غير مسلمن جي عيدُن ۽ ڏھاڙن ۾ مسلمانن جو ڪردار؟؟*

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2021۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    *ڪرسمس ، هولي، ڏياري وغيره غير مسلمن جي عيدُن ۽ ڏھاڙن ۾ مسلمانن جو ڪردار؟؟*

    تحرير: *ابوعمير حزب الله بلوچ*

    25 ڊسمبر تي “ڪرسمس“ جي نالي تي عيسائي عيد ملهائين ٿا جنهن جي معنيٰ ئي مسيح يعني عيسيٰ عليه السلام جو جنم ڏيهن آھي مطلب ته ان تاريخ تي عيسائي سيدنا عيسيٰ عليه السلام جو جنم ڏينهن ملهائين ٿا ، ۽ عيسائين جي اڪثريت سيدنا عيسيٰ عليه السلام جي باري ۾ اهو عقيدو رکي ٿي ته اُهي نعوذبالله الله تعاليٰ جا پُٽَ آھن سندن هڪ باطل عقيدو تثليث جو پڻ آھي يعني ٽي خدا آھن انهن مان هڪ عيسيٰ عليه السلام پڻ آھي (نعوذبالله)
    ⭐ اسلامي اعتبار سان اهو عقيدو انتهائي شرڪيه ۽ ڪفريه آھي.
    الله تعاليٰ جو فرمان آھي:
    وَقَالُوا اتَّخَذَ الرَّحْمَنُ وَلَدًا (88) لَقَدْ جِئْتُمْ شَيْئًا إِدًّا (89) تَكَادُ السَّمَاوَاتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْهُ وَتَنْشَقُّ الْأَرْضُ وَتَخِرُّ الْجِبَالُ هَدًّا (90) أَنْ دَعَوْا لِلرَّحْمَنِ وَلَدًا (91) وَمَا يَنْبَغِي لِلرَّحْمَنِ أَنْ يَتَّخِذَ وَلَدًا (92) (مريم)
    ۽ چون ٿا ته الله پاڻ لاءِ اولاد بڻائي آھي بيشڪ اوهان جي اها ڳالھ ته ايتري وڏي ۽ ڳري آھي جو ان سان ته آسمان ۽ زمين به ڦاٽي پون ! ته اوهان رحمان لاءِ پٽ ھجڻ جي دعويٰ ڪيو ٿا ، ان کي اهو جڳائي ئي نه ٿو جو اهو پاڻ لاءِ اولاد بڻائي !!
    بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ
    قُلْ هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ (1) اللَّهُ الصَّمَدُ (2) لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ (3) وَلَمْ يَكُنْ لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ (4) (اخلاص)
    چؤ ته اهو الله اڪيلو آھي الله بي نياز آھي نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس ۽ نه ئي ڪنهن مان ڄائو آھي ۽ سندس برابري وارو همسر ڪير به نه آھي .

    ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن غير المغضوب عليهم ولا الضالين جي تفسير ۾ فرمايو ته ڏمر ٿيل قوم يهودي آھن ۽ گمراھ نصراني يعني عيسائي آھن . (ترمذي:2953)

    ⭐ تنهن ڪري مسلمانن جا طور طريقا انهن کان جدا هجڻ ضروري آھن الله تعاليٰ جو فرمان آھي :
    ثُمَّ جَعَلْنَاكَ عَلَىٰ شَرِيعَةٍ مِنَ الْأَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَاءَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ . [سورة الجاثية 18]

    پوءِ (اي پيغمبر) اسان توکي دين ۽ شريعت جي پڌريءَ واٽ تي ڪيو آھي تنھنڪري (تون بس) اُنهيءَ دين جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي سَڌن ۽ خواهشن جي پٺيان نه لڳ.

    ⭐ انهن اڻ ڄاڻ ڪافرن مشرڪن يهودين ۽ عيسائين کان خبردار ڪندي الله تعاليٰ فرمايو:
    وَلَنْ تَرْضَىٰ عَنْكَ الْيَهُودُ وَلَا النَّصَارَىٰ حَتَّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُمْ قُلْ إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الْهُدَىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعْتَ أَهْوَاءَهُمْ بَعْدَ الَّذِي جَاءَكَ مِنَ الْعِلْمِ مَا لَكَ مِنَ اللَّهِ مِنْ وَلِيٍّ وَلَا نَصِيرٍ . [سورة البقرة 120]

    ۽ (اي پيغمبر اهي) يھودي ۽ نصاريٰ (عيسائي) توکان ڪڏھن به راضي نه ٿيندا جيستائين تون سندن دين جي تابعداري نه ڪرين، (کين) چؤ ته الله جي ھدايت اھا (دين اسلام) جي ھدايت آھي، ۽ (اي پيغمبر) تو وٽ جيڪو علم آيو آھي تنھن کان پوءِ به جيڪڏھن (تون) سندن خواهشن ۽ سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تو لاءِ الله وٽان نه ڪو دوست ۽ نه ئي ڪو مددگار هوندو .

    ⭐ مطلب ته اهو ممڪن ئي ناهي جو يهودي ۽ عيسائي مسلمانن کان راضي ۽ خوش ٿين جيستائين مسلمان سندن ديني طور طريقن ۽ رسمن ۽ رواجن جي پيروي نه ڪن ، حقيقت ۾ سندن مذھبي ريتن رسمن طور طريقن عيدن وغيره جي پيروي سندن خواهشن جي تڪميل ۽ انهن سان ميل محبت جو ذريعو آھي جنهن کان مسلمانن کي سخت تنبيھ ڪيئي ويئي آھي :
    ⭐ يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَتَّخِذُوا الْيَهُودَ وَالنَّصَارَىٰ أَوْلِيَاءَ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَاءُ بَعْضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِّنكُمْ فَإِنَّهُ مِنْهُمْ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ .(المائدة - 51)
    اي مؤمنؤ يھودين ۽ نصارن کي هرگز دوست ڪري نه وٺو، اھي هڪٻـئي جا دوست آھن، ۽ اوھان منجھان جيڪو کين دوست ڪري وٺندو سو بيشڪ انهن مان ئي آھي، بيشڪ الله ظالم قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    ⭐ مومنن کي غير مسلم ڪافرن مشرڪن يهودين ۽ عيسائين سان نه رڳو دلي دوستي کان منع ڪيو ويو بلڪه انهن کان برائت جي اظھار جو پڻ حڪم ڏنو ويو :
    لَّا تَجِدُ قَوْمًا يُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ يُوَادُّونَ مَنْ حَادَّ اللَّهَ وَرَسُولَهُ وَلَوْ كَانُوا آبَاءَهُمْ أَوْ أَبْنَاءَهُمْ أَوْ إِخْوَانَهُمْ أَوْ عَشِيرَتَهُمْ ۚ أُولَـٰئِكَ كَتَبَ فِي قُلُوبِهِمُ الْإِيمَانَ وَأَيَّدَهُم بِرُوحٍ مِّنْهُ..( المجادلة- 22)
    (اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ڪڏھن به ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر سان دشمني ۽ مخالفت ڪئي آھي تنھن سان اهي دوستي رکندا ھجن توڙي اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن ويجها مائٽ ھجن، اِھي (ئي مؤمن ) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان (اهڙي) سگھ ڏني اٿس...

    ⭐ قَدْ كَانَتْ لَكُمْ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِي إِبْرَاهِيمَ وَالَّذِينَ مَعَهُ إِذْ قَالُوا لِقَوْمِهِمْ إِنَّا بُرَآءُ مِنكُمْ وَمِمَّا تَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللَّهِ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاءُ أَبَدًا حَتَّىٰ تُؤْمِنُوا بِاللَّهِ وَحْدَهُ .. (الممتحنة - 4)
    بيشڪ ابراھيم (عليه السلام) ۽ جيڪي(ايمان وارا) ساڻس ھوا تن جي طريقي ۾ اوھان(مومنن) لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائون ته بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشه دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نه) آڻيندؤ..

    ⭐ الله تعاليٰ مومنن جون صفتون بيان ڪندي فرمايو :
    وَالَّذِينَ لَا يَشْهَدُونَ الزُّورَ . (سورة الفرقان 72)
    يعني اهي ڪوڙ تي شاهدي نه ڏيندا آهن . (ڪوڙ ۾ حاضر يا شريڪ نه ٿيندا آھن)
    سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما ، ابوالعالية، طاؤس. ابن سيرين، ضحاڪ، ربيع بن انس رحمهم الله فرمائين ٿا ته ان مان مراد مشرڪن جون عيدون آھن مطلب ته ايمان وارا مشرڪن جي عيدن ۾ شريڪ نه ٿيندا آھن . (تفسير قرطبي ۽ ابن ڪثير)

    ⭐ اسلام ۾ عقيدة الولاء والبراء جي تمام گهڻي اهميت آھي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : ايمان جي سڀ کان مضبوط ڪڙي اها آھي ته صرف الله ڪارڻ دشمني ۽ صرف الله ڪارڻ دوستي، صرف الله ڪارڻ بغض ۽ نفرت ۽ صرف الله ڪارڻ ئي دوستي هجي . (مسنداحمد: 18524 ، طبراني . مصنف ابن ابي شيبه : 30420)

    ⭐ ڪنهن ديني معاملي ۽ شعار ۾ ڪافرن سان هڪجهڙائي اختيار ڪرڻ غلط آھي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
    مَنْ تَشَبَّهَ بِقَوْمٍ فَهُوَ مِنْهُمْ . (ابوداؤد: 4031)
    جيڪو شخص جنهن قوم سان مشابهت ۽ هڪجهڙائي اختيار ڪندو اهو انهن مان ئي ليکيو ويندو يعني سندس حشر نشر انهن سان ئي ٿيندو .
    اهو ان ڪري ته ڪافرن ۽ مشرڪن جي عيدن ۽ ڏھاڙن ۾ ڪنهن به طرح شرڪت ڪرڻ سندن مشابهت ، عزت، حوصله افزائي ۽ سندن تعداد وڌائڻ وانگر آھي جنهن جي شريعت ۾ سخت مذمت ڪئي ويئي آھي .

    * زعفران سان رنڱيل (معصفري)ڪپڙن جي باري ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:
    إِنَّ هَذِهِ مِنْ ثِيَابِ الْكُفَّارِ فَلَا تَلْبَسْهَا (مسلم: 2077)
    اهي ڪافرن جا ڪپڙا آھن توهان هرگز نه پهريو .

    ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جڏھن مديني ڏانهن هجرت ڪري ويا ته پاڻ ڏٺائون اتي انهن جا جاهليت واري زماني کان سال ۾ ٻه خوشي ۽ عيد جا ڏينهن مقرر هئا جنهن ۾ هو کيڏندا ڪڏندا ۽ خوشي ملهائيندا هئا جنهن تي پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ توهان کي انهن ٻن ڏينهن جي بدلي ۾ انهن کان بهتر عيد الفطر ۽ عيد الاضيٰ جا ٻه ڏينهن عطا ڪيا آھن .(ابوداؤد: 1134)

    ⭐ مطلب ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جاهليت وارن عيد جي ڏينهنِ کي برقرار رکڻ به برداشت نه ڪيو ته پوءِ ھڪ مسلمان لاءِ عيسائين جي شرڪيه عيد ڪرسمس هندن جي هولي، ڏياري ۽ سندن مذھبي ميلن ملاکڙن وغيره ۾ شرڪت، اهڙن موقعن تي مٺايون ڏيڻ، وصول ڪرڻ ۽ اهڙن ڏھاڙن جو مبارڪون ۽ واڌايون ڏيڻ ڪيئن ٿو جائز ٿي سگهي؟؟؟ ۽ اهي عيدون به سندن مذھبي باطل شرڪيه ۽ ڪفريه عقيدن ۽ بت پرستي سان تعلق رکن ٿيون !! جيئن 25 ڊسمبر تي ڪرسمس سندن نظرئي جي مطابق نعوذبالله خدا جي پُٽ عيسيٰ مسيح جي پيدائش جو ڏھاڙو آھي اهڙي طرح ھندن جا مخصوص ڏھاڙا هولي ڏياري وغيره به سندن بُتن ڏانهن منسوب ۽ مخصوص آھن ته پوءِ هڪ مسلمان لاءِ انهن ۾ شريڪ ٿيڻ يا انهن ڏينهن جون واڌايون ۽ مبارڪون ڏيڻ ڪيئن ٿو جائز ٿي سگهي !!؟؟

    ⭐ هڪ ماڻھو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته مون نذر مڃي هئي ته آئون بوانه جڳھِ تي هڪ اُٺ نحر ڪندس ڇا اها نذر پوري ڪيان؟ جنهن تي پاڻ سوال ڪيائون ته ڇا اُتي جاهليت واري بتن مان ڪو بُت ته نه هيو ؟ جواب مليو ته نه اُتي ڪو به بت نه هيو وري پاڻ ٻيو سوال ڪيائون ته ڇا اتي مشرڪن جي ڪا عيد يا ميلو ته نه لڳندو هيو ؟ جواب مليو ته نه اُتي ڪا عيد نه ملهائبي هئي ان کان پوءِ پاڻ ان ماڻھو کي بوانه واري جڳھ تي نذر پوري ڪرڻ جو حڪم ڏنائون .(سنن ابودائود : 3313)

    ⭐ هن حديث مان بلڪل واضح آھي ته جنهن جڳھ تي شرڪ ٿيندو هجي مشرڪن جي عيد يا ميلو لڳندو هجي ته اتي الله تعاليٰ جي نالي جي نذر يا صدقو خيرات ڪرڻ به جائز نه آھي ته پوءِ اهڙن عيدن ۾ ڪافرن ۽ مشرڪن سان شريڪ ٿيڻ به هرگز جائز نه ٿيندو .

    ⭐ سيدنا عمر رضي الله عنه ۽ عطاء بن ابي رباح تابعي رحمه الله کان منقول آھي ته :
    لا تعلَّموا رطانة الأعاجم ، ولا تدخلوا على المشركين في كنائسهم يوم عيدهم ؛ فإن السخطة تنْزل عليهم - وفي رواية عن عمر رضي الله عنه قال : ‍ﺍ‍ﺟ‍‍ﺘ‍‍ﻨ‍‍ﺒ‍‍ﻮ‍ﺍ‍ ﺃ‍ﻋ‍‍ﺪ‍ﺍﺀ ‍ﺍ‍ﻟ‍‍ﻠ‍‍ﻪ‍ ‍ﻓ‍‍ﻲ‍ ‍ﻋ‍‍ﻴ‍‍ﺪ‍ﻫ‍‍ﻢ‍.
    (مصنف عبدالرزاق: 1609. مصنف ابن ابي شيبة : 26281. سنن الڪبريٰ بيهقي:62 -18861)

    يعني بغير ڪنهن ضرورت جي ڪافرن مشرڪن جي زبان ۽ لهجو نه سکو ۽ نه ئي سندن عيدن جي ڏينهن ۾ انهن جي گرجاگهرن ۽ عبادت خانن ۾ وڃو ڇو ته انهن تي الله تعاليٰ جو غضب ۽ عذاب نازل ٿئي ٿو. ان ڪري الله جي دشمنن سان سندن عيدن ۾ شرڪت کان بچو .

    ⭐ ايراني مجوسي ڪافر ٻه عيدون نيروز ۽ مهرجان جي نالي سان ملهائيندا هئا نيروز سندن سال جو پهريون ڏينهن هيو جنهن جي باري ۾ سيدنا عبدالله بن عمرو رضي الله فرمايو :
    ﻣ‍‍ﻦ‍ ‍ﺑ‍‍ﻨ‍‍ﻰ ‍ﺑ‍‍ﺒ‍‍ﻠ‍‍ﺎ‍ﺩ ‍ﺍ‍ﻟ‍‍ﺄ‍ﻋ‍‍ﺎ‍ﺟ‍‍ﻢ‍ ‍ﻭ‍ﺻ‍‍ﻨ‍‍ﻊ‍ ‍ﻧ‍‍ﻴ‍‍ﺮ‍ﻭ‍ﺯ‍ﻫ‍‍ﻢ ‍‍ﻭ‍ﻣ‍‍ﻬ‍‍ﺮ‍ﺟ‍‍ﺎ‍ﻧ‍‍ﻬ‍‍ﻢ‍ ‍ﻭ‍ﺗ‍‍ﺸ‍‍ﺒ‍‍ﻪ‍ ‍ﺑ‍‍ﻬ‍‍ﻢ‍ ‍ﺣ‍‍ﺘ‍‍ﻰ ‍ﻳ‍‍ﻤ‍‍ﻮ‍ﺕ‍ ‍ﻭ‍ﻫ‍‍ﻮ ‍ﻛ‍‍ﺬ‍ﻟ‍‍ﻚ‍ ‍ﺣ‍‍ﺸ‍‍ﺮ ‍ﻣ‍‍ﻌ‍‍ﻬ‍‍ﻢ‍ ‍ﻳ‍‍ﻮ‍ﻡ‍ ‍ﺍ‍ﻟ‍‍ﻘ‍‍ﻴ‍‍ﺎ‍ﻣ‍‍ﺔ .

    جنهن مسلمان انهن سان گڏ شريڪ ٿي سندن اهي ڏينهن ملهايا ته قيامت جي ڏينهن ان جو حشر انهن سان گڏ ئي ٿيندو . (بيهقي : 18863-64)

    ⭐ *نوٽ* ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جا اهي احڪام رڳو ديني مذھبي ۽ نشاني ۽ شعار طور اختيار ڪيل معاملن جي باري ۾ آھن باقي دنياوي معاملن ۾ انهن ڪافرن سان رواداري بهترين اخلاق ۽ عدل انصاف سان انهن جا حقوق پورا ڪرڻ ضروري آھن خاص طور جڏھن اهي ذمي هجن ته سندن جان مال اهل وعيال ۽ عزت جي حفاظت جي ذميداري مسلمانن تي لاڳو ٿئي ٿي ، مذھبي رسمن کان هٽي ڪري حسن سلوڪ طور کين هديا تحفا ڏيڻ ۽ قبول ڪرڻ جائز آھن بلڪه تاليف قلبي لاءِ انهن تي خرچ ڪرڻ ضروري هجي ٿو ، جيترو حق هڪ مسلمان پاڙيسري جو هجي ٿو اوترو ئي حق غير مسلم پاڙيسري جو پڻ آھي .

    ⭐(وَمَا تَوْفِيقِي إِلَّا بِاللَّهِ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو