ناڪام ماڻهو پنهنجي زندگي ڪيئن جيئندا آهن؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2021۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ناڪام ماڻهو پنهنجي زندگي ڪيئن گذاريندا آهن؟

    سنڌيڪار: سردار ظهير حسين ملوڪاڻي

    اسان ڪڏهن به پنهنجن ٻارڙن کي نه ٻڌائيندا آهيون ته، «حرام وڻ» ڇا آهي؟
    ۽ جبل
    جي خوبصورت ۽ دلڪش نظاري جي پٺيان ڪيڏي وڏي کڏ آهي؟
    مسڪراهٽ ۽ ڏک جو ڪيترو پراڻو ساٿ آهي؟
    اکين جي اوسي پاسي ۾ ڳوڙها به ڪرندا آھن؟
    ۽ گلن جي شاخن ۾ ڪنڊا به ڦٽندا آهن؟
    مون وٽ توهان کي ٻڌائڻ لاءِ ٽي سچيون ڪهاڻيون آهن. ۽ ٽنهي ڪهاڻين جو سبق ساڳيو ئي آهي.
    برداشت، برداشت ۽ صرف برداشت.
    ملتان جي شازيه، پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي لاڏلي ڌيءُ هئي، شادي ٿيڻ کان پهريان به، ۽ بعد ۾ به، ۽ خاندان جا سڀ ڀاتي ان جا ناز نخرا کڻندا هئا. ڀاءُ ان کي راڻي سڏيندو ھو، ۽ ڏاڏي ان کي شهزادي سڏيندي هئي.
    شادي ٿيڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي خاوند جي گهر وئي ته، اتي به سڀنيءَ جي دلين جي راڄ راڻي بڻجي وئي. خاوند ڇا؟ سهرو ڇا؟ سس ڇا؟ سڀ ان سان پيار ۽ محبت ونڊڻ لڳا.
    الله سائينءَ شازيه کي ھڪ ھڪ ڪري چار ڌيئرون جي اولاد سان نوازيو.
    خاوند، شازيه منهجان پٽ نه ٿيڻ ڪري ٻئي شادي ڪئي. شازيه کي تنهنڪري وڏو ڏک ۽ صدمو پهتو، ان ڪارڻ جي شازيه ھڪ پورو ھفتو بکيو رھڻ کانپوءِ، خودڪشي ڪري ڇڏي. ۽ اھڙي طرح سان شازيه جي زندگيءَ جي ڪهاڻي جو انت ٿي ويو.
    ھاڻ اچو ته، ڏسون سکر جي رھاڪو حمزا سان ڇا ٿيو. حمزا جا ٽي ڀائر ٻيا به ھئا، انهن منجهان ٻه وڪيل، ۽ ھڪ بينڪر ھو. حمزا کي وڪيل ٿيڻ جو وڏو شوق هو، پر سندس پيءُ مقابلي واري امتحان جي خواهش ظاهر ڪئي. ھو پيءُ جي خواهش کي رد نه ڪري سگهيو، ايل ايل بي کانپوءِ، ھو، سي ايس ايس جي تياري ۾ شامل ٿيو. حمزا ٽي ڀيرا مقابلي جو امتحان ڏنو، پر ڪاميابي نه ماڻيائين. مايوس ٿي سندس پيءُ، پٽ کي ڪاوڙائي وڌو. پٽ کي ايڏو وڏو ڏک پهتو، جو وڃي گهر جي ڇت تان ٽپو کاڌائين، تنهنڪري شديد زخمي ٿي پيو، پر قسمت جي ديوي مهربان ٿيس، جو زندگي جي ڪهاڻي جو بچاءُ ٿي ويس.
    ھاڻي وڌو ٿا ٽيئن ڪهاڻي طرف! ھن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار وسيم آهي، ھو پشاور ۾ سرڪاري ملازم آهي. دفتر دير سان وڃڻ، ان جي زندگيءَ جو پهريون مقصد آهي، ۽ دفتر ۾ پهچي ڪري، ڪم نه ڪرڻ ان جي زندگيءَ جو ٻيو مقصد آهي. چالاڪ ايترو جو سالن جي سروس ۾ فقط ڪجهه گهڙيون ئي ڪم ڪيو ھوندس! «پوءِ چور جي ڏاڙهي ۾ وار» ھڪ ڏينهن پڪڙڻ ۾ اچي ويو، کاتي جي سيڪريٽري ڪم نه ڪرڻ تي، صاحب کي خوب ٻڌائي، وسيم غصي ۾ لال ۽ پيلو ٿي ويو، ھمراھ غصي ۾ دفتر کان گهر جي طرف روانو ٿيو، پوءِ پنهنجي غصي کي زال تي ڀاڙيو. ھن کي ڏاڍي مار ڪٽ ڪري، طلاق ڏئي، پيڪن طرف روانو ڪيائين.
    ھي فقط ٽي ڪهاڻيون نه آهن، پر سماج جو روڳ آهن.
    ھڪ اھڙو روڳ جيڪو صبح شام پروان چڙهي پيو، ھڪ اھڙو روڳ جيڪو سٺائي جو پٿر بڻجندو وڃي پيو.
    الله ڄاڻي ٿو! اسان الاھي ڇو پنهنجن ٻارڙن کي تصوير جو ھڪ رخ ڏيکاريون ٿا، ۽ ٻيو رخ انهن کان ڳجهو رکو ٿا.
    انهن کي خوش رھڻ جو سکيا ڏيندا آھيون، پر انهن کي ڪڏهن به غم سان ڊيل ڪرڻ جو ھنر نه سيکاريو ويندو آهي. انهن جي ڪاميابي لاءِ دعائون گهرون ٿا، پر ناڪامي جو ذڪر ڇيڙڻ کان ڊپ کائون ٿا. سٺن ڪمن کي انهن جي اڳيان واعظ ڪيون ٿا، پر برن ڪمن تي پردو وجهون ٿا. انهن کي قدم اڳتي وڌائڻ لاءِ همٿايو ٿا، پر قدم قدم تي پيش ايندڙ چيلينجز جي آگاھي نٿا ڏيون. انهن کي ٻڌائيندا آهيون ته ڪم ۾ ئي عظمت آهي، پر ڪم چور جي نقصانن جي باري ۾ انهن کي خبردار نٿا ڪريون. ڊاڪٽر، انجنيئر، سرڪاري ملازم ٿيڻ جو بوت انهن جي مٿان سوار ڪريو ڇڏيون، پر انهن جي دل جي دڙڪن کي نٿا ٻڌون.
    توھان پنهنجي ادب کي کڻي ڏسو، اسڪول جي نصاب تي نظر وجهو، ھڪ نه ھزار والدين جا انٽرويو ڪيو، توهان کي ٻارڙن جي سکيا ۾ توازن نه ڳولي سگهندا. جڏهن تربيت ۾ توازن جي گهٽتائي موجود ھوندي ته، ٻار جي شخصيت ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي؟ ھو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪيئن لڀي سگهي ٿو؟ ۽ ھو خوابن جي دنيا ۾ ڪيئن گذارو ڪري سگهي ٿو؟
    سڀني والدين کي خبردار ھجڻ گهرجي! اھا ٻارڙن جي ننڍي ھوندي جي تربيت ھوندي آھي، جيڪا وڏي ٿيڻ کان پوءِ ظاهر ٿيندي آهي. ۽ اھي ٻار والدين کي پاڻي جو بلبل سمجهڻ شروع ڪن ٿا.
    مون ڪجهه سال اڳ لاھور ۾ ھڪ فاؤنٹین هائوس ۾ ڪجهه گهڙيون گذاريون، ڊاڪٽر مونکي ڪجهه مريضن سان متعارف ڪرايو، اھي سڀ زندگي مان مايوس ھئا، پريشان رهڻ، سندن پسنديده شغل ھو.
    سينيئر ڊاڪٽر ٻڌايو ته، ھي اھي مريض آهن جيڪي ناڪامي جا ڏنگيل آهن. جيڪي عدم برداشت جا ساٿي بڻيا ويٺا آهن. ۽ ڪاوڙ کي پنهنجو پيدائشي حق سمجهن ٿا. پيءُ ماءُ جي لاڏ ڪوڏ انهن کي بگاڙي ڇڏيو آهي، انهن جڏهن عملي زندگيءَ ۾ پير پاتو ته، انهن کي خبر ئي نه ھئي ته، ھاڻ ڇا ٿيندو، ھو ناڪامين کي منهن ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪاره بڻجي ويا. انهن کي خبر ئي نه ھئي ته، ھر جڳهه تي ڪاوڙ ڪم نه ايندي آھي، ۽ نه وري انهن کي اھيا خبر هئي ته، ھر جڳهه تي چيخ ۽ روئڻ ڪم ناھي ايندو؟ ۽ توهان کي ھميشه عزت ناھي ملندين.
    اسان جي ليکڪ حضراتن کي نه ان موضوع تي لکڻ جو ڪو شوق آهي، نڪو وري اھڙي ڪا ضرورت محسوس ڪن ٿا.
    جيڪي والدين پنهنجي ٻارڙن کي واقعن ڪامياب ڏسڻ چاھين ٿا ته، اھي معروف ۽ مشهور پروفيسر Randy pausch جي ايوارڊ ماڻيندڙ ڪتاب the last lecture جو مطالعو ڪن.
    پروفيسر لکي ٿو ته، مان پنهنجي پاڻ کي تڪليفن ۽ خراب وقتن لاءِ تيار ڪندو آھيان، منهنجي سوچ منفي نه آهي. بلڪه مان ڄاڻان ٿو ته، ڪڏهن مهل ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ھر قسم جي صورتحال منهنجي ذهن ۾ آهي. ھو ھڪ مثال ڏيندي لکي ٿو ته، جيڪڏهن مونکي ڪو جانور کائي وڃي ٿو ته، ان کان پوءِ مونکي ڇا ڪرڻو آهي، اھو به پلان مون وٽ ٺهيل هوندو آهي، مان ڪڏهن به پنهنجي پاڻ کي وقت جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهان.
    فقط ايستائين نه،
    توهان 2006 ۾ رليز ٿيل will smith جي فلم the pursuit happyness به ضروري ڏسو.
    جنهن ۾ پيءُ پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪري ٿو ته، زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جي تياري اھا نه آهي ته، توهان وٽ ڪيتري دولت آهي؟ بنگلو، ڪار، ۽ ڌنڌو ڪيئن آهي؟ ڪاميابي جي تياري ھي آهي ته، ڇا توهان مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا يا نه، ول سمٿ ڪڏهن به پنهنجي پٽ کي خوش رھڻ جي دعا نٿو ڏي، بلڪه ھميشه ان کي ڏک ملڻ کان پوءِ ان کي برداشت ڪرڻ جي تياري ڪرائيندو رھندو آھي. ھن جو مڃڻ آهي ته، برو وقت زندگي جو حصو آهي. اصل امتحان ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت آهي. ۽ اھا مهارت جيڪي به سکيو وڃي ٿو ته، اھو ڪڏھن به ناڪام نٿو ٿي سگهي. ۽ خوشي ڪڏهن به ھن جي جهول کي نٿي ڇڏي.
    خدا جي واسطي!! پنهنجي ٻارڙن کي ٺڳيءَ ۽ ٺڳن جي دنيا کان آزاد رکو. انهن کي زندگي جي تلخ حقيقتن بابت ضرور ٻڌايو. ڪوڙ جي ڇانوَ ۾ ويھارڻ کان سٺو آهي ته، انهن کي سچ جي گرمي ۾ بيهاريو. جيڪڏهن شازيه جا پيءُ، ماءُ ان کي ڏک، سک ۾ جيئڻ جي سگهه سان واقفيت ڪرائين ھا ته، اڄ انهن جي حصي ۾ فقط پشيمان ٿيڻ نه ھجي ھا. جيڪڏهن حمزه جي پيءُ، ماءُ ھن کي مايوسي سان وڙهڻ سيکاريو ھجي ھا ته، ھو ڇت تان ٽپو نه کائي ھا. جيڪڏهن وسيم جي پيءُ، ماءُ ان کي ڪاوڙ جي شر سان متعارف ڪرائڻ ھا ته، اڄ ان جي گهر واري پنهنجي ٻارڙن جي پرورش لاءِ در در جو ٺوڪرون نه کائي ھا.
    والدين اھو سڀ ڪجهه آساني سان ڪري سگهن ٿا، پر ان کان اڳ ۾ انهن کي احساس ڪمتريءَ جي چادر لاڙھي پوندي. انهن کي ھر وقت ياد رکڻ گهرجي ته، ھر ٻار بيور ڪريٽ نٿو ٿي سگهي، ھر ٻار ڊاڪٽر نٿو ٿي سگهي، ۽ ھر ٻار وڪيل نٿو ٿي سگهي، ڪجهه ٻار ناڪامي جي ڏاڪڻ تي به چڙهي ويندا آهن، فقط انهن کي اھا سکيا ڏني وڃي ته، ناڪام ماڻهو پنهنجي زندگي ڪيئن جيئندا آهن.
    hzaheer145@gmail.com
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جڏهن سماج ۾ دولت جي ڊوڙ هجي ته اهڙا حانڃا وجود پزير رهندا. هي سماج دنيا جي سج دهج ئي مقصد حيات سمجهي ڪري ان جي ڪشش ۾ ڦاٿل آهي ان سماج کي اٿارڻ لاء بنيادي ڪمن جي ضرورت آهي يعني هن سماج جي تعليم و تربيت. هي تعليمي نظام جنهن کي براڊ ميڪاولي جوڙيو جڏهن سلطنت عثمايه ٽٽي ته انگريز هتي قابض ٿيا انهن کي پنهنجي غلامي انهن جي ضنعتي ميدان ۾ نوڪرن جي ضرورت هئي انهن ان لحاظ سان تعليمي نظام مرتب ڪيو.
    هتي هڪ ٻي حقيقت آهي جنهن طرف ڪا توجه ناهي. اسان جي سامهون ڪئي شيون ٿينديون رهنديون آهن ليڪن اسان انهن تي بس هڪ عامينه نگاه رکندا آهيون. مثال اوهان ء اسان جي سامهون جي هڪ نؤن گهر ٺهندو آهي ته پهريان موجود هر شي اتان ڪيرائي ڊاهي ويندي آهي پوء نئين عمارت جون بنيادون کوٽيون وينديون آهن ء نئي سري سان ڀتون کنيون وينديون آهن.
    جڏهن هي ملڪ آزاد ٿيو هو ته ملت جي معمارن تي پهريون فرض اهو هو ته زمين جي آزادي سان گڏوگڏ انگريزن جي هر خي کان آزاد ٿين ها پنهنو تعليمي نظام جوڙن ها پنهنجو سياسي نظام جوڙن ها پنهنو عدالتي نظام جوڙن ها جڏهن ته ائين ناهي جو هنن کي نئين سر ڪا شي جوڙڻ گهرجي ها جڏهن ته اها هر شي موجود هئي ڇو جو پاڪستان جي ٺهڻ جو نعرو ئي لا الا الله هو. ليڪن اقتدار پرست ٽولي صرف اقتدار تي قبضو ڪيو آهي ء جيڪي طبقا پهرين ڏينهن ان طرف متصجو هيا جيئين مولانا مودودي جو اسلامي نظريو ليڪن جڏهن هنن ڏٺو ته اقتدار تي قابض ٻيا ٿي ويندا ته هو به ديني سياست تان دستبردار ٿي ويا ء مًربي ميڪاولي سياست ۾ جٽجي ويا. نتڳجو اهو نڪتو جو جي ان قوم جي بيدار و آگهي تي ڪم ٿيئي ها جنهن جا نتائج بيشڪ ديرپا نڪرن ها ليڪن اهي راهون ئي معدود ٿي ويون جنهن ملت ۾ الاهي اقدار اجاگر ٿين ها اها ملت مًرب زدگي جي بيماري ۾ ڏينهون ڏينهن ڪرندي پئي وڃي. هن وقت به هنن ستمن جو حل صرف اهو آهي ته هن سماج جي قدرن تي ڪم ڪيو وڃي پهريان کان موجود قدرن جي کڏ کوٽي وڃي. قرآن ۾ اجڙيل امتن تي ڪم ڪرڻ جو ڍنگ موجود آهي ان طرف ديني روش سان وڌجي ته نتائج خير خواه نڪري سگهن ٿا. انشاء الله.
    وسلام العارض احمد خان شينو عرف ڏاڏل شينو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو