• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لطيفيات

Ahsan Ali Rind

سينيئر رڪن
سر__حسيني__داستان__پنجون ٫٫ ۵ ،،
بيت نمبر --------------------- پھريون. ٫٫ ۱ ،،
٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫،

لـٖيڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئا مَٿـٖي وِئا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنھُو ڄامُ پَھَسَ،
هُئـا وَڏِي وَسَ، ٻاروچـا ڀَنـڀورَ ۾.

لَسَ ... سنوان پٽ (پوٺو ئي پوٺو) لسو پٽ، لس ٻيلي کي انھيءَ نالي سڏيندا آهن. ڇو تہ ان پَٽَ جو گهڻو ڀاڱو لسو ئي لسو مَيدان آهن.

مانباڻِئا ... مانباڻ يا ماباڙ نئن کان، (هڪ نئٖي جو نالو) آهي، جا لس ٻـٖيلي جي ڏاکڻِي طرف آهي.

پَھَسَ ... زوريءَ، زبردستيءَ سان(جيئن سر ديسي د ۔ ۴ ب ۱۶ ص ۳۷۶) ۾ آهي تہ؟؟
(اِيُ ڪامل! ڪم نہ سندوءِ، جن (پھس) پڇاڙيـٖين پوتيـٖين)

وَسَ ... آبادي (خوشيءَ جو باعث) وسندي، چھچٽي جو سبب.

چونڊ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ احسان رند
 
Back
Top