*“صحافت ڇا آهي ؟“* تحرير:- *عباس رضا سولنگي* لفظ “صحافت“عربي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو خود مصدر آهي جنهن جو ماضي ٿيندو “صحف“ ۽“مضارع يصحف“جنهن جي معني آهي اخبارون يا رسالا يا خبرون لکڻ وغيره .اسان جڏهن صحافت تي سوچيون ٿا يا رڳو ان جو نالو وٺون ٿا ته ھڪدم اسان جو ڌيان اخبارن ۽ رسالن ڏانهن وڃي ٿو جيڪي خبرن تصويرن تنقيدن ۽ تبصرن سان ڀريل هر روز نيئن سج نئين نموني ۾ هر ڏينهن هر هفتي يا هر مهيني اسان جي سامهون اچن ٿا ۽ اسان کي ملڪي غير ملڪي مسائل۽ وسائل مطالبن ۽ گهرجن جنگ ۽ امن خوشحالي ۽ بدحالي صلح ۽ بدامني آزادي ۽ غلامي باهمي ڪشمڪش ۽ تصادم جهڙن عنوانن متعلق باخبر رکن ۾ وڏي مدد ڏئي رهيا آهن با خبر رهڻ جو حق اڄڪلھ هڪ بين- الاقوامي مڃيل حقيقت آهي جنهن جي پورائي لاء دنيا جون قومون ۽ ملڪن جا افراد پنهجي وس آهر ڪوشان ۽ جواهئشمند آهن اهو انهن ڪوششن ۽ قصدن جوئي نتيجو آهي جو اڄڪلھ اسان اخباري صنعت ۽ ان جي انيڪ مسئلن ۽ معاملن سان منهن ڏيئي رهيا آهيون رڳو ان لاء ته انسان زندگيء متعلق حقائق اسان کي معلوم ٿيندا رهن ۽ گمراهين ۽ غلطين کان بجي سگهون ت جيئن انساني ارتقائي منزلون طئي ٿيندون رهن ۽ انسان جي ذهني اوسر وارو سفر پنهنجي فطري ماحول۾ جاري رهي.موجوده عملي صحافت يا اخبار نويسيء جي ابتداء ته مغربي سياست ۽ جمهوريت جي پيدوار آهي جيتوڻڪ ڪن حالتن ۾ هن سياست تي به اثر ڇڏيو آهي ان ڪري سياست ۽ صحافت جو تمام گهرو تعلق آهي ان لحاظ کان موجوده صحافت اسان وٽ انگريزن سان گڏ آئي جيتوڻيڪ ان جو بر عڪس اسان کي جمهوريت کان مرحوم به انهن ئي انگريزن رکيو هو انگريزن جو به اهو عجيب واقعو آهي ته برصغير جي پهرئين اخبار “بنگال گزيٽ“ڪلڪتي مان هڪ انگريز منسٽر جيمس آگسٽ 1780 ع ۾ جاري ڪئي هئي ۽ سياست جي پيڙھ به هڪ انگريز انڊين نيشنل ڪانگريس جي شڪل ۾ رکي . ظاهر آهي ته صحافت جي موجوده معني گهڻو بعد ۾ وجود ورتو آهي پر مروج مفهوم صحافت يا اخبار نويسي ان تحريري پيشي جو نالو آهي جنهن ۾ مکيه طرح ٻه فرائض شامل آهي پهريون ته واقعن ۽ وارداتن جي سچائيء جي ڄاڻڻ جو حق ٻيو سچائيء جي ڄاڻ کي ڦهلائڻ سان عام راء جي تشڪيل ظاهر آهي ته ٻنهي مان مراد حقن جي ڄاڻ شناسائي بحالي ۽ باطل جي بيخ ڪئي آھي . انهن ٻن مقصدن تي غور ڪرڻ سان چڱيء طرح معلوم ٿئي ٿو ته صحافت جي بلندي ۽ تقدس مڃيل ۽ مسلم آهي ۽ ان کان ڪير به انڪار ڪون ٿو ڪري سگهي ته بنيادي طرح هن پيشي سان متلعق ماڻهون هڪ اهڙي معاشري جي تعمير ۾ مدد ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ اڇا ڪارا پڌرا ٿين ۽ سچ ڪوڙ سندا ڏيئي بيهي ته جيئن حق جي حمايت ۾ باطل قوتن کان بيزاري ۽ انهن جي خاتمي لاء عام راء جي شڪل ۾ هڪ طاقتور محاظ پيدا ڪري سگهجي مون نماڻيء کي صحافت ٿا سڏين پيرو جوان عرف عام اندر سڏايان عام جو آواز مان ڇا وهيو ڇا واپرايو ان تي ڪيان ٿي تبصرو خواب غفلت مان ٿي جاڳايان خلق کي قوم کي ڪرداري جي دائم رهان ٿي ترجمان ! صحافت عوام جي اهنجن ايذائن دور ڪرڻ لاء هڪ پليٽ فارم پيدا ڪرڻ گهري ٿي صحافت جو ڪم سماجي برائين ۽ معاشري اوڻاين ۽ عيبن جي نشاهندگي ڪرڻ آهي جيتوئيڪ صحافت انهن مڙني مرضن ۽ خرابين بذات خود ختم نه ٿي ڪري سگهي پر زوردار عام راء پيدا ڪرڻ سان معاشري جي گهنگهرن ۽ ھڏڏوڪي ماڻھن کي جنجهوڙي اٿارڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ حڪومت وقت کي اشارن توڙي گهڻو ڪجه ٻڌائي ٿي ۽ عام ۾ سمجهائي ٿي ته اهڙي طرح ان کي انهن برائين ختم ڪرڻ ۽ ڪرائڻ تي اڪسائي ٿي ۽ اماده ڪري ٿي حق لاء جنگ و جهاد اخلاقي جواز پيدا ڪري ٿي ۽ حساس ماڻهن لاء منهن توڙ ۽ موٽڻ مهڻو بڻائي وجهي ٿي موجوده وقت ۾ صحافت حڪومت ۽ رعيت (شهرين) درميان اهم ڪردار ادا ڪري ٿي صحافت ذريعي عوام جا ڏڪ سور مسئلا ۽ مطالبا حڪومت تائين پهچايا وڃن ٿا ۽ ٻئي پاسي حڪومت جو نقطه نظر پڻ ان ذريعي عوام تائين پهچايو وڃي ٿو اهڙي طرح صحافت عوام ۽ حڪومت ۾ پل مثل آهي جنهن تا ٻنهي طرفن جي خيالن ۽ جذبات جي آمدرفت جاري آھي عام راء جي ترجماني صحيح صحافت ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي جنهن ۾ وري صحافت جي آزادي جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ظاهر آهي ته صحافت کي آزادي ڏيڻ جو تقور به جمهوري دور حڪومت ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته صحافت ۽ جمهوريت جو تمام ويجهو تعلق آهي ازنسواء موجوده دور ۾ صحافت هڪ ٻيو اهم فرض به ادا آهي اهو آهي جمهوريت جي نشونما ۽ ترقيصحافت تعليمي سماجي ۽ سياسي شعور پيدا ڪري ٿي جنهن ڪري عوام الناس ڪن مسئلن ۽ موقعن پنهجي پڪي ۽ پختي راء قائم ڪن ٿا چڳي مٺي ۽ خوبي خرابي درميان تميز ڪري سگهن ٿا ۽ پنهجي راء ۽ حمايت جي زور تي تي ڪن خاص حڪمت عملين ۽ اڳواڻن جي پٺ ڀرائي يا مخالفت ڪري هڪ جٽادار ۽ مستحڪم حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڏين ٿا صحافت وايي پيشي جي حيثيت انڪري به نمايان ۽ نشانبر آهي ڇاڪاڻ ان جو تلعق قلمي تحريڪ سان واسطو رکندڙ هڪ اھڙي باشعور طبقي سان آهي جنهن جو واهپو ۽ واسطو سڏو سنئون انساني ضمير جي آواز عزت ۽ اڀارڻ ۽ حق جي حمايت سان آهي ۽ ماڻھن ۾ مردگي ماٽائڻ سان آهي ان جو عظيم مقصد سان وابستدگيء سبب صحافت جي بلندي برابر بکي ٿي ۽ معاشري ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي صحآفت جي ان عظيم مقصد جي ڪري ئي ان کي مملڪت جي عمارت جو چوٿون پائو تصوير ڪيو وڄي ٿو ۽ هڪ جرنيل جو اهو قول ياد ڏياري ٿي ٿه مون کي سنگينن کان وڌيڪ خوف هڪ صحافي کان ٿيندو آھي.صحافت وڏي ذميواري آهي ۽ عظيم فرض شناسي آهي جيڪا قلم جي تقدس کي هر حالت ۾ محفوظ رکڻ لاء لالڇ ۽ خوف کان مٿڀرو ۽ غير متاثر رهندي پنهجي جدوجهد جاري رکڻ لاء ميدان ڪارراز ۾ قدم رکڻ چاهي ٿي .قلم و زبان کي حق سڇ لاء استعمال ڪرڻ هڪ وڏو جهاد آهي انڪري ئي محسن انسانيت حضرت محمد رسول الّله صليٰ عليه وسلم فرمايو ته سڀ کان وڏو جهاد جاڀر حاڪم کي سچ چوڻ آهي ۽ ٻئي موقعي تي فرمايو ته ظلم کي هٿن سان ختم ڪريو جيڪڏهن هٿن ۾ طاقت نٿا رکو ته ت زبان سان ظلم جي مخالفت ڪريو زبان سان يا قلم سان ظلم جي مخالفت ڪرڻ ذري گھٽ ساڳئي گالھ اھي ڇاڪاڻ ته سوڇيل خيال زبان يا قلم سان ظاهر ڪيا ويندا آهن ظاهر آهي ته ايڏي وڏي جدوجهد جون ڪي تقاضائون هونديون ۽ ڪن قربانين جي ضرورت پوندي اهي سموريون حالتون پاڻ تي حاوئي ڪري ۽ ڪيفيون طاري ڪري پوء هڪ صحافي ميدان پير ڌري ٿو سچو صحافي به هڪ لحاظ کان حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جي هن نعري سان نروار ٿئي ٿو ته: سکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري اندر جنين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون. ڪن جو چوڻ آهي ته صحافت پيشو گهٽ ۽ مشن زياده آهي ان راء متعلق دمشق جي هڪ عربي اخبار “الزمان“ جي معرف ايڊيٽر جناب عزت حصريته جو خيال ٻڌڻ جهڙو آهي. “قلم جو هيءُ ڪم آهي زندگي جي ڪارراز ۾ داخل ٿئي ۽ معاشري جي ترقي ۽ احباء جو حصو وٺي ان لحاظ کان قلم زندگيء جي اهڙين صورتن ۾ شامل ٿي چڪو آهي جن کانسواء شهري توڙي ڳوٺاڻي زندگي ناممڪن آهي انڪري صحافي جو فرض آهي ته هو هڪ مجاهد وانگر جنگ ڪري ۽ قربانيون ڏئي ته جيئن باطل جو طلسم ٿئي پوي اهو صحافيء جو ڪم آهي ته هو سچائي جي حفاظت ڪري.“