وارهه جو متحرڪ ڪردار_ڪامريڊ منان چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2021۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    [​IMG] (ڪامريڊ منان جي سالگرهه جي مناسبت سان)

    وارهه جو متحرڪ ڪردار_ڪامريڊ منان چانڊيو

    حبيب مرکنڊ

    سنڌ اهڙن عظيم ۽ امر انسانن سان ڀري پئي آهي جن سماج جي سنوارڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهي انسان ڪيڏا نه عظيم ۽ امر آهن جيڪي ٻين انسانن جي لاءِ سوچين، لوچين ۽ جيئن ٿا، جن مختلف شعبن ۾ پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان نالو پيدا ڪيو آهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن ذريعي سماج جي خدمت پئي ڪئي آهي، انهن جي سوچ ۽ لوچ صرف ئي صرف غمن، ڏکن ۽ سورن جي ماريل انسانن جي لاءِ هوندي آهي.
    اهڙن امر ڪردار ۾ منهنجي جنم ڀومي وارهه شهر جي مايه ناز شخصيت، ايم آر ڊي تحريڪ جو اسير، عوامي تحريڪ جو جاکوڙي ۽ کاهوڙي اڳواڻ، انسان ۽ برک ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊيو به هڪ آهي جيڪو “قاضي عبدالغفار پبلڪ لائبرري وارهه” ۾ ويهي قلم جي نوڪ سان عوام جا دک درد سرجي اعلى ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندي نظر اچي ٿو. ڪامريڊ منان سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا جي حوالي سان سگهاري ڪردار جو مالڪ آهي، ڪامريڊ جي دل ۾ انسان ذات جي خدمت جو جذبو هر وقت سمايل هوندو آهي، ڪامريڊ منان جي شخصيت ۽ زندگي جا کوڙ سارا پاسا آهن جنهن تي مون جهڙو سيکڙاٽ جيترو به لکي اوترو گھٽ آهي، ڪامريڊ سان منهنجي پهرين مولاقات مذڪوره لائبرري تي پياري دوست، شيراز پريم جي معرفت 2018ع ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪامريڊ سان علمي ادبي ۽ شعوري رشتو جڙيل آهي. ڪنڊياري مان جڏهن به ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته ڪامريڊ سان ضرور ملاقات ٿيندي آهي ۽ ڪامريڊ جي ڪچهري مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو آهي.
    ڪامريڊ منان جو جنم 27 فيبروري 1960ع ۾ ڳوٺ ڳاڙهي جاگير تعلقه وارهه (تڏهوڪي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ) ۾ سعدالله خان چانڊيو جي گھر ۾ ٿيو. 1970ع ۾ ڳوٺ جهان خان چانڊيو ۾ قائم ٿيل لوڪل بورڊ جي اسڪول ۾ فقط پهريون درجو پڙهيو، ان کان وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، ۽ ٻارائپ ۾ ئي پنهنجي چوپائي مال چارڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪندو رهيو، بنيادي طرح ڪامريڊ هڪ هاري رهيو آهي. نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ساگر مشتاق جي بقول ته “ڪامريڊ منان جي شخصيت جو سڀ کان وڌيڪ سگهارو پاسو سندس سياسي سفر آهي جنهن ۾ هو ذميداري، ايمان، يقين ۽ اعتماد سان اڳيان هلندو اچي پيو، هن کي يقين آهي تہ ظالم سرداري نظام، رهزن سرمائيداري نظام، مفاد تي ٻڌل نام نهاد جمهوريت ۽ ٻيا اهڙا عوام دشمن نظام هڪ ڏينهن ڪري پٽ پوندا ۽ انقلاب جو سورج دنيا جي مظلوم قومن جي وٿ بڻجي اڀرندو، ڪامريڊ منان سياسي سفر ۾ جيل بہ ڪاٽيا پر پنهنجي عظيم مقصد کان ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيائين، سياست کي عبادت سمجهي اڳيان وڌندو رهيو آهي، رواجي طور تي ته سياست فقط مفاد نالو آهي پر ههڙا ماڻهو ئي آهن جن جي ڪري سياست عام ماڻهو جي وجود جي بقا جو ازلي آواز بني آهي. ڪامريڊ منان چانڊيو سياست جي شروعات 1980ع ۾ ڪامريڊ الهه رکيو چانڊيو فدائي جي معرفت مشهور هاري اڳواڻ قاضي غفار سان ملاقات کان پوء ڪئي.
    ڪامريڊ منان، فڪر پليجو جي واٽ کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ جي برادر محاذ سنڌي هاري ڪاميٽي بطور ڳوٺاڻي شاخ جو پهريون ڪچو ۽ پوءِ پڪو ميمبر بڻيو، جيڪو سلسلو تقريبن ٽن سالن تائين هلندو رهيو، تنهن کان پوءِ 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌي هاري ڪاميٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ميمبر طور 13 سيمپٽبر تي لاڙڪاڻي جي پاڪستاني چونڪ تي پاڻ مرادو گرفتاري ڏنائين، شروع ۾ کيس هڪ مهيني تائين لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رکيو ويو، بعد ۾ کيس سکر سينٽر جيل ۾ ٻين سياسي قيدين سميت منتقل ڪيو ويو، جتان 18 مئي 1984ع تي آذاد ٿيو، واضح رهي ته ڪامريڊ منان جو ڪيس فوجي ڪورٽ ۾ انڊر ٽرائل رهيو. ڪامريڊ منان چانڊيو 1987ع ۾ شهيد فاضل راهو جي چاليهي ۾ شرڪت لئه لاڙڪاڻي کان راهوڪي تائين عوامي تحريڪ پاران ڪيل لانگ مارچ ۾ شريڪ رهيو، واضح رهي ته پاڪستان ۽ سنڌ جو اهو پهريون لانگ مارچ هيو، ان کان اڳ ڪنهن به تنظيم لانگ مارچ ڪون ڪيو هو. ڪامريڊ منان چانڊيو عوامي تحريڪ ۾ رهندي مختلف عهدن تي رهي چڪو آهي، هو سنڌي هاري تحريڪ ضلع لاڙڪاڻي جو ٻه دفعا جنرل سيڪريٽري، عوامي تحريڪ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جو ٻه ڀيرا سينئر نائب صدر، عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ٻه ڀيرا آرگنائيزر، عوامي تحريڪ تعلقه وارهه جو ٻه ڀيرا صدر رهي چڪو آهي، ڪامريڊ منان چانڊيو هن وقت عوامي تحريڪ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جو آرگنائيزر آهي، ڪامريڊ منان چانڊيو عوامي تحريڪ جي ٿيندڙ تقريبن سڀني مرڪزي جلسن ۽ پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. 2005ع ۾ سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف گورنر هائوس جي گهيراءُ دوران رسول بخش پليجو صاحب سميت سوين عوامي تحريڪ جي مرد، عورت ڪارڪنن سميت گرفتار ٿيو. ڪامريڊ منان عوامي تحريڪ جي مقامي، علائقائي سياسي احتجاجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو پڻ وٺندو رهيو آهي، مقامي ڀوتارن سان مهاڏو اٽڪائيندي سندن خلاف ڪيترن ئي احتجاجي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو، جنهن ڪري مٿس ڪيترائي سياسي بنيادن تي جڙتو ڪيس داخل ٿيندا رهيا آهن.
    ڪامريڊ سياست کانپوءِ ادب کي پنهنجي جدوجهد جو هٿيار بڻايو، علم، ادب، لکڻ ۽ پڙھڻ ڏانهن ننڍي لاڪون ئي پنهنجي تعليمي ۽ ذھني صلاحيت مطابق لڳاءُ رهيس. هو اخباري دنيا سان سڀ پهريون 2007ع ۾ سلهاڙجي ويو سندس پهريون آرٽيڪل 12 مئي جي واقعي تي سکر مان شايع ٿيندڙ “پاڪ سنڌ” اخبار ۾ شائع ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين عوامي آواز ۾ لکندو رهيو، جتي کيس مناسب جڳھ ملندي رهي، ڪامريڊ منان جا هلال پاڪستان، سوڀ، سنڌ ايڪسپريس، جيجل ۽ ٻين اخبارن سميت ڪيترن ئي رسالن جن ۾ تحريڪ ۽ ڪاپڙي نمايان آهن، جن ۾ ڪالم شائع ٿي چڪا آهن، هو سياست، سماجيات، جمهوريت ۽ انقلاب کي پنهنجي منفرد انداز سان ۽ لکي ٿو، اهڙي طرح، ڪامريڊ منان ادب ۾ پنهنجو نمايان ڪردار رکي ٿو. ڪامريڊ منان چانڊيو، سنڌ جو اهو واحد ليکڪ آھي، جنهن وٽ لکڻ لاءِ نه ليپ ٽاپ، نه ئي موبائل ۽ نه وري ڪمپيوٽر آپريٽر رکڻ جي سگهه آهي جو پنهنجا لکيل آرٽيڪل ڪمپوز ڪرائي اخباري ادارن ڏانهن اماڻي سگهي، پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن اشو تي ڪالم لکي ڪري اخبار ڏي موڪليندو رهي ٿو. هن وقت سٺي عرصي کان وٺي هو صرف “ڪوشش اخبار” ۾ مضمون لکندو رهي ٿو، هو اخبارن، رسالن، جيل جي يادگيرين ۽ زندگي جي سياسي سفر جي تجربي جي بنياد تي بين الاقوامي اشوز کان سنڌ جي هر سياسي سماجي مسئلي تي لکندو رهي ٿو، ڪامريڊ منان جا جدا جدا موضوعن تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين ڪالم شائع ٿيا آهن، جيڪو مواد هڪ اندازي موجب ٽن ڪتابن جو ٿي ويندو. ڪامريڊ منان مختلف وقتن تي سنڌي ادبي سنگت شاخ وارھ جو جوائنٽ سيڪريٽري، آڊيٽر، خزانچي ڪاروباري ڪميٽي جو ممبر رهندو پيو اچي، هو گذريل چئن سالن کان قاضي غفار پبلڪ لائبريري وارهه ۾ بطور لائبريرين بنجي نهايت ئي خوش اصلوبي سان فرض ادا ڪندو پيو اچي. ڪامريڊ منان چانڊيو جي علمي،ادبي ۽ سياسي سرگرمين جي نتيجي ۾ سندس پُٽ عرفان منان ۽ نياڻي مرڪ منان به علمي، سياسي، ادبي ذھنيت طرف مائل ۽ گامزن آھن جيڪي لکڻ سان گڏوگڏ سياسي ۽ ادبي پروگرامن ۾ سهڻي نموني سان ڳالهائي سگهن ٿا. ڪامريڊ منان گذريل 40 سالن کان وٺي عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل آهي، ان کان سواءِ هو 13سالن کان وٺي مسلسل پنهنجي قلم سان ساٿ نڀائيندي مختلف موضوعن تي ڪالم، آرٽيڪل ۽ مضمون لکندو پيو اچي.
    هو هڪ ئي وقت ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن، اڳواڻ خوددار ليکڪ آهي، اڄ سندس جنم ڏڻ آ، ان موقعي تي کيس مبارڪباد پيش ڪندي ڊگهي ڄمار لاءِ دعاڳو آهيان، شل سندس قلم جي سگهه اڃان به ترقي ماڻي ته جئين هو مسڪين ۽ مجبور ماڻهن جا درد لکندو رهي..
    sharfdinmarkhand@gmail.com
     
    آخري ترميم: ‏26 فيبروري 2021

هن صفحي کي مشهور ڪريو