مجرم لغاري ناميارو شاعر ميرپور خاص جي ڳوٺ قيصر خان لغاري ۾ لعل بخش لغاري جي گهر ۾ ۱۹۳۰ع ۾ جنم وٺندڙ هوت خان عرف مجرم لغاري، ابتدائي تعليم تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي مدرسي مان حاصل ڪئي. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ڪورس مڪمل ڪري، تعليم کاتي ۾ پرائمري ماستر جي نوڪري ورتائين. انهيءَ دوران هن شاعري شروع ڪئي ۽ ٽيهارو کن شعر لکي ”سچ ۾ مچ“ ڪتاب ڇپرايائين. انقلابي شاعريءَ واري ڪتاب تي سرڪار ڪاوڙجي پيئي ۽ تعليم کاتي سنڌ پاران کيس شوڪاز نوٽيس مليو. هن ورائي ان نوٽيس جي پوئين پاسي شاعريءَ ۾ جواب لکي واپس موڪلي ڏنو. ان شعر جون ڪُجهه سِٽون هن ريت هيون. پُراڻي جا ٿي، سا نئين ڪا نه ٿيندي، ڏنگي پاسراٽي، سنئين ڪا نه ٿيندي، ڪڍين نوڪريءَ مان، ڀلي تون ڪڍي ڇَڏ، جُتي مون کان تنهنجي، کنئي ڪا نه ٿيندي. اهڙي جواب کان پوءِ نه صرف سندس نوڪري ختم ڪئي ويئي پر سندس شعري مجموعي تي به حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي. سچ چوڻ تي مجرم کوڙ ساريون تڪليفون ۽ سختيون برداشت ڪيون. سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ مرحوم مجرم لغاري جيل جون سختيون به سَٺيون. مجرم لغاري هڪ مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو صحافي پڻ هو. هو ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ڪو نه جُهڪيو. هو بي پهچ ۽ هيڻن ماڻهن سان محبت ڪندڙ هو ۽ ڪنهن کي تڪليف پهچائيندڙ نه هو پر تَر جا ڪامورا ۽ وڏيرا، هن کان لهرائيندا هئا. هن پنهنجي قلم کي پنهجي خوشحاليءَ جو وسيلو نه بڻايو، پر پنهنجي ديس جي ماڻهن جي ڏُکن خلاف جدوجهد جي قافلي ۾ عملي طور هڪ ڪارڪن جيان شامل رهيو. هو سنڌ تان سِر ڏيڻ وارن مان هو. جيل ۾ رهڻ دوران هن جي طبيعت خراب رهندي هئي، ۽ آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن کي دل جو دورو پيو پر ستت ئي علاج کانپوءِ ٺيڪ ٿي ويو. پر ڪمزوري کانپوءِ هو گهڻو ڪري بيمار رهندو هو. اها حقيقت آهي ته، جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي، اهو هڪ ڏينهن ڀُرڻو ضرور آهي. اهڙي شخص جو ۲۷جون ۲۰۰۵ع تي اسان جي وچان هليو وڃڻ ضرور هڪ وڏو الميو آهي.