"يادين جو اتهاسڪ دستاويز - صاحب بجاڻي" ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي يادين جو اتهاسڪ دستاويز، ماضيءَ جو سانڍيل ڪئنواس , سنڌيت جي ڊائري، سنڌي قوم جو ڪامپيوٽر، آرڪيٽيڪٽ، مضمون نگار، هدايتڪار، سمپادڪ، سنڌالاجيءَ جو ڪرنگهو ۽ لائبرريءَ جو رکپال، جنهن پنهنجي جيون جا هڙئي حسين پل چورائي سنڌالاجيءَ کي ڏنا ۽ سموري جيون يوگي ٿي فقط هڪ ئي يوگ پچايو _ سنڌيت جي اوسر، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سنڌي ثقافت برقرار رکڻ لاءِ هن هرممڪن ڪوشش پئي ڪئي ۽ ڪري رهيو آهي. اهڙي ٻهوڳڻي شخصيت سنڌلاجيءَ جو ڊائريڪٽر صاحب بجاڻي, جنهن جو جنم سنڌ جي اتهاسڪ شهر ڪراچيءَ ۾ 25 جنوري 1946 ۾ شري مولسنگهه بجاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس ڪٽنب ۾ ست ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي. صاحب بجاڻي اڃا ڏيڍ سال جو مس هو جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ بجاڻي ڪٽنب ممبئي نگر ۾ ڦرندي گھرندي آخر گهاٽڪوپر ۾ اچي ٿانئيڪو ٿيو. صاحب بجاڻيءَ اسڪولي تعليم گهاٽڪوپر جي مشهور سنڌ ڪاسماپاليٽن هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. جيڪو اسڪول شڪارپور سنڌ مان آيل لڇيرام ماٽا جو برپا ڪيل هو. هن انٽر سائنس وديا وهار ممبئيءَ جي ڪي. جي. سوميا ڪاليج مان ڪئي. اسڪولي\ ڪاليجي جيون کان وٺي صاحب بجاڻيءَ جي دوستي ذهين شخصيتن سان رهي ۽ سندس اڄ ڏينهن تائين اهو ساڻن سڪ ڀريو دوستاڻو ناتو هلندو پئي آيو آهي. هت آنءُ سندس خاص دوست ڄاڻائڻ ضروري ٿي سمجهان، جيڪي پڻ اسانجي سنڌي قوم لاءِ فخر جو باعث آهن. ڊاڪٽر سريش آڏواڻي جيڪو هن وقت ٽاٽا هاسپيٽل جو وڏي ۾ وڏو ڊاڪٽر آهي. جنهن کي اسڪولي جيون ۾ ئي پوليو ٿيو. جنهن ڪري هو ننڍپڻ کان ئي ويل چيئر تي هلندو آهي ۽ ويل چيئر تي ويهي وڏا وڏا آپريشن به ڪاميابيءَ سان نبهائيندو آهي هت مونکي خوشي ۽ فخر جو احساس ٿي رهيو آهي. اڄ ننڍپڻ جي ٻن جگري دوستن جو يادگار ڏينهن آهي. اڄ 25 جنوري صاحب بجاڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي. ۽ اسانجي سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ جنهن جي زير سايع هلندڙ ايم. ايم. ڪي. ڪاليج جنهن جو انچارج پرنيسپال ڊاڪٽر ڪشور پشور جيڪو اَڪائونٽس جي دنيا جو شهنشاه آهي. اسانجي بورڊ ۽ ڊاڪٽر ڪشور پشور جي گڏيل فيصلي سان اڄ شام جو سريش آڏواڻيءَ کي سنڌيت جي وڏي اَوارڊ سان نوازيو ويندو. صاحب بجاڻيءَ جو ٻيو جگري دوست سداحيات موهنلال نارواڻي جيڪو ڪجهه وقت نيوايرا اسڪول جو پهريون پرنسيپال هو. پوءِ ڪي. سي. ڪاليج ۾ ايڪانامڪس جو پروفيسر به ٿي رهيو. ورهاڱي کان پوءِ موهنلال نارواڻي اُهو پهريون شخص آهي جنهن آءِ. اي .ايس. جو امتحان پاس ڪيو ۽ دهليءَ جي پارليامينٽ ۾ ڊيپوٽي اَئڊوائيزر جي عهدي تي بِراجمان ٿيو. هن دهلي سنڌي اڪادميءَ جي سيڪريٽريءَ جو پڻ پد سنڀاليو. تن ڏينهن ۾ ڪي. آر. ملڪاڻي اَڪادميءَ جو وائيس چيئرمئن هو. موهن لال نارواڻيءَ جي پوتر ياد ۾ دهليءَ ۾ ٻن روڊن تي سندس پتلو لڳل آهي. هڪ وار وري مونکي فخر ٿو ٿئي ته موهنلال نارواڻي منهنجو پيارو مٺڙو وڏو چاچو هو. صاحب بجاڻيءَ جو پيارو اُستاد مينگهراج تلريجا ڀارت جي سنڌي چترڪارن جو بادشاهه آهي. هن وقت هن جي عمر 95 سال آهي ۽ ٿاڻا ۾ رهندو آهي. ۽ سندس ٻيو جگري دوست، سنڌ چاهي هند ۾ کيس ڪير نه سڃاڻي ؟ ڪونج پرچي جو سمپادڪ ۽ سنڌي ساهتڪار نند ڇڳاڻي جيڪو هري موٽواڻيءَ کي سچي شرڌانجلي ڏيندي سدائين وقت سِر نه فقط ڪونج شايع ڪري ٿو، پر سنڌ هند جي کوڙ کوڙ ساهتڪارن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب به رهي ٿو. صاحب بجاڻيءَ 1971 ۾ بڙودي جي ايم.ايس. يونيورسٽيءَ مان. B.Arch. جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ دهليءَ ۾ Bijani & Associates فرم کوليائين. سندس فرم وڏي پئماني تي وڌي.پر هن جي سموري جسم چاهي روح ۾ سنڌيت جو گهُڻو ننڍپڻ کان ئي لڳل هو، سو 1995 ۾ سنڌالاجيءَ جي سڏ تي فرم جون سموريون جوابداريون ڇنڊي سنڌالاجيءَ طرف رخ رکيائين. اڄڪلهه هو سنڌلاجيءَ جي چوڏسي وڪاس لاءِ ڪرنگهي جو ڪم ڪندو رهي ٿو. بجاڻي اسڪولي جيون کان ڪتابي ڪيڙو هو. هُن ننڍپڻ ۾ ئي سنڌيءَ جا ڪيترائي ناياب ڪتاب پڙهيا هئا. نه فقط پڙهيا هئا پر پنهنجي يادين جي ڪئنواس تي ويو سانڍيندو.جنهن جون کوڙ ثابتيون نه فقط سنڌالاجيءَ ۾ پر اڪادمين ۾ موجود آهن.جن جي گواهي سنڌي ساهتڪار ۽ ڪلاڪار پڻ ڏيندا. هن جا تخليقي ليک دهلي ۽ ڀڄ ريڊيو اسٽيشن تان پرسارت ٿيندا رهيا. سمپادڪ طور بجاڻيءَ 1988 ۾ اُساٽ ساهتيه مالها جاري ڪري اُن پاران ڪن ناياب ڪتابن جو ٻيون ڇاپو ڇپايو. ڏٺو وڃي سنڌي قوم جو هيءُ اُهو شخص آهي جيڪو تن من ڌن ارپن ڪندو رهيو. ۽ شادي نه ڪري پنهنجو سمورو جيون سنڌيت لاءِ ارپن ڪندو رهيو. هُن سنڌيت کي ئي پنهنجو جيون ساٿي مڃيو. صاحب بجاڻيءَ جي ساهتڪ پونجيءَ تي نظر ورائبي ته هيل تائين سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيل آهن .هڪ انگريزي ۽ هڪ سنڌي. حالانڪ هي ٻه معياري ڪتاب ساهت کي ڏئي سگهيو آهي پر هُن جي ساهتڪ ۽ ثقافتي ڪمن جي وچور ايتري وشال آهي جو هن ليک ۾ سمائڻ مشڪل آهي. بس مون هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي گهاگهر ۾ ساگر سمائڻ جي. سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Something About Sindh & Sindhisسنڌالاجيءَ طرفان ڇپايو ويو. 1997 ۾ پهريون ڇاپو ٻه هزار ڪاپيون ڇپيون ۽ ترت ختم ٿي ويون. ٻيون ڇاپو 1999۾ ٻه هزار ڪاپيون به ختم ٿي ويون. جا اسان سنڌين لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي. هن ڪتاب ۾ سوالن جوابن جي فارم ۾ سنڌي ٻولي، ڪلچر، اتهاس، جاگرافي ۽ سنڌ جي مکيه شخصيتن بابت دستاويزي ڄاڻ درج ٿيل آهي.جنهن ۾ اسانجي اباڻي وطن جون کوڙ جهلڪون تجلا ڏينديون نظر اچن ٿيون. جو نوجوان پيڙهيءَ جو فخر کان ڳاٽ اوچو ٿيندو. سندس ٻئين ڪتاب, جو سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل آهي، جو عنوان آهي مُنڊي ڪير پائي ؟ ٻال ساهت ۾ صاحب بجاڻي جو هڪ ئي لکيل ٻال ناٽڪن جو مجموعو، جيڪو 2018 ۾ منڊي ڪير پائي عنوان سان ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ايڪانڪيءَ جي اَبي پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي پوتر ياد ۾ ارپڻ ڪيل آهي. ليکڪ اڄ جي پيڙهيءَ کي ڌيان ۾ رکندي سنڌي ۽ ديوناگري ٻنهي لپين ۾ ڪتاب شايع ڪيو آهي. ڪتاب ۾ جملي ڇهه ٻال ناٽڪ شامل آهن. ناٽڪ نويس صاحب بجاڻيءَ ٻال ناٽڪ جي عناصرن، موضوعن يا وشيه، گفتگو، پاترن، ماحول، شئلي، ڀاشا ۽ ٻين اهم ڳالهين تي چڱو چوکو ڌيان ڏنو آهي. هنن ناٽڪن جي خاص خوبي اها آهي ته ناٽڪ نويس ٻارن جي دلچسپيءَ واري عناصر کي ذهن ۾ رکندي، وندرائيندڙ مواد سان ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي پسنديءَ جي ڀن ڀن موضوعن تي قلم هلايو آهي. جڏهن ته هن جديد دور ۾ سکيا جهڙي عناصر ۾ ڦيرو آيل آهي، جنهن جو پڻ ليکڪ خاص خيال رکيو آهي. هرهڪ ٻال ناٽڪ ۾ سکيا سڌي نه، اڻ سڌي نموني ڏيڻ ۾ ليکڪ ڪامياب رهيو آهي. هنن ناٽڪن ۾ هڪ ٻي پڻ خاص ڳالهه اُڀري بيٺي آهي ته زائفائن جو سڀاءُ ۽ جهڳڙي ۾ زناني ٻولي جون ڪجهه جهلڪون پڻ لياڪا پائينديون نظر اچن ٿيون. جنهن جو مثال خاص ‘هوُ چون تون نه چو’ عنوان وارو ناٽڪ آهي. اهڙي قسم جو پسمنظر واسديو نرمل جي ناٽڪن ۾ پسڻ لاءِ ملندو آهي. ٻال ناٽڪ تي کوڙ ڪتاب ڇپيل آهن. گهڻا ناٽڪ مخزنن ۽ رسالن ۾ پڻ ٽڙيل پکڙيل ملندا، پر گهڻا ئي ناٽڪ فقط ڪاغذن تائين محدود رهجي ويندا آهن.جنهن ڪري اُنهن کي ناٽڪ نه پر اسڪرپٽ ئي سڏي سگهجي ٿو. پر صاحب بجاڻيءَ جي هنن سڀني ناٽڪن کي منچ هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا نصيب ٿيو آهي. ۽ سندس هي هڙئي ناٽڪ ريڊيو تان پڻ نشر ٿي چڪا آهي. مُنڊي ڪير پائي ڪتاب جي عنوان جو هيءُ پهريون ۽ بهترين ناٽڪ آهي جنهن ۾ هٿ جي آڱرين جي نالي وارا پنج ڪردار ٻاچ، ڏسڻي، آڱوٺو، وچين، چيچ، واٽهرو ۽ اَمينچند سونارو آهن. سڀني ڪردارن تمام بهترين ڪردار نگاري نڀائي آهي. صاحب بجاڻيءَ پنهنجي ڪلاتمڪ قلم سان شاعريءَ جي هن هڪ ئي بند ۾ ناٽڪ جو سمورو تاتپرج سمايو آهي. جيڪا ليکڪ جي وڏي حاصلات آهي. جڏهن ته ناٽڪ نويس صاحب بجاڻيءَ جو شاعراڻو انداز پڻ اُڀري بيٺو آهي. آنءُ چاهيان ٿي ناٽڪ جي اهڙي شاعراڻي انداز ۾ سموري ناٽڪ جي تاتپرج جي پنکڙين جي خوشبوءِ پاٺڪ به ماڻين. منڊيءَ لاءِ متو هو، پنجن منجهه جهيڙو، سوناري وٽ نياءَ لاءِ، ڀريائون ڀيرو، جنهن ڪيو نبيرو، ته منڊي آ صرف چيچ لاءِ. تنهنڪري...... منڊي چيچ پائي, منڊي چيچ پائي.... ۽ آخر ۾ ناٽڪ جي ڪاميابيءَ جو ڀرپور احساس ٿئي ٿو. جو پڇاڙي ۾ جيت اُنهن جي ٿي ٿئي جيڪي حليمائي ۽ نئرت سان هلن ٿا. "هٺ نه ڪجي ايترو، هٺ وڃايا وير , ڪري پيا ڪيترا ماڙين مٿان مير." اپني گهوٽ ته نشا هووئي سرائڪيءَ جي چوڻيءَ تي آڌارت هن ناٽڪ ۾ چئن ڪردارن جي بهترين گفتگو مان ليکڪ هن چوڻيءَ جي اهميت ۽ سچائي ثابت ڪئي آهي. ماءُ ٻارن کي وڌيڪ لاڏ ڪوڏ ڪندي آهي. پر پيءُ جو پيار لڪل رهي ٿو، ڇو جو هو بيئلنس ڪري هلندو آهي. تنهن ڪري ٻار جي ڀلائيءَ لاءِ ٻاهران هو سخت رويو اختيار ڪندو آهي. اهڙي ئي موضوع تي هيءُ ناٽڪ رچيل آهي. پيءُ آسنداس جي جملن مان ناٽڪ جو مقصد نڪري نروار ٿئي ٿو. پٽ , هاڻي سمجهيئه ؟ پنهنجي پگهر جي ڪمائيءَ جو ڪيڏو نه قدر ٿو ٿئيئي. اُها ڪمائي اجائي ويندي ڏسي سهي نٿو سگهين. ناٽڪ ۾ اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا چڱا چوکا اِستعمال ٿيل آهن، پر ساڳئي وقت ٻولي ۽ عبارت سجائڻ لاءِ عمدا آهن، جنهن ڪري ناٽڪ سنڌيت جو احساس پڻ ڪرائيندو هلي ٿو. مثلن ؛ ڪم جو نه ڪاج جو , دشمن آناج جو... 26 گهر ۾ ويهي کٽون ڇنڻ.... 26 افعال بد اعمال بد.... 26 جهڙي ڇالي تهڙي پني... 27 اُميدن تي پاڻي ڦيرڻ.....28 هڪ ڳالهه جا غور طلب آهي جو هيءَ ڪتاب 2018 جو شايح ٿيل آهي. ۽ ناٽڪ ۾ پيءُ پٽ کي 10 روپيا ڪمائڻ لاءِ چوي ٿو. ۽ پٽ ٻن ڪلاڪ کان وڌيڪ محنت ڪري ٿو، کيس 5 رپيا ملن ٿا. ناٽڪ پڙهندي ذهن تي اهو سوال اُڀري اچي ٿو. هوُ چون تون نه چو..... "هوُ چون توُن م چو، واتان ورائي، اَڳُ اَڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي، پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي" شاهه لطيف جي بيت تي آڌارت هن ناٽڪ ۾ ڪجهه زنانو جهڳڙو، ته ڪجهه مرد ڪردار به زائفائن جهڙي هلت کان ڇٽل ڪونه آهن، جيڪي عڪس مضبوط گفتگو مان ظاهر ٿي بيٺا آهن. ليکڪ جي لکڻيءَ جي اها ڪاريگري آهي جو ناٽڪ جي ڪردار ڪنوار ستيءَ جا نيڪ سنسڪار ئي ناٽڪ کي آخرين منزل کان کڻي ڪاميابيءَ سان مقصد تائين پهچائين ٿا. شانت ڇوڪريون به جڳهڙو ڪري سگهن ٿيون پر بس تن جي جڳهڙي جي ڀاشا ماٺ هجڻ گهرجي. ناٽڪ ۾ نونهن مسئلي جو حل اجهو هيئن ٿي ڪڍي ڏسو ڪجهه انش ؛ ٻڍي ڪردار چوي ٿي ٻڍي : مائي ڇا چوان ؟ ڪنهنکي چوان ؟ ڪنهنسان وڙهان؟ تون شانت ٿي ويٺي ٻڌين ته ائين پيو لڳي ڄڻ پاڻ سان وڙهي رهي آهيان. جيڪي گاريون توکي ٿي ڏيان اُهي ڄڻ واپس موٽي ٿيون اچي لڳن. ( پيار مان) پٽ، تون صبر سان ويٺي ٻڌين، جواب ڇو نه ٿي ڏين ؟ ستي: وڏن کي جواب ڏيان؟ منهنجن پيڪن مون ۾ اِهي سنسڪار ئي نه وڌا آهن. اوهان وڏا آهيو. ضرور صحيح فرمائيندا هوندا. ناٽڪ ۾ سنڌيت جا ڀرپور عڪس ملن ٿا خاص ٽڪاڻو لفظ گويا اُڀري بيٺو آهي. ۽ ٺهڪندڙ اصطلاح ۽ چوڻيون ڄڻ ٻولي جي زيورن جو ڪم ڪن ٿا. ۽ عبارت کي بهترين بڻائڻ ۾ مددي روپ بڻجن ٿا. مثلن ٻلي ست ڪوئا کائي هلي حج تي 41 ڪم جو نه ڪاج جو دشمن اَناج جو... 43 جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.... 43 مونکي انجام گهرجي الف آنب. ب بلا ٻ ٻڪري ناٽڪ ۾ سنڌي عربي آئيويٽا جا اکر نج سنڌي ناٽڪ جو احساس ڪرائين ٿا ناٽڪ ۾ ٻن ماتائن جي ڏکوئيندڙ حالت آهي هڪ ماءُ، جنهن کي ٻن پٽن جي فيصلي جو پالن ٿو ڪرڻو پوي. 15 ڏينهن وڏي پٽ وٽ ۽ 15 ڏينهن ننڍي پٽ وٽ رهي ٿي. ۽ جنهن مهيني ۾ 31 ڏينهن هجن ته ماءُ ڀل پئي ڀٽڪي؟ ليکڪ اڄ جي اولاد تي طنز ڪندي اُن اولاد کان اهو سوال پڇيو آهي.جيڪو سوال ڪپاتر پٽ جي دل تي به بار محسوس ڪرائيندو. ته 31 ڏينهن واري مهيني ۾ ماءُ ڪٿ هوندي ؟ حالانڪ ليکڪ پنهنجي قلم جي ڪلا سان اهو مسئلو ٻن ننڍن ٻارن کان حل ڪرائي وٺي ٿو. ۽ ٻي ماءُ اسانجي پنهنجي اباڻي ٻولي سنڌي، جنهن جا کوڙ کوڙ ٻار، پر گهڻا گهڻا ناسمجهه جيڪي اُن ماءُ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان محروم رکندي ماسين کي رهائي ويٺا آهي. ناٽڪ ۾ ڏاڏيءَ جو پنهنجن پوٽن ۾ موهه ۽ پوٽن جون ڏاڏيءَ سان پيار جهڙيون تصويرون ۽ اهڙو محبت ڀريو درشيه ناٽڪ کي کڻي بيٺو آهي. ناٽڪ گهڻن ئي ڊائلاگس مان سنڌيت جو احساس ڪرائيندو رهي ٿو پڇاڙيءَ ۾ امان جو ڪردار پنهنجي سموري سنڌي قوم کان انجام وٺي ٿو ته سنڌي امڙ جو دامن نه ڇڏجو. ڏوهي ڪير ننڍپڻ ۾ هڪ آکاڻي ٻڌبي هئي جا تمام مشهور هئي. اڪثر توهان پاٺڪن مان ڪيترن ئي ٻڌي هوندي. هڪ چور کي جڏهن ڪورٽ ۾ حاضر ڪيو ويو ته کيس سزا ۾ ڦاسي ٻڌائي ويئي ۽ سندس آخرين خواهش پڇي ويئي. چور چيو "مونکي پنهنجي ماءُ جي ڪن ۾ ڪجه چوڻو آهي". ماءُ جڏهن پٽ جي منهن تي پنهنجو ڪن رکيو ته چور ماءُ کي ڪن ۾ زور سان چڪ پاتو. جنهن لاءِ چور سبب ٻڌايو ته مون جڏهن اسڪولي جيون ۾ پهريون دفعو چوري ڪئي ته منهنجي امڙ مونکي سزا نه پر اڃا وڌيڪ چوري ڪرڻ لاءِ همٿائيندي رهندي هئي.جنهن ڪري اڄ مون لاءِ ڦاسيءَ جي سزا طئه ٿي آهي هن ناٽڪ ۾ ليکڪ اهڙي قسم جي ناٽڪ کي درٻار جي منچ تي خلقيو آهي. ناٽڪ جي روپ ۾ اهڙي ئي هڪ ڪردار جو چٽ چٽيو آهي. پر هت راجا ان چور کي چاهي مکيه ڏوهاري امڙ کي معاف ڪري ڇڏي ٿو. ڇو جو معافيءَ ذريعي ئي هو وري زندگيءَ جي چڱي راهه اپنائيندا. راجا جي گفتگو گهڻو ڪجهه ڳجهي سکيا طرف اشارا ڪري ٿي. راجا : ڄڻڻ کان نپائڻ وڌيڪ ڏکيو آهي. مائرن جي وڏي ذميواري آهي ته هو پنهنجي سنتان جي رهڻي ڪهڻي، هلت چلت، ويچار وهنوار تي ڪڙي نظر رکن. کيس ٺاهي ٺپي لائق انسان بڻائن، جئن اڳتي هلي هو پنهنجي ڪٽنب، جاتي ۽ ديش جو نالو روشن ڪري... ليکڪ جي سهڻي ٻولي ٻارن ۽ مائٽن ۾ بهترين ڀاڻ ڇڻڪائڻ جو ڪم ڪري ٿي. منهنجي مٺڙي آمڙ ناٽڪ جو عنوان ئي موضوع طرف اشارا ڪندي پاٺڪن کي ممتا ڀري اَمڙ جي تصوير ڏيکاري ٿو. ناٽڪ جي شروعات کان ناٽڪ جي پڇاڙيءَ تائين ليکڪ جي شاعراڻي انداز جا کوڙ کوڙ سارا چٽ ملن ٿا. سموري ناٽڪ ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ جون پيار ڀريون تصويرون جئن ته گڏي گڏو ۽ ٻيون ٻاراڻيون رانديون ٻال اوسٿا جي ڏينهن جي ياد تازي ٿيون ڪري وٺن.جنهن لاءِ ليکڪ جي ٻولي ٻال اوسٿا ۾ پهچڻ لاءِ پاٺڪن کي ماضيءَ جي ڀر ۾ ويهاري ٿي. ناٽڪ مهاتما گانڌيءَ جي شخصيت جي ڪجهه جهلڪن کان به ٻارن کي واقف ڪري ٿو. ليکڪ هن ناٽڪ ۾ هڪ درشيه ڪِلِنڪ تي پڻ رچيو آهي، جنهن ۾ مکيه عناصر مذاق آهي. ۽ ناٽڪ جي پڇاڙيءَ ۾ ليکڪ وري هڪ وار ممتا ڀري ماءُ جي لاثاني تصوير چٽڻ لاءِ محبت ڀريو برش ڪم آندو آهي. سموري ناٽڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌيت تجلا ڏيندي نظر اچي ٿي. ۽ ناٽڪ جي پڇاڙي سنڌ هند جي مشهرو بيت سان ٿئي ٿي. آنءُ چاهيان ٿي هڙ ئي پاٺڪ وري هڪ وار ماضيءَ ۾ وڃي ٻال اوسٿا جو لطف ماڻيندي ممتا مئه ماتا جي مٺڙي گود جو احساس ڪن پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم، ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم، ٿيس جڏهن پئي آءُ بيمار، ننڊ ڦٽائي رهي هوشيار ، منهنجي اَمڙ، مٺڙي اَمڙ ، ناٽڪ ۾ هڪ خاص ڳالهه اُڀري بيٺي آهي جو ليکڪ ٻارن جي معصوم ٻوليءَ ۾ ايتري جان ڀري آهي جو ٻارن جي ٻوليءَ تي ڪنهن وقت مسڪراهٽ، ڪنهن وقت ڏک جو احساس ائين ٿو ٿئي جو ڄڻ ٻار پنهنجا ئي آهن. ڪجهه منهنجا پنهنجا شخصي تاثرات جڏهن به مونکي ڪو خاص ڪتاب کپندو آهي ۽ اهو ڪتاب منهنجي خود جي لئبرريءَ ۾ ڪونه نظر ايندو آهي. نه ئي وري ارد گرد مان ڪتاب ملڻ جو ڪو چارو نظر ايندو آهي.تڏهن به آنءُ ڪڏهن به نااُميد نه ٿيندي آهيان. ڇو جو اهو ڪتاب مونکي تمام پري پري کان نظر ايندو آهي. ها پر منهنجو هٿ اوستائين ڪونه پهچندو آهي. پر منهنجي حجت دادا صاحب بجاڻيءَ جي هٿن سان اهو ڪتاب مون تائين ترت پهچائي ويندي آهي. هيءَ ڳالهه فقط مون سان لاڳو ڪانه آهي پر گهڻن ئي مُحققن، کوجنيڪن، مقالا نويسن ۽ ساهتڪارن سان لاڳو آهي. دادا صاحب بجاڻيءَ کان ڪوئي به بندو ڪتاب گهرندو آهي ته دادا اُن وقت ئي زيراڪس ڪرائي ترت اسپيڊ پوسٽ ۾ ڪتاب موڪلي ڇڏيندا آهن. هرهڪ پاٺڪ کي دادا اهو احساس ڏيارائيندو آهي گويا سنڌالاجيءَ جي لئبرري توهان پاٺڪن جي پنهنجي آهي. جنهن جي شاهدي گهڻائي بندا ڏيندا. اهڙي شخصيت کي آنءُ پرڻام ٿي ڪريان ۽ سندس لاءِ ڌڻيءَ در دعا ٿي گهران ته شال دادا صحتمند جيون ۽ وڏي آورجا ماڻين. ************