رات ٺري لوڪ سُتو، ستا ڪين سور پل پل سانگيئڙن جا مون کي پون پور سورن مٿان سور، وئي وھامي راتڙي _ اکين ڪين ڪيو، الا! جو رت نہ رنائون پلاڙيندي پرينءَ کي بيٺي ڏٺائون انھن اکين آئون، ڪجل ڪھڙو پايان. _ اکين آرو مون کان پڇي نہ ڪيو اتي وڃي اڙيون جت چوڻ نہ چارو ھينئڙو ويچارو، واٽون ڏسي پڄري گهڻو. _ اکڙيون ائين اداس سپون جيئن سمنڊ ۾ ھُو مُنتظر ابر لئہ ھنن تنھنجي آس پريَنَ جي پياس نھوڙي وڌو نظرن کي. _ اکين ۾ ٿي ويھ، تہ واري ڇپر ڍڪيان تارن ۾ تڪيو ڪري پنبڻ ۾ ٿي پيھ ٻيو نہ ڏسئي ڏيھ، رڳو آئون پسان توکي پرين. وڃو ڪويليو وڃو، وڃو پرينءَ کي چئو اڃا پيو جيان مان اڃا پيو جيان. اَجوڳُ ھيءَ جاٽ آ، اساٽ ئي اساٽ آ ٻہ چار پيرڙا کڻان تہ پَنُ پَنُ ٿي ڇڻان سَنِيھُ آ نہ سنگ آ، نہ آس ۾ امنگ آ تڏھن ڀي مارڌاڙ ۾ اجاڙ واڙِ واڙِ ۾ رڙھي رڙھي وڙھان پيو، وڙھي وڙھي رڙھان پيو ڪڏھن نہ ھي وسارجو تہ ڪير سُڃ ۾ سُتو اڃا پيو جيان مان... اڃا تہ جاڳ ٿي جلي، اڃا تہ ويڙھ ٿي ھلي اڃا تہ گهاوَ تاوَ ۾، لھو لھو لڳاءُ ۾ رڙھي رڙھي وڙھن پيا، وڙھي وڙھي رڙھن پيا اڃا ٿيون نہ ماڻڪيون، اُڇاتِريون اُٻاڻِڪيون اڃا گهڙي پُني نہ آ، اڃا تہ رات ٿي نہ آ ڪڏھن نہ ھي وسارجو تہ ڪير ماڳ ۾ مُئو اڃا پيو جيان مان... ٻول : شيخ اياز آواز : سڄڻ سنڌي