سنڌ ۾ زوال پذير ”مشڪريءَ“ جو فن نواز ڪنڀر دنيا وانگر سنڌ ۾ به ڀوڳن ۽ چرچن جي پنهنجي تاريخ ۽ ڪلچر رهيو آهي. مصيبت جي ماريل، ٿڪل ٽٽل ماڻهن جي ذهنن لاءِ کل ڀوڳ وڏي اهميت ۽ معنيٰ رکي ٿي. پر کل ڀوڳ جي به مهل ۽ موقعو هجي ٿو. جيئن چوندا آهن ته ڪنهن جو کلڻ به خواري ته ڪنهن جو روئڻ به راحت. سنڌ ۾ جيئن ملهن، راڳين ۽ ڪجهه رانديگرن کي وڏيرا ۽ رئيس اوطاقن تي ويهاري کارائيندا هئا، انهن کي غمِ روزگار کان آجو ڪرائي، کين پنهنجي فن جي ميدان ۾ محنت ۽ ترقي ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪري ان مان پاڻ به محظوظ ٿيندا هئا، ته ٻين کي حصيدار بڻائيندا هئا، ائين ڪيترن ئي وڏيرن ۽ زميندارن مشڪرن (مسخرن) کي به پاڻ وٽ رهائي کين اهو موقعو مهيا ڪيو، پر مشڪريءَ يا مزاح جو فن گهربل ترقي ڪرڻ جي بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي هٽندي، هاڻ پوئين پساهن تي اچي پهتو آهي. اڳي مشڪري يا سنڌ جي مشڪرن پاران روايتي مشڪري جا مرڪز اوطاقون، ميلا ۽ شادين جا ڇنا هوندا هئا. هاڻ جڏهن اوطاقي ڪلچر ختم ٿي رهيو آهي، شادي جي ڇنن جي جاءِ شادي هالن وڃي ورتي آهي، ان وقت رڳو ميلا ملاکڙا ئي وڃي مشڪرن جي مشڪري جا مرڪزي هنڌ ۽ آخري سهارو بڻيا آهن. اصل ۾ اوطاق اسان جي شهرن ۽ ٻهراڙين ٻنهي ۾ اڄ به موجود آهي، پر ان جي ڪلچر ۾ وقت جي تقاضائن مطابق گهربل تبديلي نه اچڻ سبب هاڻ انهن جو اهو پراڻو استعمال نه رهيو آهي. وقت جي تقاضائن مطابق ڪيل ڪا به سرگرمي يا پروگرام يا ڪچهري اڄ به وڏن توڙي نوجوانن کي اوطاق تي ڇڪي آڻي ٿي، پر شرط اهو آهي ته اها هجي جديد دور جي گهرجن موجب، جو اهڙي طرح اڄ جو نوجوان ٽي وي ۽ اسٽيج تي ته کل ڀوڳ ۽ مشڪري وارا پروگرام ڏاڍي شوق سان ڏسي ۽ ٻڌي به ٿو ۽ داد به ڏئي ٿو، پر اوطاقي ۽ شاديءَ جي ڇنن واري مشڪريءَ کان هو شايد ان ڪري پري ڀڄي ٿو، جو ان ۾ هاڻي ڪا به نواڻ ناهي رهي. دنيا جا مثال ته ڇڏيو خود سنڌ ۾ عمر شريف جهڙا ”مشڪرا“، مزاحيه فنڪار سڏرائي سنڌ ڪابينا ۾ جڳهه والارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، پر اسان جا ڪيترائي فنڪار پنهنجو پيٽ پارڻ ۾ به ڏکيا آهن. انهن شاديون به ان ڪري نه ڪيون، جو پونئيرن کي کارائيندو ڪير!؟ جڏهن ته جديد دور جي تقاضائن مطابق هلندڙ مشڪرا اڄ نه صرف سکيا ستابا آهن، پر اهي ٻين ملڪن ۾ وڃي ناڻو به ڪمائي رهيا آهن، ته ملڪ لاءِ نالو به روشن ڪري رهيا آهن. پر اسان وارا مشڪرا جي ڪٿي وڃن به ٿا ته کين اهو مان ۽ مرتبو نٿو ملي، جيڪو ٻين مزاحيه فنڪارن کي ملي ٿو. ان سلسلي ۾ اسان وٽ ڏئي وٺي اڄوڪي دور ۾ هڪ ئي وڏو نالو ملي ٿو سو آهي قادر بخش مٺوءَ جو، نه ته ٻين روايتي مزاحيه فنڪارن پوري ساري پڙهائي هئڻ سبب رکيو آهي رڳو ڪچي ٻوليءَ تي زور! جيڪو وڏي ۾ وڏو سبب آهي هتي جي مقامي مشڪرن جي پوئتي پوڻ جو. ٻهراڙي جي ڪلچر جي حساب سان مشڪري ڪندڙن کي نه ته ڪنهن سمجهايو، نه ئي انهن جو پنهنجو ڌيان ايڏانهن ويو ته هو ڏينهون ڏينهن پوئتي ڇو وڃي رهيا آهن، ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اهي اهو سمجهي ئي نه سگهيا ته چرچن جي جاءِ تي هاڻ لطيفا اچي چڪا آهن، کل مشڪري واري ڪم ۾ ڪچي ٻوليءَ جي بجاءِ پڪي پختي ٻوليءَ جو به استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهو ساڳيو سنڌي مشڪرن وارو حال اردو ۽ پنجابي مشڪرن اسٽيج تي به شروع ڪيو، پر اهو به گهڻو نه هلي سگهيو. اسٽيج جي پوئتي هجڻ جو هڪ اهم سبب سندن اها ٻولي به هئي، پر ان جاءِ تي فضيلت سان اڪيلي سر پرفارم ڪندڙن کي نه صرف ٻڌو وڃي ٿو، بلڪه انهن کي چڱو ڀلو انعام به ملي ٿو. مقامي سنڌي مشڪريءَ يا مزاح کي ٻن قسمن ۾ ورهايو وڃي ٿو، هڪ ڪچا ڀوڳ ۽ ٻيا پڪا ڀوڳ. ڪچن ڀوڳن ۾ سڀ ڪجهه جائز هجي ٿو، بلڪه انهن ۾ هوندي ئي ڪچي ٻولي آهي، جڏهن ته پڪن ڀوڳن ۾ ڪجهه لحاظ ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو ڪچن ڀوڳن ۾ مشهور ٿيا، انهن ۾ سنجر راهو، جانب خاصخيلي، تلا شاهه، خان صاحب جاڙو خان، ڄام صاحب وغيره شامل آهن، جڏهن ته پڪن ڀوڳن ۾ صابو جانوري (سانگهڙ)، سنجر راهو، عبدالله شيخ (سنجهورو)، جمعو موچي (شهدادڪوٽ)، خانو ڦيراڻي (شهدادپور)، خان صاحب جاڙو خان، وسايو... ڳوٺ نچا ڀائو جو (اتي ئي ڄام خان کي عوام پاران خان صاحب جو لقب مليو هو) مراد جت، غلام محمد ڪيريو، ٻٻر ملاح، الهه ڏنو پڃارو وغيره قابل ذڪر آهن. انهن کانسواءِ به سنڌ ۾ ڪيترائي مشڪرا ٿي گذريا آهن، اڃا به آهن، جن ان فن ۾ نالو ڪمايو، انهن ۾ نورو موچي (ڄام نواز علي)، لونگ خاصخيلي (اڏيرو لال)، نٿو ڪهيري (بدين)، خان صاحب بيگو (ملان مکڻ)، جاڙو فقير جکرو (کيبر)، هارون ڀنڀرو (مٽياري)، انور راهو (دولتپور)، ووهڙو ٿهيم (لانڍي)، بادل مگسي، پنهون خاصخيلي، شادو ڪيريو، سائين بخش خاصخيلي، الوڙو خاصخيلي، حڪيم بچو (ڪنڊيارو)، ميهر ڪلوئي خيرو ڪلوئي، نواب وساڻ (دوڙ)، پنهون شيدي (کنڊو)، ڀورو شيدي (کنڊو) وغيره شامل آهن. (يقينن ڪيترائي نالا رهجي ويا هوندا، انهن جي به نشاندهي ٿيڻ گهرجي). سنڌ ۾ مشڪرن جي حوالي سان مشهور ميلن ۾ عرس مهيني جي ٻارهين تي مٽياري ۾ لڳندڙ هاشم شاهه جو ميلو، مقصودي رند ڀرسان عرس جي چوڏهين تي لڳندڙ سلطان فقير جو ميلو وڏا ميلا ليکيا وڃن ٿا. جن زميندارن ۽ پئسي وارن مشڪرن کي پاڻ وٽ رهائي سندن حوصله افزائي ڪئي، انهن ۾ مٽياري جو سائين جيئندل شاهه ڄاموٽ ۽ سندس ڀاءُ الهه بچايو شاهه ڄاموٽ، ڀٽائي جي پيرن مان سائين الڻ ۽ جڙيل شاهه، شهدادپور لڳ جمال فقير ۽ گلڻ خان رند شامل آهن. جيتوڻيڪ جو اڄ به جڏهن ڪو مشڪرو ڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي اوطاق تي هلي اچي ٿو ته رونشي ڪوڏين، مهانگائي جي ستايلن، مصيبتن جي ماريلن، بيروزگاري ۽ غربت سبب ڪوماڻلن ۾ ڄڻ ساهه پئجي وڃي ٿو ۽ هو چرچن ڀوڳن تي دل کولي کلن ٿا. انهن مشڪرن جو دلي آڌرڀاءُ ٿئي ٿو، هلي ملي ڀر واري ڳوٺ وارا دعوت ڏئي کيس وٺي وڃن ٿا ۽ حسب توفيق خدمت ڪن ٿا، پر سچي ڳالهه اها آهي ته انهن اڻ پڙهيل يا گهٽ پڙهيل مشڪرن وٽ رڳو ڪچي ٻولي ئي هجي ٿي، جن کي پڪا، پوڙها، نوجوان ۽ ٻار گڏ ويهي ٻڌن ۽ کلن ٿا، جنهن جو نوجوانن ۽ ٻارن جي اخلاق تي ڪو سٺو اثر نٿو پوي. انهن جي ڪري ٿورو گهڻو قائم حجاب به هليو وڃي ۽ سڀ هڪ ٻئي اڳيان ساڳي ٻولي ڳالهائيندي ذرو به نٿا هٻڪن. اهڙن موقعن تي جڏهن ڳالهه چرچي کان چڙهي وڃي ٿي ته جهيڙا به ٿيو پون ۽ دلين تي ڪٽ به چڙهيو پون. جنهن لاءِ وري مشڪرن جو چوڻ آهي ته ماڻهن ۾ سهپ ناهي رهي ۽ ماڻهو چڙي ٿا پون، پر هو پسند وري به ڪچا ڀوڳ ئي ٿا ڪن. جي اسان اهڙا ڀوڳ نه ڪريون ته جيڪر ڪير پاڻي به نه پيئاري. ڪجهه به هجي پر جيئن سنڌ جا ٻيا ڪيترائي هنر ۽ فن پستي جو شڪار آهن، ائين روايتي مشڪري ۽ مشڪرا به زوال پذير آهن. جيڪڏهن انهن روايتي مشڪرن ماما لالو (منان عباسي) انور بهڻ، بشارت سمي وانگر پاڻ کي نئين وقت جي سانچي ۾ فٽ نه ڪيو ته اهي ڪٿي جا به نه رهندا، ان ڪري وقت جي تقاضا اها آهي ته انهن مشڪرن جي تاريخ ته ڀلي سنڀالجي پر انهن کي نئين واٽ به ڏيکارجي ته جيئن سڀاڻي بيماري سيماري ۾ هي به پنهنجو علاج پاڻ ڪرائي سگهن، کين ثقافت کاتي کي منٿون نه ڪرڻيون پون، نه مياريون ڏيڻون پون.