محمد حاڪم خاصخيليءَ جو وڇوڙو، ليکڪ: محمد خان سيال، عومي آواز 2 فيبروري 2021

'ڪالم' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2021۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    محمد حاڪم خاصخيليءَ جو وڇوڙو، ليکڪ: محمد خان سيال،
    عومي آواز 2 فيبروري 2021

    ڪجهه ڏينهن اڳ وڇڙي ويل صحافي محمد حاڪم خاصخيلي منهنجو پراڻو دوست ۽ ساٿي ھو. اسان ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاھ جي هڪ ئي“ بي” ڪلاس ۾ پنجين کان ڏھين ڪلاس (مئٽرڪ) تائين گڏ پڙھياسون. مون کي اڄ به ياد آھي ته هو ٻڌائيندو ھو ته سال 1950 جي پيدائش آھي، اھڙي ريت سندس ڄمار اٽڪل 71 ورھيه ھئي. مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته پريس ڪلب وارن سندس ڄمار 85 ورھيه ڇو لکي آھي؟ اھو ياد اٿم ته گھڻو پوءِ هن شڪايت ڪئي ھئي ته سندس ڀاءُ مير محمد جي ڄمار شناختي ڪارڊ وارن وڌيڪ لکي ھئي ۽ شروع ۾ ڪوششن جي باوجود به ٺيڪ نه ڪري سگھيا. بھرحال، اھو ٿي سگھي ٿو ته سندس ڄمار به وڌيڪ لکيل ھجي.نوابشاھ ۾ مان غريب آباد پاڙي ۾ رھندو هوس ته دوست حاڪم ھر ڏھاڙي اچي ملاقات ڪندو ھو. مون کي جنرل يحى خان جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان، سنڌي نيوز، ڪراچيءَ ۾ باقاعدي نوڪري ملي ته مان پي آءِ ڊي ڪالونيءَ ۾ رھندو هوس. حاڪم ڪراچي ايندو ھو ته مون سان گڏ رھندو ھو. بھرحال، ساڻس رابطو گھٽ يا وڌ آخري دم تائين رھيو. مان ڪڏھن ڪڏھن نوابشاھ ويندو ھوس ته پريس ڪلب ۾ به ساڻس ملندو ھوس.منهنجو نوابشاھ ۾ به صحافت سان پراڻو واسطو هو. ريڊيو پاڪستان جي سنڌي نيوز ۾ باقاعدي ملازمت ملي ته ڪراچي آيس. پوءِ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، روزاني هلال پاڪستان حيدرآباد کانپوءِ الڳ ايڊيشن ڪراچيءَکان ڪڍيو ته مونکي ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر رکيو ويو. اٽڪل 5 ورھين کانپوءِ پي آءِ اي ۾ پي آر او مقرر ٿيس ته منهنجو واسطو ميڊيا جي سڀني اخبارن سان هو. اصل ۾ حاڪم خاصخيليءَ کي به، مون کي صحافت ۾ ڏسي صحافت جو شوق جاڳيو. روزاني عوامي آواز ۾ نمائندي ٿيڻ جو کيس شوق ٿيو ۽ مونکي چيائين ته مان عوامي آواز جي مالڪ ۽ پنهنجي پراڻي دوست ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ کي چئي کيس باقاعدي نمائندو مقرر ڪرايان ۽ مون ايئن ئي ڪيو. حاڪم آخري دم تائين انهيءَ اخبار جو نمائندو رھيو.اھا سچائي آھي ته مان گذريل رات رات جو اوچتو گھڻو پريشان ھوس، ظاھري طور پريشان رھڻ جو سبب ڪوبه سمجھه ۾ نه آيو سو پريشاني دور ڪرڻ لاءِ ليپ ٽاپ کوليم ته سندس موت جي خبر پڙھيم. ھونئن به مان ھر جمعي تي گذريل ڇھن ورھين کان هڪ اخبار ۾ ڪالم لکندو آھيان، اصل ۾ ڪالم 1967 کان لکڻ شروع ڪيا ھئم. سندس موت جي خبر پڙھي، مان بي چين ٿي ويس ۽ ڏاڍو ڏک ٿيو جنهن جو ڪارڻ اھو آھي ته ساڻس 65 ورھين کان دوستي ھئم. پراڻيون کوڙ يادگيريون بار بار ياد اچڻ لڳيون. اڃا به سندس جدائيءَ تي پريشان آھيان.نوابشاھ پريس ڪلب طرفان پريس ڪلب جي نائب صدر حاڪم علي خاصخيلي جي لاڏاڻي تي 3 ڏينھن سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو