سِڪ جي ته ڪيا سجدن، پَٿر به پَڻي پاڻي - پَٿر به پَڻي پاڻي اَخگر به پَڻي پاڻي. ڪِيئن نارِ خليل الله ڏِس مانند گُلشن ٿي، ڪيئن موسيٰ سي سامهون ٿِيا منتر به پَڻي پاڻي. ڪا عِشق جي اڳيان ڪٿ، بر بريت ڪانه رهي، ٿِيا دَور هِلاڪوءَ جا سَنسر به پَڻي پاڻي. هي عِشق سواءِ هِهڙو، ٻِيو ڪير ڪمال ڪري، جَنهن پَل ۾ ڪَيا ڪَسريٰ، قيصر به پَڻي پاڻي. هت شرط سچي سڪ آ، هت رَمز رِندي گهرجي، ٿا رِند لکئي جا ڪَن، دفتر به پَڻي پاڻي. ڪو ڪِيئن به کَڻي ڪيڏو سهڻو جي سِتمگَر ٿئي، پر عشق بَنائي ٿو ڏونگر به پَڻي پاڻي. مَردن جي جَسارت ڏِس مَردن جي حقيقت سُڻ، ڪَيا همتِ حيدر ڪِيئن، خَيبر به پَڻي پاڻي. جن جن به ڪَمند پاتا، افلاڪ ٽِپي اَڳتي، انصاف ڪيا تن جي، سَيّر به پَڻي پاڻي. اَعجاز اٿئي جي سِڪ ڀرپور برابر پوءِ، ڀٿر جو صنم ٿيندو، هرهر به پَڻي پاڻي.