"شاهنواز امير CEO سنڌي سيٽلائيٽ چينل,AWAZ TV نيٽ ورڪ" جو جنم ڏهاڙو آهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2021۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اڄ,سنڌي ميڊيا (سوليووڊ) جي هاليووڊ اسٽائل جاسوسي فلم و ڊرامان فٽ, عڪس جيمس بانڊ 007,, ايڪٽر, اسانجي دوست محترم "شاهنواز امير CEO سنڌي سيٽلائيٽ چينل,AWAZ TV نيٽ ورڪ" جو جنم ڏهاڙو آهي, اچو کين ملي سندن هن جنم ڏهاڙي تي واڌايون ڏيون.

    دوست شاهنواز امير, توهان کي سنڌي ميڊيا (سوليووڊ), سوليووڊ رائيٽرس گلڊ, سنڌي آرٽسٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) بلاڪ 13, گلستان جوهر ڪراچي ۽ KTN جي اسٽارپلس اسٽينڊرڊ, تي ٺهيل ڊرامان سيريل "اڌوررا ارمان" ۽ ان کان پهرين " اوکا پنڌ " ۽ آخري ڊرامان سيريل "درد ونديء جو ديس" ٺاهيندڙ, هر دل عزيز چاڪليٽي ڊائريڪٽر (مرحوم امداد شاه راشديء ) جي ياد ۾ جڙيل, سنڌ جي پهرين آن لائين انسٽيٽوٽ "سوليووڊ (پروڊڪشن / پبليڪيشن) ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد سنڌضلع مٽياري, جي ٽيم طرفان دل جي گهراين سان جنم واڌايون هجن.
    https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=4039268989431166&id=100000443149205

    شاهنواز امير سان منهنجي پهرين ملاقات KTN کي پهريون ڊرامون ڏيندڙ امدا شاه راشديء کان پوء سنڌي ميڊيا سان تعلق,رکندڙ ڊائريڪٽر KK سان گڏ صدر جي هڪ هوٽل ۾ ٿي جيڪا پينوراما سينٽر جي ويجهو هئي جتي هاڻ AWAZ TV چينل آهي تڏنهن اها جتوئي صحبن جي "سيمينٽ فيڪٽري" هئي, جنهنجو شاهنواز امير ڊائريڪٽر هو.

    ميڊيا ۾ بطور CO-DIRECTOR/ ASSOCIATE DIRECTIR ساٿ پهرين امداد شاه راشديء سان ۽ پوء جڏنهن SINDH TV کلي ته حسين راشديء سان ۽ امداد شاهراشديء جي وفات کان پوء سندس وفات تائين KK سان بطور دوست رهيو, هڪ بهترين ڀائرن جهڙي دوست ۽ معصوم اندر جي صاف پر هر ڳاله منهن تي چئي ڏيندڙ, هڪ سچي انسان ۽ ڏينهن رات ميڊيا خدمت لاء گڏ رهندڙ, KK جي وڇوڙي منهنجي دل تي گهرو اثر ڪيو ۽ KK جي وفات کان پوء مڙني سنڌي چينل کي الوداع ڪري پاڻ کي جرنلزم ۽ سوشل ميڊيا تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

    منهنجا لکيل اڪثر ڊرامان ۽ عيد پليز KK ڪندو هو ۽جنهن ۾ آئون بطور اداڪار به ڪم ڪندو رهيو آهيان ۽ سندس ڊرامن جو عمومن آئون ئي ڪو ڊئريڪٽر ۽ ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر رهيو آهيان. جيئن ته KK فنانشلي سائوڊ ڪونه هو ان ڪري مون ڪڏنهن به کائنس ڪنهن به ڪم جو اجورو نه ورتو, گڏوگڏ اسلم چانڊيو سان گڏ KK کي اگر ڊرامان پروڊيوز ڪرڻ ۾ فائنانس جو مسئلو رهندو هو تب اسان جو فنانشيل سهولتڪاري کيس رهندي هئي ۽ اسان ڪڏنهن به کائنس واپسيء جي تقاضا نه ڪئي, جو تمام سنڌي چئنل KK جي ڊرامن جي بجٽ APPROVE ڪرڻ کانپوء به کيس ادائگي ڪونه ڪنفا هئا اهڙيء طرح هر سنڌي چينل وارن وٽ KK جا لکين رپيه رهيل آهن ۽ اهي ادائگي نٿا ڪن.

    موضوع هلي پيو شاهنواز امير جو ۽ ساڻس پهرين ملاقات جو جڏنهن هو جتوئي صاحبان جي پينوراما بلڊنگ ۾ سيمينٽ فيڪٽريء جو ڊائريڪٽر هو جيڪي سيمينٽ فيڪٽريء بدلي دنڌي سيٽلائيٽ چئنل کولڻ جو ارادو رکندا هئا ۽ ان سلسلي ۾ مشوري ۽ مدد لاء KK کي چانه جي دعوت ڏني ۽ اهڙن مسئلن ۾ بطور ڪوائلفاڊ مددگار KK اڪثر مونکي ئي پاڻ سان رکندو هو, اهڙيء طرح شاهنواز امير جي دعوت تي KK سان گڏ آئون به ويو هوس ۽ نئين چينل آواز جي رٿابنديء لاء گهڻيون ميٽينگون ٿيون هيون. هميشه چار رڪني ٽيبل ٽاڪ ۽ پلينگ ٿيندي هئي جنهن ۾ "شاهنواز امير سان گڏ حسن وساڻ" به هوندو هو جيڪو KK جو,ڳوٺائي هو غالبن ان جي مشوري تي ئي KK سان رابطو ٿيو.

    آواز ٽيليويزن جو پروجيڪٽ جي تيارين ۾ KK جي ئي گهڻي ۾ مدد هئي, OB رڪارڊنگ اسٽوڊيو, ايڊٽنگ روم, رڪارڊنگ سيٽ, رسپشن آفيس, الغرض سڀ کان پوء PTV سميت مڙني اڙدو ۽ سنڌي چئنلن تي ڪم ڪندڙ هر شعبي جي ماڻهن کي AWAZ TV طرف ريفر ڪرايو, جاب ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي پوء AWAZ TV جي پارٽنر "عنايت شاه" هر شعبي جي لاء ايندڙن جا انٽرويو وٺڻ شروع ڪري سليڪشن ڪئي ۽ آواز چئنل پنمهنجي پهرين ٽيسٽ ٽرانسميشن شروع ڪتي ڏني, اهڙيء طرح KK سڀني جي مدد ڪندو ۽ سندس خواهش هئي ته ان جي بدلي ڪو سنڌي چينل کيس به روزگار ڏي ته جيئن هن جا فنانشيل مسئلا حل ٿين مگر افسوس صد افسوس ڪنهن به سنڌي چينل کيس ملازمت نه ڏني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو