【≼≽ وائي ≼≽】 سر ... سھڻي، داستان ... پھريون، (معنيٰ ۽ شرح) سميت. ڪِھڙي منجِهہ حِسابَ؟ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! گولي! ڀَڄُ گُناهَہ کان، ڪونِھي سُولُ ثَوابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! نَہ ڪِي سَوَت ۾، نَہ ڪِي مَنجِهہ رَبابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! خُدِيائِي خُوبُ ٿِيـٖين، لايـٖين جي لُعابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِئـٖي، جُنبَيو مَنجِهہ جِنابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! سو نَہ ڪنھِين شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! هُوءَ جي جَرَڪِيا جَرَ تي، سي تان سَڀِ حُبابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! هادِيءَ سين هُنَ پارَ ڏٖي، رِڙهين ساڻُ رِڪابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! چَنبو وِجِهي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ عُقابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! دِيدُ وِڃاءِ مَ دوستَ جو، هَلِي مَنجِهہ حِجابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! ڪَسرتَ آهي قُربَ ۾، اِدغامَ ۾ اِعۡرابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! فنا وجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! ڏي طَھُورا تَنِ کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! مُٺِيءَ ڪِيا مَرضَ ۾، جايا سَڀِ جَوابَ، ꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳꙳ هُئَڻُ مُنھِنجو هوتَ رٖي، لا! =؟؟= =؟؟= =؟؟= =؟؟= =؟؟= =؟؟= =؟؟= ؛ ڏُکين لفظن جي سمجهاڻي ۽ شرح!! پيارا لطيفي پانڌيئڙا، مانِ وارا محبوب ساٿيو - چون ٿا تہ هيءَ وائي شاهہ سائين رحمةﷲعليه جو آخري ڪلام آهي ۽ فاني جهان مان ظاهري طرح برڪو مٽائڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ اهو ڪلام (وائي) چئِي اٿس. هيءَ وائي تنھن ڪري محقق حضرات سر سھڻي جي داستان پھريـٖين ۾ ڄڻائين ٿا تہ - سھڻي جي موت کان پوءِ ھن داستان جي پڄاڻي اهڙِيءَ وائي سان ئي ٿيڻ گهرجي. ꙳꙳꙳ حِسابَ ... ڪھڙي ليکي، ڪھڙي اکر! ꙳꙳꙳ ھُئڻَ ... جِئڻَ. ꙳꙳꙳ سُول ... مزو، لذت، فائدو. ... گولي پڄ گُناهہ کان، ڪونھٖي سُولُ ثَوابَ - نہ رڳو گناهہ کي ترڪ ڪر، پر ثواب ۾ بہ ؛ ڇو تہ ثواب ۾ بہ ڪو لطف ڪونھي، گناهہسان دوزخ جو مزو چکڻو پوندو ۽ ثواب جا ڪم ڪرڻ سان بھشت جي بشارت؛ پر محبوب جو ديدار ۽ وسال گناهہ ۽ ثواب، ٻنھي کيترڪ ڪرڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿو محبوب جي وصال جي خواهش رکندڙ طالب کي، ڏوهہ، ثواب، ٻنھي ضدن کي ساڙي، اندر ۾ عشق جي آتش ٻارڻ گهرجي. ꙳꙳꙳ سَوَت ... ٺلھي پرهيز گاري( هي سٽ ڊاڪٽر گربخشاڻي هن طرح لکي آهي ت؟؟) [نَڪِين ''تَقاوَتَ'' ۾، نَڪِين منجھِي رَبابُ] ꙳꙳꙳ تقاوت ... تقويٰ، خدا جو ڊپ پرهيزگاري، هتي، (راڳ يا گانو، جو شريعت موجب منع ٿيل آهي) ꙳꙳꙳ نڪِين تقاوت ۾ ... خدا جو فضل نڪي شريعت جي سکڻي پيروِي تي منحصر آهي، نڪِي بـٖي شرئِي ڪمن ڪرڻ تي. جو شخس عشق جي کُورٖي ۾ پنھنجو اندر اُجارٖي اڇو ڪري ٿو، تنھن کي ئي محبوب جو ديدار نصيب ٿئي ٿو. ꙳꙳꙳ خُديائِي ... خوديان ئي، پاڻ منجهان ئِين (خود = پاڻ) ꙳꙳꙳ لُعابَ ... ٿُڪَ، پِڪ، چپن کي چنو مکين، خاموش رهين. (لُعاب لائڻ ايتري قدر خاموشي اختيار ڪرڻ جو تويل وقت تائين چپ ئي نہ چورڻ جي ڪري چپن تي پِڪ کؤنر جو روپ اختيار ڪري وڃي.) ꙳꙳꙳ خُدِيائِي خُوبُ ٿِيـٖين ... جيڪڏھن تارڪ بنجي، لبن تي ماٺ جي لغام چاڙهي، خلوت ۾ گذارين تہ پاڻ ۾ ئي پرين کي پسي، پاڪ ٿي پوين. شاهہ عبدلڪريم ؒ فرمائي ٿو؟؟ [مُنھَن ڪر منجهارا، ٻَھرِ ڍونڍ (ڳول) م ڍور جيئن] ꙳꙳꙳ جُنبَيو ... پليتي - پليت ٿيل. ꙳꙳꙳ جِنابَ ... ميرو مٿو، ميرائي، مٿي ميرائي. ꙳꙳꙳ پَلِيتُ ئِي پاڪُ ... ڪھڙو بہ زاني ۽ گنھگار شخص، زبان تي مھر هڻڻ ۽ دنيا کي ترڪ ڪرڻ سان، دل جي صفائي جا محبوب جي مشاهدي لاءِ ضروري آهي. سا حاصل ڪري سگهي ٿو. ꙳꙳꙳ تُرابَ ... مِٽي، مِٽيءَ جو پتلو، خاڪساري، نياز، نيستي، فنا. (يعني انسان) ꙳꙳꙳ سو نہ ڪنھِين سَيءِ ۾ ... جيڪي هيٺائينءَ ۽ نِوِڙَتِ ۾ آهي، سو ٻيءَ ڪنھن ڳالهہ منجهہ ناهٖي، جيڪِين (پاڻ) اندر جي (مان - تڪبر وڏائي) فنا ڪري، مٽيءَ وانگٖي مُردو ٿي پوڻ ۾ آهي سو ٻيءَ ڪنھن ڳالهہ ۾ ناهي. جيڪي اسرار هن خاڪ جي پُتلٖي، انسان جي اندر ۾ آهن، سٖي ٻِينءَ ڪنھن بہ شَيءِ ۾ ناهِن. بيان العارفين ۾ ذڪر اچي ٿو تہ، هڪڙي ڏينھن شيخ بايزيد بستاميءَ کي خدا جي ديدار جو شوق ٿيو، جنھن لاءِ عرش تي چڙھي ويو. عرش کي چيائين تہ - اَي عرش مون کي ﷲﷻ جو ديدار ڪراءِ؛ عرش ورندِي ڏني تہ - رب تعاليٰ خاڪِيَن جي وُجود (دل) ۾ آهي، تون بہ اتي وڃي ڳولِينس ۽ جيڪي هن خاڪ جي پُتلي ۾ آهي سو عرش ۾ بہ ناهٖي. ꙳꙳꙳ جَرَڪِيا ... چلڪيا، جهرڪيا - چمڪاٽ، تجلي. ꙳꙳꙳ ... پاڻيءَ جا ڦوٽا، ڦُڪڻا!! ꙳꙳꙳ هوءِ جي جرڪيا ... جن دُنوي شين کي ٻاهريون ڏٖيک وٖيک ۽ تجلو آهي، سي پاڻِي جي ڦوٽٖي مثل بي بقا آهن. [جَرَ تي ڦوٽو جِينئَن، لَھرُن لڳندي اَڌُ ٿئي، تُون پُڻ آھِين تِينئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينھَڙو.] دنيا اندر جيڪي بہ ڪجهہ شيون آهن (انسان کان وٺِي هر شَيءِ) هر روپ رنگ سي سڀ جر جي فوٽٖي جيان بي بقا آهن، بقا هميشہ لاءِ صرف هڪ ﷲﷻ کي ئي آهي، ٻيءَ هر شَيءِ فنا ٿيئڻي آهي. ꙳꙳꙳ رِڙهين ... توکي رڙھڻ گهرجي ꙳꙳꙳ رِڪابَ ... رڪاب وٺي نوڪرن وانگر هلين - رڪاب ساڻ رڙھڻ، دستور آهي تہ بادشاهہ، اميرن وغيره سان، ڪي خدمتگار رڪاب ۾ هٿ وجهي گهوڙي سان گڏ هلندا آھن، تنھن ڪري رڪاب سان رڙھڻ جي معنيٰ آهي؛ حاضري ۾ هُئڻ(هُجڻ) خدمت ڪرڻ. ꙳꙳꙳ هادِيءَ سين ... مرشد ڪامل جي ڪنجڪ وٺِي، يعني سن جي ڏسيل واٽ وٺي، محبوب سان ملڻ وارو سفر طع ڪر. ꙳꙳꙳ چورَ ... يعني نفس، مولسنا رومي، مثنوي ۾ فرمائي ٿو تہ نفس ڪُوئٖي جهڙو ڳجهڙو ۽ چالاڪ چور آهي، جيئن ڪُوئو اَن جي انبار کي اندران ئي اندران کاٽ هڻي دڦ ڪري ڇڏيندو آهي، تيئن نفس بہ انسان جي چڱڻ اعمالن کي لِڪ چوريءَ چٽ ڪريو ڇڏي. ꙳꙳꙳ ڇَڙَ ... تيز، تکو ئي تکو سڌو ئي سڌو. ꙳꙳꙳ عُقابَ ... شھباز. انسان کي عقاب سڏيو ويو آهي، ڇو تہ اصل ۾ انسان روحاني شين جو شڪار ڪندڙ آھي؛ پر دنيا ۾ اچي، نفس جي چنبي۾ ڦاسي، پنھنجو اصلوڪو مقصد وساري ڇڏيو اٿس. ꙳꙳꙳ دِيدُ ... ساڃاهہ، سڃاڻپ ꙳꙳꙳ حِجابَ ... پردو - جڏھن شڪار نہ ڪندا آهن، تڏھن باز کي اکيا چاڙهي ڇڏيندا آهن، انھيءَ لاءِ تہ سندس نظر تکِيءَ ٿئي. پر جيڪڏھن ڳچ وقت اکيا چاڙهي ڇڏيل هوندا اٿس، تہ هڪدم لاهڻ ڪري پھريائين ڪي قدر(چند سيڪنڊ) اکين اڳيان ڌُنڌِ معلوم ڪندو آهي؛ پر ستت ئي پنھنجي مالڪ جي هِمتائڻ تي، پاڻ سنڀالي، شڪار جي پٺيان پرواز ڪندو آهي. اهڙي طرح انسان بہ نفس ۽ حواسن جي حجاب ۾ رهِي، پنھنجي اصلوڪي روحاني شڪار ڪرڻ جي عادت وساري ڇڏي ٿو. شاهہ سائين فرمائي ٿو تہ: پنھنجي هاديءَ، يعني مرشد جي ساڃاهہ رکي ڌُنڌِ کان پاڻ کي آزاد ڪري، پنھنجي اصلوڪي مقصد هٿ ڪرڻ جو خيال رک. ꙳꙳꙳ ڪَسرتَ ... ڀڃڻ؛ نفس کي ماري مات ڪرڻَ. ꙳꙳꙳ قُربَ ... نزديڪي، ويجهڙائِي؛ يا وصل. ꙳꙳꙳ اِدغامَ ... ٻن حرفن جو ملي هڪ آواز ٿيڻ. (اعراب - لاڪنائون، يعني علامتون، جهڙوڪ زٖير، زَبر، ۽ پيش) ... اِدغامَ ۾ اِعرابَ -- جهڙيءَ طرح ادغام ۾ ٻہ حرف پنھنجي پنھنجي هستي وڃائي هڪ ٿيئن ٿا، تھڙي طرح، واصل باﷲ لاءِ، نفس مارڻ يعني انفرادي هستي مِٽائڻ ضروري آهي ꙳꙳꙳ فَمَ ... وات ꙳꙳꙳ طَھُورا ... پاڪ پاڻي ꙳꙳꙳ جايا ... اجايا ꙳꙳꙳ جايا سڀِ جوابَ ... مٿيا اسرار، مرض بيخوديءَ جي حالت ۾ ظاهر ڪيا اٿم. ------ مددي رسالا. =؟؟= شاهہ جو رسالو -- غلام محمد شاهواڻي. شاهہ جو رسالو -- ڊاڪٽر هوت چند گربخشاڻي.