي چٽن ۽ رنگن کي لالاڻ جي علامت ۾ عڪس بند ڪيو ويو آهي، رنگين پوتيءَ جي گُلڪاريءَ ۽ ڀٽ شاهه وٽ ڪراڙ نديءَ جي تارين ڀرڻ واري اظهار ۾ زبردست جماليات پنهان آهي.
    اَڇَو پاڻي لُـــڙُ ٿيو، ڪالُـوريُو ڪَنگنِ،
    اِيندي لَڄَ مَـرن، تنهن سَــرَ مَٿي هَـنجـڙا!
    (سُر ڪارايل)
    هتي ڪنگن ۽ هنجُن جي تمثيل ۾ شَر ۽ خيرَ جو خوبصورت تضاد هڪ طرف آهي ته ٻئي طرف فطرتي جماليات کي پڌرو ڪيل آهي.
    فرانس جو مشهور فلسفي ڪانٽ پنهنجي طبيعت ۾ نهايت رُومانٽڪ هو، هن جتي محبت جي فلسفي جي جمالياتي تشريح ڪئي، اُتي سُونهن جي متعلق به ڪَئين گُوهرافشانيون ڪيون. هُـو چَوي ٿو ته ”سُونهن فرد جي داخليت جي تحريڪ آهي ۽ فرد جي محبت، فرد جي داخلي حسن جو پرتُــوو آهي.“ هُـو وڌيڪ چَوي ٿو ته ”سُونهن خارجيت ۾ ڪانهي، پر سُونهن اندروني Subjective Beauty آهي.“ هُن جي فلسفي جي مطابق ”ماڻهو فطرت جي رنگينيءَ سان اُنهيءَ ڪري پيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي اندران نهايت خوبصورت آهي، اُهو ئي ڪارڻ آهي، جو ماڻهو فطري حُسن کي پسند ڪري ٿو ۽ اُن جي ساراهه ڪري ٿو.“
    ڀٽائيءَ جي آرٽ ۾ داخلي سُونهن به آهي ته خارجي پڻ آهي. هُـو سکڻيءَ، بي سواد، بي فڪر سُونهن جا تصور پيش نٿو ڪري، پر فطرت جي سُونهن، انساني سُونهن ۽ تخيل جي سُونهن جي ميلاپ سان عظيم جمالياتي ادب تخليق ڪري ٿو، ڀٽائي جتي پنهنجي جماليات جا عڪس فطرت مان پَسي ٿو، اُتي اها سُونهن فطرت ڏانهن منسوب به ڪري ٿو، هُو مُندن جي تبديلين کي به اندر جي موسم سان ڳنڍڻ جي تخليقي ۽ شعوري ڪوشش ڪري ٿو، جيئن فرد جي اندر جي ذات جي سُونهن به ظاهر ٿئي ته رُوح جو سمورو دردُ به حسن جي بي بها ۽ بي پناهه وسعتن ۾ پناهه وٺي سگهي. هڪ تخليقڪار جي فن جي اُها وڏي تخليقي ڪاميابي هجي ٿي ته هو باوجود درد جي ڪيفيت پڙهندڙ يا ٻڌندڙ ذات ۾ خوشيءَ وارو اُتساهه پيدا ڪري.
    لڳي اُتــرَ اُوهـريا، واهُوندي وَرَن،
    آئون گهڻو ئي گُهوريان، سُودو سامُونڊينِ،
    اڱــڻ جي اَچَــنِ، عيدَ ورتي اُن کي.
    (سُر سامونڊي)
    جيئن ڀٽائيءَ جي جمالياتي فن جا سوين پهلو آهن، تيئن هڪ پهلو هيءَ به آهي ته ڀٽائيءَ وٽ ٻوليءَ جي خوبصورتي به آهي. هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان هو پنهنجي شاعريءَ ۾ فني قدرن جا تجربا ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت ٻوليءَ جو حسن به پيش ڪري ٿو. سندس ٻوليءَ جي سُونهن سندس جمالياتي اظهار ۾ وڌيڪ نکار آڻي ٿي.
    جڳ مشهور فلسفي اسپنوزا جو خيال هو ته سُونهن جي بنيادي تشريح هيءَ آهي ته. ”سُونهن خدا تائين پهچڻ جي هڪ حقيقت آهي.“ ڀٽائي پنهنجي فن جي هڪ نئين پهلوءَ ڏانهن پڻ راغب ٿيندو نظر اچي ٿو، جيڪو پهلو سڌو سنئون سندس جمالياتي ذوق جو آئينو آهي. هن پهلوءَ جي مطابق ڀٽائيءَ سُونهن جي ردعمل ۾ انساني احساسن جي انقلابن جي ڳالهه ڪري ٿو. ڀٽائي سُونهن جا تخليقي تجربا ڪري ٿو، ۽ فني سطح تي سُونهن جي ڪيترن ئي رنگن ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ تجنيس حرفيءَ جو ڪمال الڳ موجود آهي.
    جا هَـڙَ اندر جي، ساهَڙَ ڏنِي ساهَه کي،
    سا هَـڙ ڇُڙي نه ساهَه جي، سا هَـڙ ساهڙ ريءَ،
    ساهَـڙَ ميڙ سَميعَ! ته سا هَـڙَ ڇُڙي ساهَه جي.
    (سر سهڻي)
    ڪائنات جي اَندر سموريون بهارون سُونهن جي ڪري ئي آهن، اُنهيءَ ڪري ڀٽائي سُونهن کانسواءِ هلڻ کي بيڪار سمجهي ٿو.
    سُونهن وڃايَم سُومرا! ميرو مُنهُن ٿيوم،
    وَڃَــڻ تِـتِ پـيومِ، جِت هَلـڻُ نـاهه حُسنَ ريءَ.
    (سُر مارئي)
    حُسن جو اهو ڪهڙو فطري جوهر آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي دنيا جي شديد ذهني ۽ سماجي دٻاءَ کان پناهه فراهم ڪري ٿو؟ ڇا سُونهن هڪ ابدي حقيقت آهي؟ ڇا سُونهن محض ”مادي وجود“ قائم ڪري ٿي؟ ۽ سُونهن جا سڀ لقاءَ خارجي آهن!؟ يا سُونهن هڪ اندروني قدر Subjective Value به آهي؟ اِهي سڀ فلسفي جا سوال آهن، جن جون سرحدون نج فلسفين ڇُهيون آهن. ٻئي طرف ’’اثريت پسندن‘‘ جي نظرئي مطابق سُونهن هڪ معروضي حقيقت Objective reality يا ٻاهرين حقيقت آهي، جيڪا عشق ۽ محبت جا احساساتي بنياد جوڙي ٿي ۽ جڏهن فطرت توازن ۾ هُجي ٿي، تڏهن اها سُونهن بڻجي وڃي ٿي. هنن فلسفين جيڪو وڏو ڪمال ڪيو آهي، سو هيءَ آهي ته اُهي سُونهن کي موزونيت سان جوڙين ٿا. هڪ آرٽسٽ جيتري قدر وسيع ”تخليقي ڪئنواس“ رکندڙ هوندو اوترو ئي نظرين، فڪرين ۽ فلسفن ۾ ”فڪري آزادگيءَ“ جو اظهار ڪندو، پر دنيا جي جينس فلسفين ۽ آرٽسٽن جي نڪتئَه نظر ۾ ڪيتريون ئي هم آهنگيون هُجن ٿيون، اُنهيءَ ڪري ڀٽائي به سُونهن جي خارجيت کي ڌڪاري نٿو، پر فطرت جي فطري توازن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پَـلٽي تخليقي جماليات تخليق ڪري ٿو.
    مُندَ ٿي مَنڊلَ مَنڊِيا، تاڙي ڪِي تَـنـوارَ،
    هارين هَـرَ سَنباهيا، سَرها ٿيا سَنگهارَ،
    اڄُ پڻ مُنهنجي يارَ، وَسڻَ جا ويسَ ڪيا.
    (سُر سارنگ)
    ڀٽائيءَ هڪ شاعر جي حيثيت سان پنهنجي شاعريءَ جي اندر جماليات کي ڪيئن ورتايو آهي؟ هُن وٽ حُسن جا ڪهڙا معيار هئا؟ هُن جي تخيل ۾ حُسن جي دلڪشيءَ جا ڪهڙا منظر هئا؟ هن ڪائنات جي حسن جون ڪهڙيون ڪهڙيون تشريحون ڪيون آهن؟ ۽ پنهنجي تخليق ۾ سُونهن جا ڪهڙا ۽ ڪيترا رنگ ڀريا؟ ڇا ڀٽائيءَ جي فني ۽ فڪري جماليات کي اولهه جي فلسفين جي سُونهن بابت وصفن سان تقابلي اڀياس ڪري ڀٽائيءَ جي ”جمالياتي حس“ جي انفراديت طئه ڪري سگهجي ٿي؟ يا سندس ”جمالياتي فڪر“ کي ڪا منظم صورت بخشي سگهجي ٿي؟ اُهي سڀ تنقيدي اڀياس جا وڏا فڪري سوال آهن، پر ڏسڻو اُهو آهي ته اولهه جا فلسفي، توڙي دنيا جا ٻيا فلسفي ۽ مفڪر سُونهن يا حُسن جون ڪهڙيون تشريحون ڪن ٿا ۽ ڀٽائيءَ جي جمالياتي نظرين جي انهن فلسفين جي فلسفي سان ڪهڙي حد تائين ويجهڙائي آهي، اُنهيءَ کان اڳ جماليات جي سادي تشريح هيءَ آهي ته:
    ”ادب يا شاعريءَ ۾ حُسن جي ساراهه کي جماليات ڪوٺيو وڃي ٿو.“ هڪ ٻيءَ وضاحت مطابق، ”ادب ۾ جماليات جو مقصد حسن يا سُونهن جو اڀياس آهي.“ ڀٽائي جماليات جي سادي ۾ سادي تشريح سُر کنڀات ۾ به پيش ڪري ٿو. جڏهن هُو تخليقڪار جي حيثيت سان حسن کي پنهنجي تخليقي زاويي ۾ ڏسي ٿو:
    کڻي نيڻَ خُمارَ مان، جَـان ڪيائون نازُ نظرُ،
    سُورج شاخُون جَهڪيون، ڪُوماڻو قمرُ،
    تارا ڪَتيون تائبُ ٿيا، دِيکيِندي دلبرُ،
    جَهڪُو ٿيو جوهُـر، جانبَ جي جَمال سِين.
    (سُر کنڀات)
    هڪ عظيم تخليقڪار جي حيثيت ۾ ڀٽائيءَ وٽ سُونهن جا منفرد جلوا آهن، جيڪي سندس فني ڪمال واضح ڪن ٿا. ڀٽائيءَ جو ”حس ادراڪ“ اهڙو ته لطيف آهي، جو هو هڪ ڪامياب تخليقڪار جيان حسن جا ڪئين پردا کوليندو ٿو وڃي. هُو حسن جي رنگينين ۾ جمالياتي ادب جا رنگَ ڀَري ٿو:
    سهسين سِڄَـن اُڀُـرنِ، چُـوراسي چَنڊنِ،
    بالله ري پرينِ، سڀُ اُونداهي ڀانئيان.
    (سُر کنڀات)
    ڀٽائيءَ جي آرٽسٽڪ نگاهه جي وڏي خاصيت هيءَ به آهي ته هو جتي سُونهن کي پنهنجي تخليقي زاويي ۾ ڏسڻ جي تبليغ ڪري ٿو، اُتي پنهنجي آرٽ جي سَگهه سان سُونهن سان هڪ غير معمولي ڪمٽمينٽ به رکي ٿو، جيڪا عظيم تخليقڪار واسطي ضروري هُجي ٿي. ڀٽائي هڪ شاعر يا آرٽسٽ جي حيثيت سان سُونهن جي گهڻي ساراهه ڪري ٿو:
    چوڏهينءَ چنڊَ! تون اُڀرين، سَهسين ڪرين سينگارَ،
    پَلڪ پَريان جي نه پَڙين، جي حيلا ڪرين هزارَ،
    جهڙو تون سڀَ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دُوستَ جو.
    (سُر کنڀات)
    ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ جيڪي جمالياتي قدر آهن، سي سڀ سندس فڪرِ نظر جا مرهون منت آهن. هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ ڀٽائي حُسن جي ترتيب ۽ تنظيم به ڪري ٿو، اُها ئي ڀٽائيءَ جي جمالياتي ادب ۾ منفرد يا انفرادي خصوصيت آهي، جيڪا کيس دنيا جي سڀني آرٽسٽن کان مٿانهون مرتبو عطا ڪري ٿي.
    جيستائين سُونهن جي بنيادي فلسفي جي سائنسي تصورن جو ڇيد نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ادب ۾ جماليات جي فني ۽ فڪري رجحان تائين به رسائي حاصل نٿي ڪري سگهجي. ڪن فلسفين اُهو بار بار سوال اُڀاريو آهي ته سُونهن ڇا آهي يا حسن جي ڪهڙي وصف مطمئن ڪندڙ آهي؟ اُها حسن جي ئي سگهه آهي، جيڪا ڪائنات جي سڀ کان اعليٰ مظهر محبت جو بنياد آهي ۽ محبت جي اثري ڪيفيت اِهڙي هُجي ٿي، جيڪا ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو اُهڃاڻ بڻجي وڃي ٿي. فرد محبت جي شديد ڪيفيت کان متاثر ٿي، حسن جي ”فطري جوهر“ يا رُوح ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، محبت جي سگهه فرد کي سُونهن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري وٺي ٿي. هن ڏس ۾ ’’تاثراتي نظريي‘‘ جي نقادن جو خيال آهي ته سُونهن حقيقت ۾ خارجي موزونيت آهي، جيڪا فرد جي لاشعور تي جيڪو اثر قائم ڪري ٿي، اُهو فرد جي ذات ۾ روشن ۽ مثبت تبديلين جو پيش خيمو ثابت ٿئي ٿو. سُونهن جي اها هڪ اعتدال پسند وصف آهي، جنهن کي اولهه جا ملڪ تسليم ڪن ٿا ۽ ننڍي کنڊ جي روايتي سماج جي اندر به اُن کي قبول ڪرڻ ۾ ڪا قباحت محسوس نٿي ڪئي وڃي. هونئن به اُها حقيقت آهي، ته آرٽسٽ پنهنجي تخليق جو اُتساهه خارجيت مان حاصل ڪري ٿو، تڏهن ئي سندس داخلي ڪيفيت ۾ انقلابي تبديلي رُونما ٿئي ٿي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خوشي ۽ غم جو خام مال خارجيت ۾ پوشيده هُجي ٿو. ڀٽائيءَ جي جماليات ۾ به اُهي فلسفياڻا نقطا اُڀري نروار ٿين ٿا، جيئن فطرت جي خارجيت کي ڀٽائي اُتساهه جو وسيلو سمجهي، خارجي منظرن مان ڪجهه هن طرح جماليات جو تجربو پسائي ٿو:
    سَـرَ نِـسريا پاندَ، اُتـر لڳا آءُ پرين!
    مُون تو ڪارڻ ڪانڌَ! سَهسين سُکائون ڪيون
    (سر سامونڊي)
    مشهور فلسفي رُوسو جو سُونهن جي متعلق خيال آهي ته ”سُونهن ڏانهن واپس ورڻو آهي ته فطرت ڏانهن واپسي ڪجي، جتي فطري حسن انساني محبت جو بنياد قائم ڪري ٿو.“ اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته هر فلسفيءَ جي فلسفي جو پنهنجو دؤر هوندو آهي، ڇو ته هڪ فلسفي به پنهنجي دؤر جي سماجي حالتن جي پيداوار هوندو آهي، اُنهيءَ ڪري رُوسو جي فلسفي جا تصور پنهنجي دؤر جي پس منظرن کان ڌار ڪونهن، رُوسو جي فلسفي جو نفسياتي ڇيدُ ڪجي ته اُهو صنعتي حياتيءَ ۽ شهري حياتيءَ کان بيزاريءَ جو ردعمل آهي، ڇو ته اُن ۾ ماڻهو هڪ مشين يا رُوبوٽ بڻجندو وڃي ٿو ۽ کانئس سڀ فطري رُجحان موڪلائي وڃن ٿا. ڀٽائيءَ جي آرٽ ۾ فطرت جي حسن جي جهلڪ هر پهلوءَ کان جهلڪي ٿي.
    نڪو سُک نکٽين، نه ويساند نَـئين،
    جيڪا اچيئي سامُهين، ڀانئين سا سنئين!
    مُوڙي ڪُوهه مَئين؟ جئن سڄيون راتيون سُمهين.
    (سُر سريراڳ)
    مٿئين بيت مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي فطري سڀاءَ ۽ فطري نظارن جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿو. بيت جي اندر ڀٽائيءَ جي آرٽسٽڪ نگاهه جو اُهو ڪمال آهي ته هُـو ڄاڻي ٿو ته تارا گردش ۾ آهن، اُنهن جي اُن عمل کي خوبصورت انداز ۾ تشبيهه طور کڻي چوي ٿو ته اهي بيچين آهن، انهن کي سُک ڪونهي، آرام ڪونهي. اهڙيءَ منظر ۾ هڪ سجاڳ رُوح ڪيئن ٿو ننڊون ڪري سگهي؟ ساڳيءَ طرح فطرت مان سُونهن جو ادراڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو مثال ڏسو!!.
    هيٺ جَرُ مٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وڻراههَ،
    اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
    لڳي اُتَـرَ واءَ، ڪينجهر هِندورو ٿِئي.
    (سُر ڪاموڏ)
    ڀٽائيءَ وٽ سُونهن جو اُهو تصور امر آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي داخلي احساسن کي به متحرڪ ڪري سگهي.
    اڱڻ تازي ٻَهَر ڪُنڍيون، پَکا پَٽ سُنهن،
    سُرهي سيج پاسي پرين، مَـرُ پيامينهن وَسن،
    اسان ۽ پَــرين، شالَ هُون بَرابرِ ڏِينهَـڙا!
    (سُر سارنگ)
    هن بيت ۾ ٻاهر جو، خارج جو حُسن ڪيئن نه پيار ڪندڙ ماڻهوءَ کي موهي ٿو وجهي؟ اُولهه جا ڪيترا فلسفي ۽ شاعرَ پنهنجي تخليق جي فن ۾ هڪ پاسائتا آهن، هنن وٽ فلسفو به هڪ هَـٽيءَ جو شڪار آهي، جنهن ڪري سندن فني صلاحيتون هڪ ئي فن جي سرچشمي مان سيراب ٿين ٿيون، پر ڀٽائيءَ جي عظمت اُها آهي، جو هو هڪ عظيم ترين آرٽسٽ جيان ڪنهن به تنگ فلسفي يا تنگ فڪر جي تنگ پيچرن ۾ محدود نٿو ٿئي. هُو فلسفي ۾ به انتهائي جامعيت جو حامي آهي. جيئن ڀٽائي ڪنهن به تخليقي زاويي کان محروم نظر ڪونه ٿو اچي، تيئن دنيا جي ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جو ڪوبه نعم البدل به نظر ڪونه ٿو اچي. هُو فطرت جي جماليات سان ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ جون اميدون وابسته ڪري ٿو ۽ جماليات جي اندر ڌرتيءَ سان هڪ سگهاري ڪمٽمينٽ پڻ واضح ڪري ٿو. ڀٽائيءَ جو هي بيت ڏسو:
    سارنگَ! سارَ لَهيج، الله لَـڳ اُڃِـيـنِ جي،
    پاڻي پُـوڄَ پَـٽـن ۾، اَرزِان اَنُ ڪِريج،
    وطنُ وَسائيج، ته سَنگهارن سُکُ ٿِـئي.
    (سر سارنگ)
    ڀٽائي سُونهن کي پهرين فضيلت عطا ڪري ٿو ۽ ان کي جمالياتي بک قرار ڏئي ٿو:
    نِيرانائي نيڻَ، نِيئي آڇ پريُــن کي،
    سَترِ کاڌا کيڻَ، جُه ڏِٺو مُنهن مَحبُوب جو.
    (سر آسا)
    ڀٽائي چنڊ کي به پرينءَ جهڙو نٿو ڪري. هُو فطرتي حُسن ۽ انساني حسن جي ڀيٽ ڪري ٿو. جمالياتي حسن جي اهڙن ٻن پاسن جي ڀيٽ سندس شاعريءَ جي جمالياتي رنگ آهنگ کي وڌيڪ پُراثر بڻائي ٿي:
    چنڊ چوانءِ سچُ، جي مَٺي نه ڀائيين،
    ڪڏهن اُڀرين سَنهڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳچُ،
    مُنهن ۾ ٻريئي مَچُ، تو ۾ ناهِ پِـيشاني پرينءَ جي.
    (سُر کنڀات)
    سُونهن بابت والٽيئر جو خيال هو ته ”سُونهن هڪ زنده ڪارنامون آهي.“ والٽيئر جو اُهو خيال ته سُونهن جي فطري جوهر جي تشريح ڪرڻ کان محروم آهي، پر دنيا جا ڪيترائي فلسفي سُونهن بابت ڪا حتمي يا ٺوس راءِ پيش ڪري نه سگهيا آهن، اُهوئي ڪارڻ آهي، جو اناطول فرانس (Anatole France) چيو هو ته “اسان اُهو ڄاڻي ئي نٿا سگهون ته سُونهن ڇا آهي ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري ڪا شيءِ سُهڻي لڳي ٿي؟” اناطول فرانس پنهنجي هن فلسفي جي اندر فرد جي لاشعور جي فڪري محرڪن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو.
    ڊارون چيو هو ته ’’سُونهن جا ڪي نسلي ۽ علائقائي پهلو به هوندا آهن.‘‘ اِهڙو پهلو ڀٽائي جي سر مارئيءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڀٽائي ماروئڙن جي پکڙن ۽ علائقي جي حسن جي جمالياتي اظهار کي هڪ نئون ۽ منفرد روپ ڏئي ٿو.
    اِيءَ نه مارُن ريتِ، جئن سَيڻ مَٽائن سُون تي،
    اَچي اُمرَ ڪُوٽ ۾، ڪنديس ڪانَ ڪُريتِ،
    پَـکن جي پـريتِ، ماڙيءَ سين نه مَـٽـيان.
    (سُر مارئي)
    جڳ مشهور فلسفي افلاطون جو خيال هو ته، ’’حسن معروضي حقيقت جو نالو آهي ۽ اهو هڪ اهڙو جوهر آهي، جنهن کي دائمي وجود آهي، ڇو ته هر حسن جي پٺيان هڪ ابدي جوهر به هُجي ٿو.‘‘ پر هيگل جو حسن يا سُونهن جي بابت تصور هو ته، ’’حُسن هڪ مطلق تصور آهي، جيڪو حواسن جي وسيلي پڌرو ٿئي ٿو.‘‘ فلسفي جي جڏهن وڌيڪ ارتقا ٿي ته مٿئين فلسفي کي به رد ڪيو ويو. نَــونِ فلسفين جو خيال هو ته جيڪڏهن حسن هڪ مطلق (Absolute) تصور آهي، ته پوءِ اُهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر اُها ڪهڙي حِس هوندي آهي، جيڪا حسن جو ادراڪ ٿي ڪري؟ ڇا حُسن پرک جي معيار سان وابسته هُجي ٿو؟ ته پوءِ معروضيت ڪيڏانهن وئي! فلسفو اُهو به سوال اُڀاري ٿو ته هن سلسلي ۾ سڀني فردن کي ڪا هڪ شيءِ حسين ڇو نه ٿي لڳي؟ هڪ طرف اسين وري واپس اُنهيءَ نقطي تي اچي بيهون ٿا ته حسن جي پرک تجرباتي آهي.
    ڀٽائي جيئن ته نج فلسفي ڪونه هو، نه ئي نظرئي دان هو، اُنهيءَ ڪري نج فلسفي جون گهرجون مٿس ڪنهن به طرح لاڳو نٿيون ڪري سگهجن. هُو بنيادي طرح پهرين ترجيح ۾ آرٽسٽ هو، هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان هُو ڪيترن ئي فڪري سِٽائن ۽ رائج تصورن مان اُتساهه وٺي ٿو.
    جمالياتي تنقيد Aesthetic Criticism جي اندر ڪنهن به فنپاري جي تپاس اهڙيءَ طرح ڪئي ويندي آهي، ته فنپاري جي اندر فن جا پاسا ڪيئن آهن؟ فن پنهنجي گهرج پٽاندر آهي يا نه؟ فن بذات خود ڇا آهي؟ ۽ فن جا بنيادي مقصد ڪهڙا هجن ٿا؟ ايمرسن چيو هو ته، ’’Beauty is its own excuse for being‘‘ (سُونهن پاڻ پنهنجي هُـئڻ جو جواز آهي.) منشي پريم چند چيو هو ته، ’’جنهن ادب ۾ حسن جو جوهر ڪونهي، سو ادب حقيقي ۽ سچو ڪونهي.‘‘ ڪانٽ چيو ته، ’’Art can be judged by its own criteria‘‘ (ادب کي ان جي پنهنجي معيارن تي پرکي سگهجي ٿو.)
    فن جي بذات خود تعريف ڇا آهي ۽ ادب ۾ فن جو افادي پهلو ڪهڙو آهي! اُنهيءَ ڪري اُهو چَئي سگهجي ٿو ته فن بذات خود هڪ اعليٰ مقصد آهي جنهن جي اندر اخلاقي قدرن، مذهب، سياست يا سماجي انقلابن جي تبليغ ته ڪئي وڃي ٿي، پر فن سڀني ترجيحات کان ارفع به آهي، ۽ اُهو ئي آرٽ جو تخليقي نظام آهي ته خيال کان وڌيڪ تخليق جو فن پُرڪشش هجي. جيڪڏهن يورپ جي جمالياتي تنقيد جي تحت ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي جماليات جو تجزيو ڪريون ته ڀٽائيءَ جا ڪَئين نوان رُخ به سامهون اچي سگهن ٿا ۽ ڀٽائيءَ تي هڪ نئين تحقيق جو به آغاز ٿي سگهي ٿو.
    نٽشي جو فلسفو به ادب براءِ ادب ۾ اعليٰ پئماني تي مددگار ٿئي ٿو. جڏهن نٽشي چوي ٿو، ته ’’سُونهن يا حسن هڪ اهڙو زندگيءَ مان ڦٽي نڪرندڙ احساس آهي، جيڪو فائدي ۽ نقصان جي عمل سان سلهاڙجي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري هر ڪنهن وٽ سُونهن کي پسند ڪرڻ جو جدا معيار هُجي ٿو.‘‘ نٽشي جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته سُونهن جو معيار ماڻهو پاڻ ترتيب ڏئي ٿو. جڏهن ڪا شيءِ توهان جي فائدي ۾ هُجي ٿي، ته اُها توهان جي واسطي حسين هُجي ٿي، پر جڏهن اُها توهان جي مفاد ۾ ڪانهي ته پوءِ اها توهان جي خاطر بدصورت هُجي ٿي، پر اُهو سڀ هڪ اهڙو تجربو آهي، جيڪو صرف تخيل سان وابسته هُجي ٿو ۽ خيالن جي مصنوعي جوڙجڪ کان ٻاهر نٿو نڪري. نٽشي جي فلسفي جو هي پهلو هڪ طرف حُسن جي ’’هڪ هٽيءَ‘‘ واري تصور جي ترجماني ٿو ڪري، ته ٻئي طرف حُسن جي علائقائيت وارو فلسفو به اُڀاري ٿو، جنهن جي ڪري اُهو چئي سگهجي ٿو ته نٽشيءَ جو حسن متعلق فلسفو عالمگير ڪونهي. جڏهن ته ڀٽائي عالمگير حسن جو تصور ڪجهه هن طرح ڏئي ٿو.
    سائينمَ سَدائين ڪَرين، مَٿي سنڌُ سُڪار،
    دوسَت! مٺا دلدارَ، عالمَ سڀُ آباد ڪَرين.
    (سُر سارنگ)
    ترقي پسند نظريي مطابق پورهئي جو عمل ئي جماليات جو اهم وسيلو آهي. سوشلسٽ ليکڪن ۽ نقادن وٽ ادب ۾ اهڙي جماليات بيڪار هوندي آهي، جيڪا حياتيءَ جي ترقيءَ واري عمل سان سلهاڙيل نه هجي. ترقي پسند ادب جا نقاد، تصوري فلسفي جي جماليات مٿان زبردست تنقيد ڪن ٿا. هنن جو خيال آهي ته ادب ۾ جماليات جو به فڪري پهلو هجي، ڇو ته جماليات جيڪا محض موضوعي جذبن جي عڪاس هُجي ٿي، اُها هوا ۾ لٽڪيل هُجي ٿي، جنهن جو انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڪوبه ڪارج ڪونهي، جنهن جي ڪري اهڙي جماليات ڇَسي/ بي مقصد/ ڦِڪائپ جو مظهر هوندي آهي.
    ترقي پسند نقادن جي خيال موجب جماليات ادب جي تخليق جو اهم محرڪ آهي، پر جماليات هڪ تنظيم جو به نالو آهي، جنهن جي تنظيم ڪاريءَ وسيلي نه صرف پورهيت جي اندروني مسرت اُڀاري سگهجي ٿي، پر محڪوم طبقن جي موضوعي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪري جماليات کي به انقلاب جي اُتساهه جو هڪ ٻيو وسيلو بنائي سگهجي ٿو.
    ننڍي کنڊ جي ادبي تاريخ ترقي پسند ادب سان ڀرپور آهي. ڀٽائيءَ کان اڳ توڙي پوءِ جي سنڌي شاعري ترقي پسنديءَ واري تصور جي حوالي سان هڪ وسيع پس منظر پيش ڪري ٿي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ جماليات جا اُهي سڀ فني ۽ فڪري قدر آهن، جيڪي ترقي پسندن جي نڪتئه نظر سان مطابقت رکن ٿا. ڀٽائيءَ جي جماليات جا نوان نوان انڪشاف اهي به آهن ته هُن پنهنجي جمالياتي تصور سان بدصورتي کي به خوبصورت بڻايو آهي. هڪ تخليقڪار جو ککيءَ هاڻين کارين ۽ ڇڄيءَ هاڻن ڇڄن سان به پيار ۽ پنهنجائپ وارو هي رويو ڪيڏي نه وڏي ۽ منفرد جمالياتي ڪمٽمينٽ آهي:
    کِکيءَ هاڻيوُن کاريوُن، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ،
    پاندُ جنين جي پاند سين، لڳو ٿِئي لَڄَ،
    سَمو ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪري اُنِ سين.
    (سُر ڪاموڏ)
    ڀٽائي ان تصور ذريعي پورهيت طبقي سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿو. هن وٽ حسن جا معيار جديد کان جديد ترين اُنهيءَ ڪري آهن، جو پيڙيل طبقي جي احساسن ۾ حُسن جي جستجو ڪري ٿو. تڏهن محڪوم طبقي جي بدصورتي به سراپا حسن بڻجي وڃي ٿي، جڏهن اُها ڀٽائيءَ جي فني معراج ۾ جذب ٿئي ٿي. ڀٽائيءَ وٽ اهڙا ڪئين تصور هئا!
    ڪاريوُن ڪوجهيوُن ڪُوڙيوُن، مُورِ نه موچاريوُن،
    وَٺي ويٺيون واٽَ تي، کِکيءَ جون کاريون،
    اُنين جون آريون، سَمي ريَ ڪيرُ سهي؟
    (سر ڪاموڏ)
    ڀٽائيءَ وٽ جمالياتي سُونهن جا عڪس عيني (Visual) آهن ته ٻين حِواسن جهڙوڪ ذائقي، ٻڌڻ، سنگهڻ وغيره سان پرکيل سُونهن جا عڪس به آهن. جماليات واري ادب ۾ حواسن جي ادارڪ واري جماليات جا ڀٽائي وٽ منفرد تجربا آهن.
    پَٽولا پَنوهاريون، مُورِ نه مٿي ڪِن،
    جُه لاک رَتائُون لُوئيون، ته سالنئان سُونهِن،
    اُنَ ايلا چَـنِـئُون اَڳـرِي، بَـخـمـلَ بافتِن،
    سَکَـرَ ڀانئيان سُومرا! کَـٿـي کان کُهـنـبِـن،
    جا ڏِنيم ڏاڏاڻِـن، سا لاهيندي لَــڄَ مَـران.
    (سُر مارئي)
    ڀٽائيءَ جي ڏسڻ جي حس واري ادراڪ جي جماليات هن طرح آهي:
    تارا، تِـــرَ تِــروڪِــڻــيـون، مَـٿـنِ ڦَــلــڙيُـون،
    کُوءِ! سي راتـڙيوُن، جي مون پِـرينءَ پُڄاڻا پيئيون.
    (سُر کنڀات)
    ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ’’ذائقي وارو عڪس‘‘ ڏِسو ڪيترو خوبصورتيءَ جو مظهر آهي.
    مَ ڪَر سَـڌ سَري جي، جِي تون ٽاڙئين ٽوههَ،
    پيتي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳُن رُوح،
    ڪاٽي چک ڪڪوههَ لاهي سر لطيف چئي.
    (سُر ڪلياڻ)
    ڀٽائي وٽ سنگهڻ جو عڪس Olfactory Image ڏسو ڪيئن جلوه افروز آهي:
    لَهرَ مـڙوئي لالَ، وَهَـڻُ کٿُـوريان وتَــرو،
    اُوٻارا عَبـيـرَ جا، جــرَ مان اچن جالَ،
    ڪُننِ گِهڙي ڪالَ، سِڪَ پريان جي سُهڻي.
    (سُر سهڻي)
    ڀٽائي وٽ ڇُهڻ Tactile Image جو عڪس هن بيت ۾ آهي:
    لسي تند لطيف چئي، هلي تن هٿان،
    ململ منجهان ماءُ، جي سِکيوُن تن سون ڪيون
    (سرُ ڪاپائتي)
    ساڳيءَ ريت هُــو ٻُــڌڻ جو عڪس Auditory Image ڪَن رَس پيدا ڪري فرد کي ذهني سُڪون عطا ڪري ٿو. هِـن حُسن جي وسيلي ڀٽائي انيڪ فطري آوازن جي عڪس بندي ڪري جمالياتي ڪيفيت تخليق ڪرڻ ۾ اعليٰ پئماني تي ڪامياب وڃي ٿو:
    اڄ رَسيلا رَنگ بادلَ ڪڍيا بُـرجَـن سين،
    سازَ سَارنگيُون سَرندَا، وَڄائي بَـرُ چـنـگَ،
    صُراحيُون سارنگَ، پَـلٽيون راتِ پَـڌام تي.
    (سُر سارنگ)
    ڀٽائيءَ وٽ جمالياتي ادب جا جيڪي به آدرش آهن، اُهي سڀ محض پنجن حواسن تي اڪتفا نٿا ڪن، پر هُن وٽ پنجن حواسن کان به وڌيڪ حواس آهي، جنهن کي ڪي وجدان ته ڪي محض فنڪارانه نظر قرار ڏين ٿا. سائنس جي روشنيءَ ۾ اُهو اضافي ڇهون حواس اڪثريت سان جينئس يا انٽليڪچوئل فردن ۾ موجود هُجي ٿو، جنهن کي فرد جي لاشعوري يا تحت الشعوري ڪيفيت قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ نقاد اُن کي تخليقڪار يا فنڪار جي محسوسات مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت جو اڻ ڏٺو عڪس قرار ڏين ٿا.
    جيڪس اُٺا مينهَن، مُونهانِ پوءِ ملير ۾،
    ڪالهَه سڄوئي ڏينهن، مُنهنجي اکِــڙيُن اُڪيريو.
    ڇ
    (سُر مارئي)
    محسوسات مان پيدا ٿيندڙ جمالياتي ادب ڪڏهن ڪڏهن عظيم ادبي ورثو بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته جمالياتي ڪيفيتن جا ڪي به عقلي منطقي بنياد ڪونه هوندا آهن، پر اُنهن جو رشتو ’’پوشيده ترنم‘‘ سان هُجي ٿو.
    ڀٽائيءَ وٽ محسوسات مان پيدا ٿيندڙ ’’جمالياتي ادب‘‘ جو هي مثال ڏسو، جنهن ۾ Visual کي Non-Visual ۾ اظهاريو ويو آهي:
    ڪَڪَر منجهه ڪپارَ، جُهڙُ نيڻَنئُون نه لهي،
    اَڄُ منهنجي چِتَ ۾، اُٺا پِــريـن اَپـارَ،
    آءُ، سَڄَڻ! لُهه سارَ، وِرَه ويڙهِي آهيان.
    ڀٽائيءَ وٽ جيڪا جمالياتي سگهه آهي، اُها هڪ گهڻ طرفي جماليات Multi-Dimentional Aestheticism آهي، جيڪا ڪنهن به هڪ حواس جي محتاج ڪانهي، پر اُها فن جي دنيا ۾ گڏيل عڪس Complex Image وڌيڪ قائم ڪري ٿي، اُهو گڏيل عڪس فن جو نهايت پيچيده نظام هُجي ٿو، ڇوته اُنهيءَ ۾ ڪيترن ئي عڪسن سان نڀاءُ ڪرڻو پوي ٿو. ڀٽائيءَ وٽ عڪسي شاعريءَ جو عروج ئي تڏهن اچي ٿو، جڏهن هو عڪسن جو اهڙو گڏيل تخيلقي نظام پيش ڪري ٿو.
    ڪُوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکن لَکَ هزارَ،
    جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، دَرسن ڌارون ڌارَ،
    پريمَ! تنهنجا پارَ، ڪهڙا چَئي ڪيئن چَوان.
    (سُر ڪلياڻ)
    ڀٽائيءَ وٽ Complex Image جا انيڪ مثال آهن، ۽ ڪيترا منظر، ڪيترا عڪس ۽ ڪيترا جمالياتي احساس آهن.
    اُڀـرُ چنڊَ! پَسُ پرين، تُـو اوڏا، مون ڏُورِ،
    سَڄَـڻ سُتا وِلهَه ۾، چُوٽا ڀـري ڪَپورُ،
    پيرين آئوُن نه پُڄڻي، ٻاٻلُ ڏِئي نه ٻوُر،
    جنهن تي چڙهي اَسُـورِ، سَنجهي سَڄڻ سيٽِيان.
    (سُر کنڀات)
    هي گڏيل عڪس ڏسو جيڪي احساساتي منظر پيش ڪن ٿا.
    گِهڙي گَهڙو هَٿِ ڪِري، اِلاهي تُهارَ،
    ڄَنگهه ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ،
    چُوُڙا ٻِـيڙا چِـڪَ ۾، لُـڙَ لُـڙَهيس وارَ،
    لکين چُهٽيس لوهِڻيوُن، ٿيلهيوُن ٿـرَنئون ڌارَ،
    مِـڙيا مَـڇَ هـزارَ، ڀـاڳا ٿيندي سُهڻي.
    (سُر سهڻي)
    مجموعي سطح تي ڀٽائيءَ عڪسي شاعريءَ ۾ ڪئين تجربا ڪيا آهن، جيڪي کيس سڀني شاعرن کان منفرد مقام عطا ڪن ٿا.
    رابرٽ هيرڪ اهڙو شاعر هو، جنهن کي فطرت جو شاعر ڪوٺيو ويندو هو. هن وٽ به “آرٽ براءِ آرٽ” جا قدر هئا، جنهن جي ڪري، هن جي شاعريءَ ۾ به اڪثر ڪري حُسن کي خطاب ڪيو ويو آهي. رابرٽ هيرڪ جي شاعريءَ مان هڪ مثال ڏجي ٿو. ان ۾ جماليات ڏسو:
    Sweet be not proud of those two eyes,
    Which star like sparkle in their skies,
    Not be you proud, that you can see,
    All hearts your captives are yet free.
    (Robert Herrick)
    ترجمو: (پنهنجي خوبصورت ٻن اکين تي غرور نه ڪر، اُهي ٻه اکيون ائين ٽمڪن ٿيون جئين تارا آسمان ۾ ٽمڪندا آهن، اُنهن تي تون تڪبر نه ڪر، اُنهن ٻن اکين سان تون گرفتار ڪرين ٿي يا موهين ٿي.)
    رابرٽ هيرڪ جي مٿينءَ جمالياتي شاعريءَ مان واضح ٿئي ٿو ته هو حُسن جي آفاقي قدرن کي قبول نٿو ڪري. هو پنهنجي محبوبه جي اکين کي ستارن جي چمڪ سان ڀيٽي به ٿو، هن جي حسن کي اثرائتو پڻ قرار ڏئي ٿو، پر هن واري جماليات فاني آهي، ڇاڪاڻ ته هن لاءِ حُسن پُرڪشش ته آهي، پر عارضي آهي.
    رابرٽ هيرڪ جي برعڪس ڀٽائي جي سموري حياتيءَ جي حاصلات، پرينءَ جي سُونهن واري اک کڻي نهارڻ ۾ آهي ۽ دنيا جهان جا سُور ۽ غم پرينءَ جي نهار سان لهي ٿا وڃن:
    اکيون پرين تنهنجيون، ڪجل ريءَ ڪاريون،
    موليٰ ڏنئي منهن ۾، سُونهن سونهاريون.
    کڻين جي کاريون، ته به سڃيندي سور لهي.
    وليم ورڊس ورٿ کي پڻ فطرتي شاعر ڪوٺيو وڃي ٿو. هن جي شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو جوهر، جماليات ئي آهي. سندس جمالياتي تجربي جو هڪ عڪس/ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو، جنهن جي اندر هُو شام جي وقت فطرت جو پس منظر بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ جماليات آهي، ٻُولي به آهي، ۽ فطرت نگاري به آهي پر وليم ورڊس ورٿ جي هيءَ شاعريءَ محض منظر نگاري آهي، جنهن جي اندر سڪون، فطرت جي پاڪائي ۽ جمالياتي معصوميت واضح ڪئي وئي آهي. سندس هڪ سانيٽ جون سٽون آهن:
    It is a beauteous evening, calm and free,
    The holy time is quiet as a nun.
    Breathless with adoration
    The board sun is sinking down in its tranquility;
    The gentleness of heaven broods o’er the sea.
    ترجمو: (هڪ خوبصورت شام آهي. سانت ئي سانت آهي وقت ۾ ۽ ماٺار لڳل آهي جيڪا ساهه کڻڻ کان به عاري آهي ۽ وشال سج امن سان ٻُڏي رهيو آهي، آسمان جي شائستگي سمنڊ مٿان تري رهي آهي.)
    ڀٽائيءَ جي جماليات وسيع مقصد رکندڙ آهي:
    ڪارا ڪڪرَ ڪيس، اڄ پڻ اُتـرَ پارَ ڏِي،
    وِڄُـون وَسڻ آيـون، ڪِــري لالَ لَـبـيسُ،
    پـرين جِي پـرديسُ، مون کي مِينهَن مِـيـڙِيا.
    (سُر سارنگ)
    انگريزي شاعريءَ ۾ ”شيلي“ جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ هو رُومانوي دؤر جو وڏو شاعر هو. شيلي جي ادبي آئيڊيالاجي نهايت متاثر ڪندڙ ۽ خيال انقلابي ۽ گهرو هو. هن جي شاعري به جمالياتي قدرن سان سرشار نظر اچي ٿي. شيلي جي اهم خاصيت جمالياتي ادب ۾ فلسفي جا رنگ ڀرڻ به ڳڻي سگهجي ٿي. شيلي جي اهڙي خوبصورت شاعري پيش ڪجي ٿي، جنهن مان هُو سڪون ۽ فرحت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر حيرت انگيز نقطو هي آهي ته سندس اهڙن خيالن جو رنگ اوچتو اهڙيءَ طرح تبديل ٿي وڃي ٿو، جو اها غير فطري موت مرڻ لڳي ٿي. جڏهن هو فطرت جي حسين نظارن جي ساراهه ڪرڻ کانپوءِ، فطرت مان جمالياتي تسڪين حاصل ڪرڻ جي باوجود موت جي مايوسيءَ ڏانهن موٽ کائي ٿو:
    Stanzas written in dejection, near Naples.
    The sun is warm, the sky is clear,
    The waves are dancing fast and bright,
    Blue isles and snowy mountains wear
    The purple moons transparent might
    The breath of the moist earth is light,
    Around its unexpanded burds
    The winds, The birds, The ocean floods
    The city’s voice itself is soft like solitude’s.
    Nor peace within nor clam around.
    Nor that content surpassing wealth
    The sage in meditation found,
    And walked with inward glory crowned.
    (Shelley)
    مايوسيءَ ۾ تخليق ڪيل بند:
    شفاف آسمان ۾ تتل سج آهي
    لهرون تيزيءَ سان نچي رهيون آهن
    گلابي چنڊُ نيرڙن جزيرن مٿان اڀري رهيو آهي
    نِميءَ جو خوشگوار احساس اُڀري رهيو آهي
    ۽ لامحدوديت طرف وڌي رهيو آهي
    هوائن، پکين، سمنڊن، سيلابن جي آواز سان اڪيلو آهي
    نه ئي چوڌاري سک آهي نه سڪون آهي
    نه اُهو مواد دولت طرف وڌي رهيو آهي
    ۽ هتي لوڪ ڏاهپ ڀريو مراقبو ملي ٿو
    ۽ اندر جي پاتال تائين لهي وڃي
    ۽ اندر کي شاهڪار ڪري ڇڏي ٿو .
    (شيلي)
    ڀٽائيءَ جي جماليات ۾ ته ڪو نئون ولولو آهي. ڀٽائي جي جماليات ۾ حياتيءَ جي تازگي جهاتي ٿي پائي. ڀٽائيءَ جو اُميد پرستيءَ وارو فڪر زندگيءَ سان پيار ڪرڻ ٿو سيکاري، پوءِ انتها درجي جو درد ڇو نه هجي يا خود موت به ڇو نه هجي، ان جي سبب کي به شرمندو ڪري ٿو وجهي.
    سِوين سائرَ ٻُوڙيون مُنڌ ٻُوڙيو مهراڻُ،
    وِهه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌُ ڪپن سين.
    ڀٽائي اميد پرستيءَ (Optimism) جو شاعر آهي، اُن ڪري سندس جماليات ۾ خوشحاليءَ جو پيغام به آهي:
    آگميو آهي، لڳھَ پَسُ! لطيفُ چئي.
    وُٺو مينهُن وڏڦُڙو، ڪَڍو ڌڻَ ڪاهي،
    ڇنَ ڇڏي پَٽِ پئو، سَمرُ سَنباهي.
    وِهو مَ لاهي، آسُرو الله مان.
    (سرُ سارنگ)
    جان ڪيٽس هڪ وڏو رُومانوي ۽ فلسفي شاعر هو. هن جي رومانيت ۾ به جمالياتي ڪيفيتون آهن، پر انهن جا گهڻا رُخ ۽ پهلؤ نه آهن، سندس جمالياتي تجربن ۾ ايتري نرمي ۽ ڇهاءُ ڪونهي، جيڪو جذبن جي اوٽ ۾ فرحت ۽ سڪون جو ڪو وڏو آثار بنجي سگهي. جان ڪيٽس جي شاعريءَ جو هي پهلو ڏسو، جنهن جي اندر موسمن جي تبديل ٿيڻ مان ڪيفيتون اُڀارڻ جي ڪوشش ڪيل آهي.
    Season of mists and mellow fruitfulness!
    Close bosom friend of the maturing sun;
    Conspiring with him how to load and bless
    With fruit the vines that round the thatch eaves run;
    To bend with apples the moss’d cottage trees,
    And fill all fruit with ripeness to the core;
    To swell the ground and plump the hazel shells.
    (John keats)
    جڙي ٻوٽين، گُلن ، ميوون جي
    ڦوٽهاڙي جي رُت ۾
    سج به جوان آهي
    ۽ سج اُنهن سان سُس پُس ڪري ٿو ته
    ڪيئن جوان ٿجي؟
    ڪيئن هيئين رکجي؟
    ميون ۾ شراب ڀرجي رهيو آهي
    وليون مٿي چڙهي رهيون آهن
    وليون صوف کي چوڌاري وڪوڙي رهيون آهن
    ۽ سڀني ميون کي سچائي سان ڀري رهيون آهن
    زمين کي ڦنڊائي رهيون آهن
    ۽ سنڍ زمين کي زرخيز ڪري رهيون آهن.
    جان ڪيٽس جي آرٽ جي برعڪس ڀٽائيءَ وٽ سُونهن جا بي انت بحر آهن. هن وٽ سُونهن جا ڪي بند دائرا ڪونهن، پر سُونهن جي رنگين دنيائن جي هڪ مڪمل ڪائنات آهي. سُر سارنگ ۾ سندس سمورو ڪلام ”موٽي مانڊاڻَ جي وارِي ڪيائين وارُ“ جيڪو ”دوست تون دلدارَ عالم سڀ آباد ڪرين“ تي وڃي دنگ ڪري ٿو. اهو هڪ اهڙو مثال آهي، جنهن ۾ وشال ڪائنات جا رنگ آهن.
    ڀٽائي جماليات جا جيڪي به تجربا ڪري ٿو، تن جي جيڪڏهن ترتيب ٺاهجي ته شروعات سُر سارنگ کان ٿئي ٿي، سُر آسا ۾ وڌيڪ فني پختگيءَ جو اظهار آهي، پر سُر مومل راڻو اهڙو سُر آهي، جتي جماليات جا سڀ تجربا پنهنجي عروج تي پهچن ٿا.
    هلُو هلُو ڪاڪَ تَڙين، جِتي نينهَن اُڇلَ،
    نه ڪا جَهل نه پَل، سڀُڪُو پَسي پرينءَ کي.
    (سُر مومل راڻو)
    هلُو هلو ڪاڪَ تَڙين، جِتي گَهڙجي نينهُن،
    نه ڪا راتِ نه ڏينهُن، سڀُڪُو پَسي پرينءَ کي.
    (سُر مومل راڻو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو