ڪجھ سال پهرين جي ڳالھ آهي. جڏهن مون لکڻ نئون نئون سکيو هو. سوشل ميڊيا تي ڪجھ نه لکڻ کانسواءِ آرام ئي ڪونه ايندو هو. هڪ ڏينهن گوگل سرچ انجن تي ڪجھ تلاش ڪندي سنڌ سلامت ويبسائٽ تي نگاھ پئجي وئي. سرسري طور اُتي موجود مواد تي نگاھ ڪيم ته کوڙ سارو مواد دلچسپ لڳو ۽ آئون پڙهندو ويس. انهي طريقي سان سنڌ سلامت ويب سائيٽ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر سان منھنجي واقفيت ٿي. قصو اتي ختم نه ٿيو. سنڌ سلامت ۾ لکندڙ ٻين ليکڪن جيان مون به اُن ۾ پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو ۽ ٻين به کوڙ سارن دوستن کي اها تجويز ڏنم ته پنهنجي لکڻين کي مستقل جي بنيادن تي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت تي اچو، اُتي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي ڪري اُتي پنهنجا مضمون، ڪالم ۽ ٻيون مواد رکو. سنڌ سلامت تي مواد رکڻ جو اهو فائدو ٿئي ٿو ته جڏهن به اُن موضوع جي مناسبت سان سموري دنيا مان ڪو به ماڻهوءَ مواد ڳولهڻ چاهيندو ته اُن ۾ اوهان طرفان سنڌ سلامت تي رکيل مواد جو لنڪ موضوع سان لاڳاپيل هجڻ ڪري گوگل جي سرچ انجن ۾ نمايا ٿي ظاهر ٿي ايندو ۽ اوهان جو مواد سموري دنيا جي ماڻهن تائين آساني سان رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. منهنجي انهي تجويز کانپوءِ کوڙ سارن دوستن پنهنجو مواد سنڌ سلامت تي رکڻ شروع ڪيو ۽ هي سفر اتان شروع ٿيو. هن وقت سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پڙهندڙن جي ضرورت کي ڏسندي کوڙ ساريون تبديليون ڪيون ويون آهن. جن ڏينهن ۾ آئون سنڌ سلامت جو رڪن بڻيو هيس تن ڏينهن ۾ ڀائو محمد سليمان وساڻ، سجاد علي چنا، عبيد ٿهيم، گل حسن لاکو، ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ محمد راشد شر انتظامي رڪنن واري فهرست ۾ شامل هيا. جڏهن ته هاڻ سنڌ سلامت جي انتظامي رڪن ۾ ٻيا به کوڙ سارا دوست شامل آهن. هنن دوستن جا سنڌ سلامت تي موجود پروفائيل پڙهي ڪري مون کي هنن سنڌ جي سُڄاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ دوستن سان ملاقات جو شوق جاڳيو. اتفاق سان منهنجو ڪنهن ڪم سانگان ڄامشوري وڃڻ ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ هيس ته خيال آيو ته هنن دوستن سان رابطو ڪجي ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني ملاقات جو شرف حاصل ڪجي. مون وٽ ٿوري گهڻي اها معلومات ضرور هئي ته هنن دوستن منجهان هڪڙي دوست گل حسن لاکو جي ڊيوٽي مهراڻ يونيورسٽي ۾ آهي. سڀني کان پهريان اُن سان ملجي ۽ اُن کان باقي دوستن جي معلومات وٺجي. ان ارادي سان مون ڀائو گل حسن لاکو کي ڪال ڪئي ۽ اُن سان ملڻ جو ذڪر ڪيم ته اُن وڏي دل سان چيو ته آئون مهراڻ يونيورسٽي جي لائبريري ۾ آهيان. اوهان هليا اچو ته ملاقات ڪريون ٿا. آئون پاڻ سان گڏ دوستن کي ساڻ ڪري مهراڻ يونيورسٽي جي لائبريري ڏانهن ويس. جتي ڀائو گل حسن لاکو اسان سان مليو ۽ وڏي پيار محبت سان اسان جو آڌر ڀاءُ به ڪيائين. مهراڻ يونيورسٽي جي لائبريري جو وزٽ ڪرائڻ سان گڏ اُن متعلق اسان کي معلومات به ڏنائين. مون اُتي ئي باقي دوستن متعلق کانس پڇيو ته مون کي چيائين ته عبيد ٿهيم حيدرآباد ۾ هوندو آهي ۽ آئون ۽ عبيد گڏ رهندا آهيون. اوهان شام جو حيدرآباد اچو ته اُتي اوهان سان عبيد جي ملاقات به ٿي ويندي ۽ خوب ڪچهري به ڪري وٺنداسين. باقي ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ محمد سليمان وساڻ ڪراچي ۾ هوندا آهن. اُنهن سان وري اوهان جي ملاقات تڏهن ٿيندي جڏهن اوهان جو ڪراچي وڃڻ ٿئي. ساڳي ڏينهن تي شام جو آئون حيدرآباد ويس ۽ ڀائو عبيد ٿهيم سان رابطو ڪيم ته پاڻ مون سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. انهي ملاقات ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر کان وٺي ڪري سنڌي ادب، سنڌي ليکڪن ۽ نون لکندڙن تائين کوڙ سارا موضوع ڪچهري جو مرڪز رهيا. مون کي ڏاڍي خوشي ته سنڌ جا اهڙا نوجوان سچ ته سنڌي قوم جا حقيقي هيروز آهن. جيڪي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي ذاتي مصروفيتن، نوڪري ۽ سنگت ساٿ جي هوندي به سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. آئون ته هنن املھ ماڻهن جو پرستار ٿي پيس. وقت گذرندو رهيو ۽ آئون باقي ساٿين سان ملاقات جي آس دل ۾ کڻي لکندو رهيس. حيدرآباد مان نڪرندڙ سنڌي رسالي احساس مئگزين جي سالگره تقريب سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ رکي وئي هئي. اُن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان کي به مدعو ڪيو ويو هو. جڏهن آئون اُتي پهتس ته اتي منهنجي ملاقات سنڌ سلامت سٿ جي ايڊيٽر اعزازي ڀائو محمد سليمان وساڻ سان ٿي. ساڻس ملاقات ڪندي سچ ته ائين لڳو ڄڻ صدين جي مسافري کان پوءِ پنهنجي اصل ماڳ تي پهتو هجان. ڀائو محمد سليمان وساڻ جو لب و لهجو انتهائي نفيس ۽ سندس سڀاءُ ۾ ايڏي ته پهجائپ مون محسوس ڪئي جو آئون سندس مداح ٿي پيس. ان ننڍڙي ۽ مختصر ملاقات کانپوءِ ساڻس ملسل رابطو رهندو اچي ٿو ۽ مون پنهنجي ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي هڪ هنڌ محفوظ ڪري ڪتابي صورت ڏيندي ڀائو محمد سليمان وساڻ ڏانهن موڪليا. جنهن منهنجي ڪتابن کي مان ڏيندي سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ اپلوڊ ڪيا ۽ هن وقت سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي منهنجا لکيل پنج ڪتاب آنلائين(پي ڊي ايف جي صورت ۾) موجود آهن. جن کي آنلائين ڊائونلوڊ ڪري يا پڙهي سگهجي ٿو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي منهنجي ڪتابن کي ڏسندي سنڌ جي ٻين کوڙ سارن ليکڪن ۽ شاعرن جن ۾ ثاقب بلوچ، اظهر امر، ساجد حسين سومرو، راشد شر ۽ نادر دايو به پنهنجا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ اپلوڊ ڪرايا آهن. مٿي بيان ڪيل دوستن جي فهرست مان ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري، سجاد علي چنا ۽ محمد راشد شر سان منهنجي هن وقت تائين ڪابه ملاقات نه ٿي سگهي آهي. ڌڻي چاهيو ته اُنهن سان به جلد ملاقات جو شرف حاصل ٿي ويندو. محمد سليمان وساڻ سان پيار، محبت ۽ احترام جو جيڪو رشتو جڙيل آهي. اُن جو بنيادي سبب علم ۽ ادب ئي آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ڪراچي ۾ هوندي پاڻ هر وقت کوڙ سارن سماجي تقريبن کي منقعد ڪرائڻ توڙي اُنهن ۾ شرڪت ڪرڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿو. زندگي جي مصروف ترين وقت مان فرصت حاصل ڪندي ئي سنڌي اديبن جا املھ ۽ ناياب ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي تسلسل سان پڙهندڙن تائين پهچائيندو رهندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ مجموعي طور سنڌ جي سڀني ليکڪن کي سندس ڄمڻ جي ڏينهن تي مبارڪ باد پيش ڪرڻ ۽ ڪنهن اديب، دانشور، ليکڪ، فنڪار توڙي اداڪار جي ورسي تي کيس ياد ڪندي اُن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو قومي فرض به بخوبي سرانجام ڏيندو رهي ٿو. سندس اهڙيون ڪوششون ڏسندي اسان کي سندس تي فخر محسوس ٿئي ٿو. پاڻ علم ۽ ادب جو روشن ستارو آهن. سندس شخصيت جا کوڙ سارا اهڙا پهلو آهن جن تي تفصيلي نموني سان ڳالهائي سگهجي ٿو. تڏهن به هن وقت سندس سالگره جي موقعي تي آئون کيس هن لفظن سان ياد ڪندي من اندر سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. ڌڻي در دعا آهي ته سندس جهولي هميشه محبتن جي گلن سان سرشار هجي. (روزاني جيجل بروز ڇنڇر، ۱۳ مارچ ۲۰۲۱ع)