ڪيون ويس وتان ٿو ڪارا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سجاد علي سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2021۔

  1. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ڪيون ويس وتان ٿو ڪارا

    وڏي ڏينھن خدا جي پيارا

    منھنجي عيد وڃائي ڇڏي تو

    مون تي ماڻھو کلن ٿا سارا

    نه آئين تون ڪري مان ريھون رنم

    وڪوڙي ويو آھي وھم

    سڀ اوري پري جا ماڻھو

    پنھنجي پيارن وٽ پھچي ويا

    گڏجي خوشيون ملھائڻ

    پنھنجي پيارن وٽ پھچي ويا

    ھن ڏينھن ڀلاري تي به

    توکي ياد نه منھنجي آئي

    ڇا ھٿ آيو توکي سنگدل

    تو منھنجي عيد وڃائي

    گڏ شھر ۾ گھمندي ڏٺا مون

    ڏئي ھٿڙا ھٿن ۾ جوڙا

    ھڪ مان ئي ھيس اڪيلو

    وھي آيا اکين مان گوڙھا

    جي مونسان گڏ تون ھجين ھا

    مان ھار سينگار ڪيان ھا

    توسان عيد جو ڀاڪر پائي

    خوش ڪيڏو يار ٿيان ھا

    روئي ڏينھن گزاريو پنھور

    دلدار نه عيد ملھائي

    توکان سوا او پيارا

    پئي ساھ ڪڍي تنھائي

    سڀ عيد نماز پڙھڻ ويا

    مون وسايو وڃي مئي خانو

    غم ڪاٿي ڀلائي ڀلا ھي

    وڃي آخر تنھنجو ديوانو

    گلوڪار: استاد منظور سخيراڻي. شاعر: دلدار پنھنور
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو