موحد مسلمانن جي"باب الاسلام سنڌ" 712ع کان 1050ع تائين.

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2021۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    موحد مسلمانن جي"باب الاسلام سنڌ" 712ع کان 1050ع تائين.
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    چچ دئور حڪومت ۾ "ٻڌمت مذهب" جا اهي سنڌي واپاري "برهمڻ, لوهاڻا کتري ۽ ٻيون ذاتيون" جن دعوت نبوت کي لبيڪ چيو ۽ پاڻ ﷺ جي هٿان اسلام قبول ڪيائون, سڀ ذآت جڙي "السندي مسلمان" بڻيا, هميشه لاء سرزمين عرب ۾ مقيم ٿي ويا جو پاڻ سڳورن ﷺ کين سرزمين عرب ۾ عرب واپار سان گڏ "بيت المال جا نگهبان مقرر ڪري چڪا هئا.

    اها 1050ع کان پوء سنڌ اچي سنڌ تي قبضو ڪرڻ وارن ندل چنگيز خان, ترڪمستان, فارس جي زرتشت سوچ ۽ سنڌ تي قابض افغاني لٽيرن جي غلط پتوپيگنڊا آهي جن کي سندن درٻاري لکهياري ۽ تاريخدان, پنهنجي آقائن جي پروجيڪشن ڪرڻ کان پوء لکندا رهيا ته "باب اسلام سنڌ" جي عوام کي ڪنهن عرب يا محمد بن قاسم يا عجم جي بزرگ مسلمان ڪيو.

    سنڌي ته دعوت نبوت تي لبيڪ چئي "واديء مهراڻ" ماٿريء مان پهرين قوم هئي جيڪا مسلمان ٿي چڪي هئي, انهن ئي "السندي مسلمانن" کي پاڻ سڳورن ﷺ جوڙي "السندي" بڻائي "نبين جي مقدس سرزمين عرب", جتي ڪعبت الله جو پهريون بنياد حضرت آدم علیھ سلام ۽ بي بي حوا ملي ڪري رکيو هو, اتي جائز تجارت سان گڏ "بيت المال" جي نگهبانن" طور پاڻ سڳورن سنڌ مان اچي اسلام قبول ڪندڙ "السندي" مسلمان کي ئي مقرر ڪيو هو. ثابٿيء لاء جيڪا وڊو شيئر ڪئي اٿم اها ثابت ڪري ٿي ته اڄ به سرزمين عرب تي انهن السندي مسلمانن جو اولاد موجود آهي جيڪي هر سال پنهنجي سنڌي هئڻ جو اقرار ڪرڻ لاء سيمنار ڪن ٿا.آئون به پنهنجي PIA جي حج پوسٽنگس دوران پنهنجي مرحوم چاچي جنهنجو جسم خاڪي مڪه شريف ۾ مدفون آهي, اهي سيمنار اٽينڊ ڪري آيو آهيان.

    ته 711ع ۾ انهن جي ئي سنڌي اولاد, جيڪي يمن (عدن) ۾ رهائش پذير هئا, ۽ جيڪي غرض تجارت, پنهنجي عالم و تاجر ليڊر "جبير بن حيان" المعروف "زبير" جي قيادت ۾ ستن بحري ٻيڙن ۽ 700 ڪٽنب ساڻ ڪري "اندلس" ويا هئا ۽ جتان پوء کين "بغداد" وڃڻو هو, "حڪمت الاهي ۽ خواب و خواهش محمد عربي ﷺ" تحت سامونڊي طوفان سان ڀٽڪي سنڌ جي ساحلي شهر ديبل (ڪراچيء) تي اچي ڦاٿا.

    جيڪي پوء سن 711ع ۾ سامونڊي قزاقن کا لٽجي ويا تن انهن سنڌي قيدين کي "راجه ڏاهر" جي "ونگار" لاء وڪيو, جنهن سنڌ جي ٻين "ٻڌمت مذهب" قيدين سان گڏ انهن سنڌي مسلمانن جي سمورو ڪٽب کي قيد بڻايو.

    اهي مسلم السندي سنڌ جي گاديء هنڌ ملتان ۾ رهندڙ, راجه ڏاهر جي پٽ جا قيدي بڻيا جنهن کين, سنڌ اچي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ ٻڌمت قيدي واپارين سان گڏ قيد ڪري ڇڏيو هو, محمد بن قاسم ديبل اچي پوء نيرون ڪوٽ وڃي ان کي راجه ڏاهر جي پٽ کي قتل ڪري آزادي ڏياري, ۽ سنڌ جي گاديء جي هنڌ "ملتان" ۾ راجا ڏاهر کي شڪست ڏيڻ ۽ قتل ڪرڻ لاء روانو ٿي ويو, کيس مسلسل جنگين ۾ "اڍآئي سال" لڳا, پوء جڏنهن بغداد جي بادشاهي تبديل ٿي, سلطان سليمان بغداد جو بادشاه ٿيو ته هن حجاج بن يوسف سان گڏ سندس ڀائٽي محمد بن قاسم کي به ملتان مان گرائي قتل ڪرائي ڇڏيو. ياد رهي ته محمد بن قاسم طائف جو رهڻ وارو هو ۽ طائف جا ماڻهون پاڻ سڳورن کي تڪليفون ڏيندا هئا ۽ اصحابن جي چوڻ باوجود پاڻ سڳورن طائف جي ماڻهن لاء بددعا نه گهري, ۽ ٻڌايو ته طائف جو هڪ ننڍي ڄمار جو سپه سالار نڪرندو جيڪو سنڌ کي باب اسلام سنڌ ٺاهڻ وارن جو مددگار بڻبو ۽ اهو مددگار محمد بن قاسم هو.

    طائف جي رهائشي, فارس جي هن گورنر ۽ 17 سالن جي سپه سالا محمد بن قاسم هٿان آزادي وٺڻ کان گهڻو اڳ قيد ۾ ئي پاڻ ﷺ جي مڪمل ڪيل "توحيدي دين اسلام" کي ٻين ٻڌمت قيدين ۾ تبليغ ڪري کين نو "مسلم شيخ" بڻايائون جن کين "السندي" چوڻ بجائي "مومن" چوڻ شروع ڪيو. مگر 1050ع ۾ سنڌ جڏنهن نسل چنگيز ۽ ترڪمستان جي تاتارين, فارس ۽ افغان لٽيرن جي ور چڙهي وئي جن هنن توحيدي مسلمانن, جيڪي سنڌ جا ئي هئا تن کي عرب سمجهي ظلم و بربريت جون سڀ حدون ڦلانگي ڇڏيون.

    سڀ کان پهرين سلطنت عثمانيه مان ڀاڄوڪڙ چوٿين موالي خليفي معتسم با الله, سنڌ اچي, سنڌي ماڻهن کي "غلام ابن غلام" بڻائر رکڻ لاء موالين جا اوتارا" جوڙي بهنگ جو عادي ڪري ڪمزور ڪيو, ان کان پوء فارس جو نادر شاه افشار ۽ ان جي افغاني سپه سالار مظلوم سنڌين کي "غلام ابن غلام"بڻائي رکڻ لاء پنهنجي گهوڙن جي سنڀن سان چچڻ شروع ڪري کين گهوڙا ڙي .... گهوڙا ڙي" ڪرائي "پيري مريدي" ڄار ۾ ڦاسائي " غلام ابن غلام" بڻائي رکيو.

    خاتم النبين محمد عربي ﷺ جي دعوت نبوت کي لبيڪ چوندي سنڌ مان به ٻڌ مت مذهب جا 72 ذاتين جا خانه بدوش واپاري قبيلا به پنهنجي اهل و ايال کي ساڻ ڪري پاڻ ﷺ جي خدمت ۾ حاظر ٿيا سنڌ جون روايتي سوکڙيون "اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي" کڻي ويا هئا ۽ "اجرڪ" کي پاڻ ﷺ جي ڪلهن مبارڪ تي پارايائون پر جيئن ته تڏنهن سنڌي ٽوپي گول هوندي هئي ته ان تي سجدي جي جڳه تي محرابي اندازي ۾ ڪٽي اصحاب سڳورن کي تحفه ڏنائون.

    باب اسلام سنڌ ٺاهڻ وارن سنڌين کي عرب سمجهي ايترو ظلم ڪيو ويو جا اهي پوء اهي "السندي" جن کي نومسلم شيخ عقيدت ۽ اسلامي تبليغ ڪري "مومن" چوڻ لڳا هئا جيڪي 1050ع ۾ سنڌ ڇڏي شهر بهڄ (گجرات) ۽ راجستان لڏي ويا, سي وري برصغير (هند ۽ سنڌ ) تي انگريزن جي 200 سال حاڪميت ڪري انهن سان واپار ڪرڻ لڳا جن کان "مومن" لفظ سهي نه اچارجي سگهيو ته انهن کين mammon چيو ۽ آڪسفورڊ جي ڊڪشنريء ۾ ان جي معنا "پئسي جا,پڄاري يا دولت وارا" چيو وقت سان Mammon سڪڙجي Memon, سنڌيء ۾ (ميمڻ) ۽ گجراتيء ۾ (میمڑں)لکڄڻ لڳو۔

    https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=4035827166442015&id=100000443149205
     
  2. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪا به تحرير بنا حوالي جي ضعيف سمجھي ويندي آهي.
    توھان تمام ڀلو لکيو . پر راجا ڏاهر جا حامي ۽ محمد بن قاسم جا حامين جي بحث لڳي پئي ھوندي آھي تنھن ڪري حوالو ڏيندا ڪيو.
    مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو