اعجاز شاه راشدي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ معشوق جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2021۔

  1. معشوق جمالي

    معشوق جمالي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 فيبروري 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماڳ:
    بکر جمالي
    سَلِيان سُور توسان، سَڄَڻَ ڪَهِڙا ڪَهِڙا،
    خَبر وار آهين، پُڇڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

    اِها آ اجائي، ڏاڍائي وڏائي،
    ڪِٿي آ جُدائي، جِهڄڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

    تُون حاضر تُون ناظرُ، ذَري پُرزي ظاهر،
    اَندر توڙي ٻاهر، لِڪڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

    مِٺا مَن جا مُهڻا، ڏئي طَعنا مِهڻا،
    ساڙي ساھه سُهڻا، ٺَهڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

    ڪَڍي ڪَجُ ڪمانا، بَتَر ڪَشِ پيڪانا،
    هَڻي نِت نِشانا، هَسَڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

    چَوي اَعجاز بيوس، ڏِسڻ سان تون ڏِسُ، مُونکي ماٺِ آ بَسُ، ڇُلڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو