سنڌ جو حقيقي ڪلچر ۽ ثقافت

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2021۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    سنڌ جو حقيقي ڪلچر ۽ ثقافت

    ابوعمير حزب الله بلوچ

    سنڌ کي باب الاسلام هجڻ جو شرف حاصل آھي جو سنڌ برصغير لاءِ اسلام جو دروازو آھي، سڀ کان پهرين اسلام سنڌ ۾ پهتو ۽ پوءِ ٻين علائقن ڏانهن وڌندو رهيو، سنڌ جي ماڻھن خوش دلي سان اسلام کي نه صرف قبول ڪيو ، ۽ محبت ڪئي بلڪه عرب کان آيل مسلمانن جي زبردست آڌر ڀاءُ ڪندي سندن اسلامي دعوت تي لبيڪ چيائون ، مشھور سياح ابو عبدالله محمد بن احمد بن البناء البشاري المقدسي (متوفي 380 هجري) پنهنجي دور جي سنڌي ماڻھن جي باري ۾ لکيو آھي ته :
    مذاهبهم أكثرهم أصحاب حديث و رأيت القاضي أبا محمد المنصوري داودياً أماماً في مذهبه وله تدريس و تصانيف قد صنف كتباً عدة حسنة۔
    انهن سنڌي ماڻھن جا مذھب : انهن مان گهڻائي اهلحديثن جي آھي ۽ مون قاضي ابومحمد المنصوري کي ڏٺو اهو داؤد ظاهري جي مسلڪ جو امام هيو . (جيڪي اصل اهلحديث آھن) . (احسن التقاسيم جي معرفة الاقاليم .ص 363)
    ✿ ڪجھ تاريخي حوالن ۽ عالمن جي تحقيق مطابق ته سنڌ جي سرزمين کي صحابه ڪرام جي قدم بوسي جو شرف پڻ حاصل آھي ، هتي تابعين آيا آھن ڪيترا حديثن جا راوي ۽ محدث سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکن ٿا.
    ✿ سنڌي ماڻھن مذھب اسلام ۽ مسلمانن سان سدائين محبت ۽ پيار ڪيو آھي ۽ دين خاطر هميشه قربانيون ڏنيون آھن ۽ مديني جي انصار وارو ڪردار پئي نڀايو آھي اسلام جي نالي تي جڙندڙ ملڪ وطن عزيز پاڪستان لاءِ سنڌي ماڻھن جي قربانين جو هڪ وڏو داستان آھي هجرت ڪندڙن جو سڀ کان وڌيڪ تعداد اسان جي سنڌ ۾ اچي رهيو .
    مطلب ته سنڌ وارن ۾ اهي مهمان نوازي، پيار محبت ، رواداري ايثار ۽ قرباني جهڙيون انيڪ صفتون صدين کان هلنديون اچن ، سنڌي ماڻھن جي ريت آھي جو هو آيل مهمان جي گهڻي خاطر مدارت سان گڏ کيس سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سوکڙي طور پيش ڪندي انتهائي خوشي محسوس ڪن ٿا ، حقيقت ۾ اها ئي آھي سنڌ سونهاري جي حقيقي ثقافت ۽ سچو ڪلچر ! جنهن تي اسان کي بجا طور تي فخر هجڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ اهڙن اقدارن جي اڃان وڌيڪ پاسداري ڪرڻ گهرجي .
    ✿ شرم ۽ حياءُ پڻ سنڌي ماڻھن جي اهم ثقافت ۽ حقيقي ڪلچر طور سڃاتو وڃي ٿو سنڌين ۾ مشھور آھي ته نياڻي ست قرآن برابر ! اگرچه انهن لفظن تي شرعي طور تحفظات جو اظھار ٿي سگهي ٿو پر انهن لفظن مان سنڌي ماڻھن جي هڪ نياڻي لاءِ عزت ادب ۽ احترام بلڪل عيان آھي ، اڄ به جيڪڏھن ڪيترائي ظلم قهر بلڪه قتل ڪندڙ ماڻھو نياڻي ميڙ ڪري در تي هلي اچي ته سنڌي ماڻھو ان کي سڀيئي ڏوھ ۽ جرم معاف ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آھن ! ، سنڌ جي علائقن ۾ بسن ۾ ٽن ماڻھن جي سيٽ تي جيڪڏھن هڪ پاسي ڪا عورت ويٺل هجي ته اهو ممڪن ئي ناهي ته ان سيٽ تي ڪو مرد ويهي سگهي ، ڪو وقت هيو جو سنڌ ۾ مٿي اگهاڙي ڦِرڻ کي به انتهائي معيوب سمجهيو ويندو هيو ۽ مٿي اگهاڙي سان ڪنهن ڳوٺ جي پاسي کان لنگهڻ جي به ڪنهن ۾ مجال نه هوندي هئي!
    انهن ڳالھين مان معلوم ٿئي ٿو ته شرم ، حياء ۽ پردي داري هن قوم جو عظيم وصف ۽ ثقافت آھي ان جو ئي اثر آھي جو سنڌ جي مسلمان عورت ته ڇا پر غير مسلم هندو عورتون به غيرمحرم مردن کان گھونگھٽ ڪندي نظر اچن ٿيون حالانڪه انهن جو پردي سان ڪهڙو مطلب !
    ✿ سنڌ جي مسلمان عورت ته وضوء ڪندي پنهنجا هٿ چُني (پوتي، ۽ چادر) هيٺان مَٽائي مٿي جو مکُ ڪندي آھي پر پنهنجي مٿي تان پوتي لاهڻ به گوارا نه ڪندي آھي ! ته اها آھي سنڌ جي اصل ثقافت ۽ ڪلچر !
    سنڌي قوم جي خاص لباس مان پڻ حياء ۽ غيرت جي جهلڪ نظر اچي ٿي خاص طور سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ ذاتين جو لباس ان سلسلي ۾ قابل ذڪر آھي .
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا فرمان ان ڳالھ تي دلالت ڪن ٿا ته حياء ۾ خير ئي خير آھي بلڪه حياءُ ايمان مان آھي ۽ ايمان جي آڌار تي ئي ماڻھو جنت ۾ وڃي سگهي ٿو ، ۽ بي حيائي ۽ برو اخلاق گناھ آھي ۽ گناھ دوزخ ۾ وٺي ويندڙ آھي. (صحيح بخاري: 24 ، 6117 ترمذي : 2009)

    ✿ پر هاڻي ڪجھ سالن کان اسان جي قوم جي ڪجھ ناخلف ماڻھن کي الائي ڇا ٿي ويو آھي جو اهي ان حقيقي سچي ۽ بهترين ثقافت کي ڇڏي بي حيائي فحاشي عريانيت ۽ ڇڙواڳي جي پٺيان ڪاهي پيا آھن جو هر سال ڊسمبر جي مهيني ۾ ٽوپي ۽ اجرڪ جي ثقافت جي نالي تي اهڙا ڪڌا ڪم ڪري قوم کي لڄائي رهيا آھن جو الله جي پناهه!
    پياري سنڌ جا سلڇڻا سادا ۽ غيرتمند دوستو! نياڻيون روڊن تي اچي غير مردن سان گڏ هٿن ۾ هٿ ڏئي موسيقي جي آواز تي جھمريون ھڻن ۽ راڳ ڳائين اھا قطعي طور سنڌ جي ثقافت ناھي بلڪه اهو ته سنڌ جي غيرت جو جنازو آھي!
    سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو انتهائي غلط استعمال ڪندي نياڻين کي روڊن تي نچائڻ سنڌ جي تھذيب ثقافت ۽ ڪلچر بلڪل ناهي بلڪه مغربي ملڪن جي گندي تھذيب آھي جيڪا سازش طور اسان جي حياء دار معاشري مٿان مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي !
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آھي ته :
    صَوْتانِ ملعونانِ في الدنيا والآخرةِ : مزمارٌ عند نعمةٍ ، ورَنَّةٌ عند مُصيبةٍ . (صحيح الترغيب: 3527)
    ٻن قسمن جا آواز ملعون آھن (1) ڪنهن خوشي جي وقت ڳائڻ وڄائڻ ، (طنبوري بانسري دهل ۽ شرنائي وغيره) جو آواز (2) ڪنهن ڏک غم مصيبت ۽ تڪليف جي وقت زور زور سان روئڻ پِٽڻ جو آواز.
    ✿ ڇا قومون مهمان نوازي، محبت، رواداري، شرم حياء جهڙن عظيم اخلاقي قدرن ۽ ڪم دنڌي جھڙن قومي صفتن ۽ ڳُڻن کي رخصتي ڏئي، بي شرمي ، بي حيائي، دھل ڌمالن، ۽ ٽوٽرائپ جهڙن ڪڌن ڪرتوتن ۽ پرڪارن کي رواج ڏيڻ سان ڪو ترقي ڪنديون ڇا!!
    حد ته تڏھن ٿي ويئي جو سنڌ جي نياڻين کي اجرڪ جهڙي عظيم لباس جي چادر، پردي ۽ پوتي پارائڻ جي بجائي مرداڻو شعار پٽڪا ۽ ٽوپيون پارايون ويون ! جڏھن ته اسان جي شريعت ۾ اهو هڪ لعنتي عمل آھي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مردن سان مشابهت ۽ هڪجهڙائي ڪندڙ عورتن ۽ عورتن سان مشابهت اختيار ڪندڙ مردن تي لعنت فرمائي. (صحيح بخاري: 5885)
    ✿ اسان مڃيون ٿا ته ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪو سنڌ جي خوبصورت ۽ بهترين ثقافت ضرور آھي پر ان سان گڏ ” نيڪي، پرهيزگاري، غيرت شرم ۽ حياء“ به سنڌ جي اصلوڪي ۽ حقيقي ثقافت آهي.! جنهن کي نئين ٽھي ۾ منتقل ڪرڻ سنڌ جي شعور جي ذميداري آھي .
    ✿ سنڌي ٽوپي ۾ ٺاهيل محراب جي نشان مان پڻ خبر پوي ٿي ته اسان جا وڏڙا نيڪ نمازي ۽ پرهيزگار انسان هئا جو ٽوپيءَ ۾ مسجد ۽ نماز سان محبت جي ڪري محراب جو ڪٽُ رکيائون ته جيئن سجدي ڪرڻ ۾ ڪا به پريشاني نه ٿئي.
    ✿ اسان سنڌ جي عالمن اديبن باشعور سرت ۽ ساڃاھَ وند ماڻھن کي گذارش ڪنداسون ته ٻيلي اکيون پٽيو ۽ پنهنجي نئين نسل کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيو ايئن نه ٿئي جو پاڻي مٿي کان گذري وڃي ۽ پوءِ هٿ مليندا رهجي وڃون !
    (وَمَا تَوْفِيقِي إِلَّا بِاللَّهِ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو