انساني فطرت ۽ رشتن جي حقيقت! حبيب مرکنڊ انسان، لفظ انسيت مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ اها مخلوق جنهن ۾ پيار ۽ محبت جو مادو لڌو وڃي. اهوئي سبب آهي جو هڪ انسان ٻئي انسان ڏانهن وڌيڪ ڇڪ رکي ٿو ۽ جانور پڻ ان صفت جي ڪري انسانن کان واقف ٿي ويندا آهن ۽ هن فطري محبت جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهو ٿا ته جيڪو ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي ۽ ڌرتي تي ئي ناهي ايندو، ان لاءِ به سندس والدين ۽ ڪٽنب جي دلين ۾ پيار پيدا ٿي ويندو آهي ۽ اهو ٻار پاڻ سان رشتن ۽ لاڳاپن جو هڪ خوبصورت سلسلو کڻي دنيا ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ والدين، ڀائر، ڀينرون، ڏاڏا، نانا، چاچا، ماما ۽ ٻيا الائي ڪيترا رشتا شامل آهن، جيڪي ان جي اچڻ کان اڳ ئي ان سان لاڳاپيل هوندا آهن ۽ وري ڪو شخص ايترو خوش نصيب هوندو آهي جو کيس مخلص دوست ملي ويندا آهن ۽ اهڙي دوست جو زندگي جو سبب خوبصورت ٿي پوندو آهي، رشتن ۽ لاڳاپن جي لحاظ سان اسان جي سماج ۾ ٻه انتهائون ملن ٿيون، هڪ انتها اها آهي جنهن ۾ هڪ شخص سمورن رشتن کان لاتعلق هوندو آهي ۽ صرف پنهنجي دنيا ٺاهيندو آهي ۽ ٻي انتها اها آهي ته هڪ شخص پنهنجي صرف پنهنجن رشتن کي سمجهندو آهي، اهي ٻئي حالتون اهڙن ماڻهن کي سٺي ۽ معياري زندگي کان پري وٺي وينديون آهن. تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهن کان بيزار ٿيڻ جي سوچ پويان رشتن جون منافقيون ۽ انهن وٽان ملندڙ درد آهن، ان ڪري ماڻهو خائف ٿي ويندا آهن ۽ ان جو ٻيو سبب انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل دور به آهي، جيڪو انسان کي انسان کان پري وٺي وڃي رهيو آهي، ماڻهو موبائل، انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي اڪيلائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اهي شيون عارضي طور تي شايد فائدو ڏين ٿيون پر ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته ماڻهو جي سماجي زندگي برباد ٿي وڃي ٿي، تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته جن ماڻهن ۾ هيٺيون خاميون هونديون آهن، انهن سان ڪير به لاڳاپو رکڻ پسند نه ڪيو آهي. بداخلاقي: ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جانورن کي بداخلاقي پسند نه هوندي آهي ۽ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪا شيءِ جانور کي پسند نه هوندي اها انسان ڪيئن پسندو ڪندو؟ بداخلاق انسان سماج ۾ اڪيلو ئي رهندو آهي. خودپرستي: خودپرستي به اهڙي شيءِ آهي جيڪا انسان کي پنهنجي ذات جي عشق ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي، هو رڳو پاڻ بابت سوچيندو آهي ۽ ٻئي جي پرواهه ناهي ڪندو، ٻئي جي نفعي ۽ نقصان تي ناهي سوچيندو، اهڙو ماڻهو به پنهنجي حيثيت وڃائي ويهندو آهي، لالچي ماڻهو به اهڙي ئي ذمري ۾ اچن ٿا، اهڙو ماڻهو جيڪو هر وقت ٻين کي پنهنجي ڪم لاءِ استعمال ڪري اهو به جلد اڪيلو رهجي ويندو آهي. جڏهن ته بدگماني جو شڪار ماڻهو به ان لاءِ اڪيلا رهجي ويندا آهن جو اهي هر شيءِ کي منفي نظر سان ڏسندا آهن ۽ اهڙي ماڻهو سان به ماڻهو تعلق رکڻ پسند نه ڪندا آهن، هڪ پراڻي چوڻ آهي ته ايترو نرم نه ٿجي جو نپوڙجي وڃجي، ۽ ايترو خشڪ نه ٿجي جو ڪير ٽوڙي وڃي، بهتر ماڻهو اهو آهي جيڪو اعتدال سان گڏ پنهنجي زندگي گذاري نه سخت مزاج هئڻ گهرجي ۽ نه وري گهڻو نرم مزاج هجڻ گهرجي، بدقسمتيءَ سان اسان جو معاشرو شعوري ۽ فڪري لحاظ سان ايترو پختو نه آهي، هتي جيڪڏهن پنهنجي لاءِ ڪجهه اصول ٺاهي زندگي گذارجي ته ان کي ماڻهو تڪبر وارو ۽ سخت مزاج ڪوٺيند ا آهن ۽ جيڪڏهن نرم رهو ٿا ماڻهو وري اوهان مان ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، رشتن جي لحاظ سان به ڄاڻايل ٻئي خيال ايترا ئي اهم رهن ٿا.عام طور تي جڏهن ته ڪنهن سان تعلق جڙي ٿو ته اسان ان مان گهڻيون اميدون رکندا آهيون ۽ سڀ کان وڏي اميد اها ته ڄاڻايل ماڻهو اسان کي ڪم ايندي، تعلق داري ۾ دخل اندازي به غلط عمل آهي ۽ اهو نه هجڻ گهرجي، دوستي رکڻ ۾ هميشه ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اوهان سامهون واري تي بار نه بڻجو، ڪوشش ڪريو ته اوهان ٻين جو بار هلڪو ڪرڻ وارا ٿيو، ڪنهن به انسان سان لاڳاپو ختم ڪرڻو به هجي ته عزت واري طريقي سان ڪريو، هر انسان کي هزارين معاملا شروع ۽ ختم ڪرڻا پوندا آهن پر اهڙي عمل دوران رشتي جي اهميت کي هر حال ۾ رهڻ گهرجي، معاملا رهن يا نه رهن پر هڪٻئي لاءِ ايتري گنجائش رکڻ گهرجي ته جيئن اهو رشتو برقرار رهي. ڇو ته توھان جي زندگي ۾ تعلق رکڻ وارا ٿورا آهن پر اهڙا ضرور هوندا جيڪي آخري وقت تائين توھان جا ھٿ ۽ بازو بڻجي سگھن ۽ جڏھن توھان ڏکين حالتن ۾ ڦاسي وڃو ته توهان جي ھٿ کي مضبوط سان پڪڙي سگھن. https://dailysobh.com/انساني-فطرت-۽-رشتن-جي-حقيقت/