سياري جي موسم ، فضيلت ، برڪت، احڪام ۽ مسئلا ابوعمير حزب الله بلوچ حفظه الله سنڌيڪار : مولانا فضل الله محمدي حفظه الله موسمن جي تبديلي پڻ الله تعاليٰ جي قدرت جي ھڪ وڏي نشاني آهي. الله تعاليٰ ان نعمت جو باقاعدي ذڪر ڪيو آهي. بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ . لِإِيلَافِ قُرَيْشٍ (1) إِيلَافِهِمْ رِحْلَةَ الشِّتَاءِ وَالصَّيْفِ (2) فَلْيَعْبُدُوا رَبَّ هَذَا الْبَيْتِ (3) الَّذِي أَطْعَمَهُمْ مِنْ جُوعٍ وَآمَنَهُمْ مِنْ خَوْفٍ (4)(قريش) قريشين کي اُلفت ڏيارڻ لاءِ جو سياري ۽ اونھاري جي سفر سببان کين اُلفت ڏيارڻ آھي. تنھنڪري گُھرجين ته ھِن گھر جي (انھيءَ) پالڻھار جي عبادت ڪن جنھن کين بُک ۾ کاڄ کاريايو، ۽ کين ڀؤ کان امن ڏنو. * ذٰلِکَ بِاَنَّ اللّٰہَ یُوۡلِجُ الَّیۡلَ فِی النَّہَارِ وَ یُوۡلِجُ النَّہَارَ فِی الَّیۡلِ وَ اَنَّ اللّٰہَ سَمِیۡعٌۢ بَصِیۡرٌ ﴿۶۱﴾(الحج) اِھا (مدد) ھن سببان آھي ته الله رات کي ڏينھن ۾ وجھندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ وجھندو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. * یُقَلِّبُ اللّٰهُ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِی الْاَبْصَارِ. (النور: 44) الله ئي رات ۽ ڏينهن کي مٽائي سَٽائي تبديل ڪري هڪ ٻئي پٺيان آڻي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. * موسمن جا ڪجهه ظاهري سبب آهن جن کي هر باشعور ماڻهو ڄاڻي سگهي ٿو پر شريعت سخت گرمي ۽ سرديءَ جو هڪ ٻيو سبب ٻڌايو آهي جيئن الله جي نبي ﷺ فرمايو: جهنم پنهنجي رب سان شڪايت ڪئي: اي منهنجا رب! منهنجو هڪ حصو ٻئي حصي کي کائيندو آهي ، تنهن ڪري الله تعاليٰ کيس ٻه ساھ کڻڻ جي اجازت ڏني ، هڪ ساھ ٿڌ جي موسم ۾ ۽ ٻيو ساھ گرمي جي موسم ۾ ، تنهنڪري توهان کي جيڪا گرميءَ جي شدت محسوس ٿئي ٿي سا دوزخ جي گرمي سبب آهي. ۽ جيڪا توھان کي سردي ٿئي ٿي سا به دوزخ جي زمھرير (سخت ٿڌي حصي) جي ڪري آهي.۔(صحيح بخاري : 3260). * جنتين جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو: مُتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ لَا يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسًا وَلَا زَمْهَرِيرًا. [سورة اﻹنسان 13] اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي ويھندا، اتي نڪي (سج جي)گرمي ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا. * معلوم ٿيو ته ڏينهن ۽ رات ، گرميءَ ، سردي ، تپش ، طوفان ، مينهن ۽ واءُ ، وغيره فقط معجزاتي طاقتون آهن جن تي الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن وٽ طاقت ۽ اختيار نه آهي. حديث قدسي آهي الله تعاليٰ فرمائي ٿو: انسان مونکي ان( انداز ۾ )تڪليف ڏئي ٿو جو هو زماني کي گاريون ڏئي ٿو ، حالانڪه آئون ئي زمانو (ھلائڻ وارو ) آهيان ، سڀ ڪجهه منهنجي هٿ ۾ آهي ، آئون ئي ڏينهن ۽ رات کي ڦيرائيان ۽ تبديل ڪريان ٿو. (صحيح بخاري: 4826) * رسول الله صلى الله عليه وسلم جي زماني ۾ هوا هڪ شخص جي چادر اڏاري وئي ته ان ھوا تي لعنت ڪئي ، ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: تون ھوا تي لعنت نه ڪر ، ڇو ته هوءَ (الله جي حڪم جي) فرمانبردار آهي ، ۽ جيڪو شخص ڪنھن اھڙي شيء تي لعنت ڪندو آهي جنھن جي هوءَ مستحق نه آهي ته اها لعنت خود لعنت ڪندڙ ڏانهن موٽندي آهي. (ابو دائود: 4908) رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: ھوا الله تعاليٰ جي رحمت مان آهي ، تنهن ڪري ڪڏهن رحمت آڻي ٿي ۽ ڪڏهن عذاب آڻي ٿي جڏھن توھان انکي ڏسو ته ان کي گھٽ وڌ نه چئو بلڪي انجي برائيء جي الله کان پناهه طلب ڪريو. (ابو دائود: 5097) * مؤمن لاءِ ته ، هر قسم جا حالات ۽ موسمون بلڪه هر شيءِ بهتر آهي: نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو: مومن جو معاملو ايترو عجيب ۽ شاندار آهي جو هر معاملو هن لاءِ سٺو آهي. ۽ اهو مومن کان سواءِ ڪنهن ٻئي لاءِ نه ٿو ٿي سگهي . هن کي خوشي ملي ٿي ته ھو شڪر ڪري ٿو ۽ اھو ان لاءِ بهتر ۽ ثواب آھي ، ۽ جيڪڏھن کيس ڪو ڏک تڪليف ۽ نقصان پھچي ٿو ته اھو (الله جي رضا جي لاء ان تي) صبر ڪري ٿو، پوءِ اھو (پڻ) سندس لاءِ ڀلو ۽ ثواب جو ڪارڻ آھي. (صحيح مسلم: 2999) * نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: بخار کي گھٽ وڌ نه چؤ ، ڇاڪاڻ ته اهو انسان جي گناهن کي اھڙي طرح ختم ڪري ٿو جيئن بٺي لوھ جي ڪَٽُ کي ختم ڪري ٿي. (صحيح مسلم: 2575) سردي جي موسم ۾ بخار، نزلو، زڪام، کنگھ ۽ مٿي جو سور عام هوندو آهي ، تنهن ڪري هيءَ حديث ذھن ۾ رهڻ گهرجي . * سياري جي فضيلت * سياري جي هڪ خوبي اها به آهي ته هن موسم ۾ ٿڌن علائقن ۾ تمام گهڻي برفباري ٿئي ٿي ۽ پوءِ اها ئي برف گرميءَ ۾ ڳري ٿي ۽ زمين ۽ سڀني جاندارن کي پاڻي ۽ روزي فراهم ٿئي ٿي ۽ ڪائنات ارضي جي هر جاندار جي زندگي به پاڻي مان آهي : وَجَعَلْنَا مِنَ الْمَاءِ كُلَّ شَيْءٍ حَيٍّ .(سورة اﻷنبياء 30) * ۽ ڪيترائي فصل فروٽ اهڙا به آھن جيڪي سياري جي مند سان خاص آھن ۽ وڌيڪ سردي ۾ بهتر انداز ۾ ٿين ٿا اها به الله تعاليٰ جي هڪ وڏي نعمت آھي . *مومن انسان ۽ سياري جي مند* ⭐ سيدنا ابوسعيد الخدري رضي الله عنه کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو : اَلشِّتَاءُ رَبِيعُ الْمُؤْمِنِ قَصُرَ نَهَارُهُ فَصَامَهُ وَطَالَ لَيْلُهُ فَقَامَهُ. سياري جي موسم مومن لاءِ بهار جي مند وانگر انتهائي عاليشان آھي جو ڏينهن ننڍا ٿين ٿا ۽ مومن آساني سان روزا رکي ٿو ۽ راتيون وڏيون ٿين ٿيون ۽ مومن خوب تهجد پڙھي رات جو قيام ڪري ٿو . (فضل قيام الليل والتهجد للآجري: 13 وسنده حسن ، مسند احمد : 11716) ⭐ عَنْ عَامِرِ بْنِ مَسْعُودٍ عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، قَالَ : الْغَنِيمَةُ الْبَارِدَةُ الصَّوْمُ فِي الشِّتَاءِ . قال الامام الترمذي رحمه الله: هَذَا حَدِيثٌ مُرْسَلٌ ؛ عَامِرُ بْنُ مَسْعُودٍ لَمْ يُدْرِكِ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ. (ترمذي : 797) سياري ۾ روزو رکڻ ٿڌي (تمام آسان) غنيمت آھي. نوٽ: علماء جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته مٿي بيان ڪيل حديث مرسل هجڻ جي ڪري ضعيف آهي.ان ۾ قتادہ عنعنہ سان بيان ڪري ٿو جڏھن ته امام الالباني رحمه الله شواھد جي بنياد تي ان کي حسن قرار ڏنو آهي.(السلسلة الصحيحة : 1922) * پر اهي الفاظ سيدنا ابو هريره رضي الله عنه کان موقوفا صحيح سند سان ثابت آهن ، جيئن سيدنا انس رضي الله عنه بيان ڪن ٿا ته سيدنا ابوهريره رضي الله عنه پنهنجي شاگردن کان پڇيو: أَلَا أَدُلُّكُمْ عَلَى الْغَنِيمَةِ الْبَارِدَةِ. ڇا آئون توهان کي ٿڌي غنيمت جي باري ۾ نه ٻڌايان؟ اسان چيو ته ها ضرور ٻڌايو ته اها غنيمت ڪهڙي آھي؟ پاڻ فرمايائين ته : الصَّوْمُ فِي الشِّتَاءِ. سردي جي موسم ۾ روزا رکڻ ٿڌي يعني انتهائي آسان غنيمت آھي . (السنن الڪبريٰ للبيهقي : 4/489ح :8454 وسنده صحيح ، الزهد للامام احمد : 986، حلية الاولياء: 1/381) ⭐ سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه فرمايو : اَلشّتَاءُ غَنِيْمَةُ الْعَابِدِيْنَ. (حلية الاولياء ج 1 ص 51 .ج 9 ص 20. الزهد للامام احمد رحمه الله : 615. مصنف ابن ابي شيبه : 7/97 ) يعني سياري جي موسم عبادت ڪرڻ وارن لاء وڏو غنيمت جو موقعو آھي. ⭐ مشهور تابعي عبيد بن عمير رحمه الله فرمائي ٿو ته : كَانَ يُقَالُ إذَا جَاءَ الشِّتَاءُ:يَا أَهْلَ الْقُرْآنِ طَالَ اللَّيْلُ لِصَلَاتِكُمْ، وَقَصُرَ النَّهَارُ لِصِيَامِكُمْ، فَاغْتَنِمُوا. (صحابه ڪرام جي دور ۾ ) جڏھن سيارو شروع ٿيندو هيو ته چيو ويندو هيو ته : اي قرآن وارؤ (مسلمانؤ) توهان جي تهجد پڙھڻ لاءِ راتيون ڊگهيون ٿي ويون آھن ۽ توهان جي روزا رکڻ لاءِ ڏينهن ننڍا ٿي پيا آھن ان ڪري اهڙي موسم کي غنيمت سمجهي ان مان خوب فائدو حاصل ڪيو. (مطلب ته سياري شروع ٿيڻ تي صحابه ۽ تابعين هڪ ٻئي کي اهڙيون نصيحتون فرمائيندا هئا) (مصنف ابن ابي شيبه : 7/163 ح : 34991 وسنده صحيح ، حلية الاولياء : 3/267 . لطائف المعارف ص 558 ) * اھڙي طرح سيدنا عبدالله بن مسعود ، سيدنا معاذ رضي الله عنھما ، حسن بصري ۽ ڪجهه ٻين تابعين رحمهم الله وغيره کان ڪجھ قول نقل ڪيا ويا آهن. جن جي سندن ۾ ڪلام آھي يا بغير سندن جي مليا آهن انھن کي صرف علماء ڪرام جي استفادي ۽ مزيد تحقيق لاءِ درج ڪجي ٿو: ⭐ذكر ابن رجب في لطائف المعارف (ص:330) قال: وروى ابن المبارك، عن صفوان بن عمرو، عن سُليم بن عامر، قال: كان عمر بن الخطاب رضي الله عنه إذا حضر الشتاء تعاهدهم، وكتب لهم بالوصية: إن الشتاء قد حضر، وهو عدو فتأهبوا له أهبته من الصوف والخفاف والجوارب، واتخذوا الصوف شعاراً ودثاراً، فإن البرد عدو سريع دخوله بعيد خروجه. ⭐ يروى عن ابن مسعود - رضي الله عنه - قال: مرحبًا بالشتاء؛ تنزل فيه البركة، ويطول فيه الليل للقيام، ويقصر فيه النهار للصيام. (الأثر ضعيف وإن كان معناه صحيحاً، فيه السري ابن إسماعيل ضعفه ابن عدي في الكامل وقال: إنه لا يتابع، وأحاديثه التي يرويها لا يتابعه أحد عليها وخاصة عن الشعبي فإن أحاديثه عنه منكرات لا يرويها عن الشعبي غيره وهو إلى الضعف أقرب. الكامل في ضعفاء الرجال. (7/15)، تهذيب الكمال (10/230). ⭐ وعن الحسن البصري - رحمه الله - قال: نعم زمان المؤمن الشتاء؛ ليله طويل يقومه، ونهاره قصير يصومه. ⭐ ولهذا بكى معاذ - رضي الله عنه - عند موته وقال: إنما أبكي على ظمأ الهواجر، وقيام ليل الشتاء، ومزاحمة العلماء بالركب عند حِلَق الذكر. ⭐ حضرت الوفاة عامر بن عبد الله وهو من العباد الزهاد ومن خيرة التابعين بكى فقيل : ما يبكيك؟ قال: ما أبكي جزعاً من الموت، ولا حرصاً على الدنيا، ولكن أبكي على ظمأ الهواجر وقيام ليل الشتاء . رواه ابن أبي شيبة والبيهقي وغيرهم ⭐ روى ابن المبارك في الزهد عن معضد أنه قال: لولا ظمأ الهواجر وطول ليل الشتاء ولذاذة التهجد بكتاب الله عز و جل ما باليت أن أكون يعسوبا . ⭐ لما حضرت عامر بن قيس الوفاة جعل يبكي ، فقيل له ما يبكيك؟ قال :ما أبكي جزعا من الموت ، ولا حرصا على الدنيا ، ولكن أبكي على ظمأ الهواجر ، وعلى قيام الليل (ظمأ الهواجر : الصيام في الأيام الطويلة الشديدة الحرارة في الصيف) (.تاريخ دمشق ج 26 ) ⭐ وكان أمير المؤمنين عمر بن الخطاب يوصي ابنه عبد الله عند الموت فقال: :يا بني عليك بخصال الإيمان قال وما هن يا أبت قال الصوم في شدة الصيف وقتل الأعداء بالسيف والصبر على المصيبة وإسباغ الوضوء في اليوم الشاتي وتعجيل الصلاة في يوم الغيم وترك ردغة الخبال قال فقال وما ردغة الخبال قال شرب الخمر . *سيارو نيڪ عملن ۾ رڪاوٽ نه بڻجي* نبي صلي الله عليه وسلم خندق جي ميدان ڏانھن ويا ( خندق جي جنگ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ جڏهن خندق جي کوٽائي جاري هئي). پاڻ صلي الله عليه وسلم جن ڏٺو ته مھاجرين ۽ انصار صحابه رضوان الله عليھم اجمعين سخت سردي جي باوجود صبح جو سوير خندق جي کوٽائي ڪرڻ ۾ مصروف آهن انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ غلام به نه هئا. جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم انهن جي ٿڪاوٽ ۽ بک کي ڏٺو ته انھن کي دعا ڏنائون : اي الله ! اصل زندگي ته بس آخرت جي آهي انصار ۽ مهاجرن کي معاف فرماءِ .اصحاب سڳورن جواب ڏيندي چيو ته ، اسان اهي آهيون جن محمد ﷺ جي هٿ تي ان وقت تائين جهاد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي جيستائين اسان جي جسمن ۾ جانيون آهن. (صحيح بخاري: 2834) * احزاب جي جنگ ۾ سخت سردي ۽ طوفان واري رات نبي اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم سيدناحذيفه رضي الله عنہ کي ڪافرن جي لشڪر جي جاسوسي جو حڪم ڏنو سندن حڪم کي ھن خوش دلي سان قبول ڪيو اطاعت ۽ فرمانبرداري جو عظيم مثال قائم ڪندي خوشي سان سر انجام ڏنو. الله تعالي ان دوران ان جي لاء سردي جو احساس ئي ختم ڪري ڇڏيو خود چوي ٿو: فَلَمَّا وَلَّيْتُ مِنْ عِنْدِهِ جَعَلْتُ كَأَنَّمَا أَمْشِي فِي حَمَّامٍ . جڏھن آؤن سندن حڪم مطابق ڪم ڪري واپس وريس ته ڄڻ آئون حمام ۾ ھلي رھيو ھيس ...(صحیح مسلم :1788) اسان لاءِ ھن ۾ وڏو سبق آھي ته موسم جي شدت نيڪي جا ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي بلڪه سخت ترين حالتن ۽ موسمن ۾ به همت سان ديني ڪمن ۾ اڳڀرا رهون . پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم خود دين ۽ امت جي اصلاح لاءِ تمام گهڻيون سختيون برداشت ڪيون سيده عائشه رضي الله عنها فرمائي ٿي ته مون رسول الله صلي الله علیه وسلم کي سخت سردي ۾ ڏٺو پاڻ تي وحي نازل ٿي رھي ھئي ۽ اهو سلسلو جڏھن ختم ٿيو ته سندس پيشاني پگھر سان ڀريل هئي. (صحيح البخاري: 2) * پنهنجو پاڻ کي غير معمولي حالتن ۽ سردي گرمي ۽ موسمي اثرات کان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ضروري آھي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته : توهان جي جسم جان جو به توهان جي مٿان حق آھي . ( صحيح بخاري : 1153 ، ابوداؤد : 1369) ان ڪري پاڻ ۽ ٻين لاءِ صحت ۽ عافيت جون دعائون ۽ تدبيرون ڪرڻ گهرجن . *سياري جون برڪتون ۽ احڪام* ⭐ * تھجد ۽ الله جو ذڪر* مٿين قولن مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته سياري جون راتيون تمام ڊگهيون ٿينديون آهن تنهنڪري ٻانهو آساني سان تھجد به پڙھي سگھي ٿو ۽ ننڊ به پوري ڪري سگهي ٿو. * تهجد نيڪوڪارن ۽ پرهيزگارن جو شعار ۽ نشاني آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو: إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ (15) آخِذِينَ مَا آتَاهُمْ رَبُّهُمْ إِنَّهُمْ كَانُوا قَبْلَ ذَلِكَ مُحْسِنِينَ (16) كَانُوا قَلِيلًا مِنَ اللَّيْلِ مَا يَهْجَعُونَ (17) بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا. جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دنيا ۾) چڱائي ڪندڙ ھوا ۽ رات جو ٿورو سمھندا ھوا ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا [الذاريات: 15- 17] ⭐الله تعاليٰ پنهنجي رسول صلي الله عليه وسلم کي تھجد ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن پاڻ وڏو مقام ۽ مرتبو حاصل ڪري سگهن الله تعاليٰ جو فرمان آهي: وَمِنَ اللَّيْلِ فَتَهَجَّدْ بِهِ نَافِلَةً لَكَ عَسَى أَنْ يَبْعَثَكَ رَبُّكَ مَقَامًا مَحْمُودًا ۽ ڪجھ رات جو تھجّد پڙھ جو (اھا) تولاءِ زيادہ عبادت آھي، تنھنجو پالڻھار توکي سگھو ئي مقام محمود تي فائز ڪندو. .[الإسراء: 79] وَمِنَ اللَّيْلِ فَاسْجُدْ لَهُ وَسَبِّحْهُ لَيْلًا طَوِيلًا . [سورة اﻹنسان 26] ۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ رات جي ڊگھي وقت ۾ سندس پاڪائي ساراھ بيان ڪر. اهو معلوم آهي ته سياري ۾ ڊگھيون راتيون ھونديون آهن. رسول الله صلي الله عليه وسلم رات جو ايترو ڊگهو قيام فرمائيندا هئا ته سندن مبارڪ پير، ڀيڊيون سڄي وينديون هيون پاڻ فرمائيندا هئا: أَفَلَا أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا. (صحیح بخاری : 1130) ايمان وارن جون صفتون ذڪر ڪندي فرمايو: وَالَّذِينَ يَبِيتُونَ لِرَبِّهِمْ سُجَّدًا وَقِيَامًا۔ [سورة الفرقان 64) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي سامهون سجدا ۽ قيام ڪندي راتيون گذاري ڇڏيندا آهن. رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: فرض نماز بعد افضل نماز رات جي نماز (تھجد) آهي. (صحيح مسلم: 1163) يعني ، اها نماز الله تعاليٰ کي تمام گھڻي پياري آهي. نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم سيدنامعاذ کي فرمايو: ڇا مان توهان کي نيڪين جا دروازا (رستا) نه ٻڌايان؟ روزو هڪ بچاءُ آهي ، صدقو گناهن کي ائين ختم ڪري ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باهه کي وسائيندو آهي ۽ اڌ رات جو نماز(تھجد) پڙهڻ (بہ ڀلائي جو دروازو آهي) پوء پاڻ سڳورن ھي آيتون: تَتَجَافَىٰ جُنُوبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِعِ يَدْعُونَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَطَمَعًا وَمِمَّا رَزَقْنَاهُمْ يُنْفِقُونَ (16)فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَا أُخْفِيَ لَهُمْ مِنْ قُرَّةِ أَعْيُنٍ جَزَاءً بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ)[سورة السجدة 17] تلاوت ڪيون ۔(جامع ترمذی : 2616) ترجمو:سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچ ڪندا آھن. پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيءُ نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي. يعني الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ ٻانھن تھجد پڙھڻ وارن لاءِ اهڙيون نعمتون تيار ڪيون آهن جيڪي نه ڪنهن اکين ڏٺيون ، نه ڪنن ٻڌيون ، نه انساني دل انهن جو تصور به ڪيو. (صحيح بخاري: 324) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: توھان قيام الليل يعني تھجد نماز پڙهڻ جو اھتمام ڪريو ڇاڪاڻ ته اهو توهان کان اڳي صالح نيڪ ماڻھن جو طريقو رهيو آهي ، ۽ اهو پنهنجي پروردگار جي قرب حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. قيام الليل گناھن جي بخشش ۽ انھن کان بچڻ جو سبب آهي (ترمذي : 3549 من حديث ابي امامه رضي الله عنه) ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : انسان رات جي آخري حصي ۾ پنهنجي رب جي وڌيڪ ويجهو هوندو آهي ، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان ۾ طاقت آهي توھان ان وقت الله جو ذڪر ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿي سگھو ٿا ته پوءِ ضرور ائين ڪيو. ۽ ان وقت دعا به وڌيڪ قبول ٿيندي آهي. (ترمذي: 3499 ،3579) نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو: جيڪو رات جو جاڳي ٿو ۽ هيءَ دعا پڙهي ٿو : لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ، الْحَمْدُ لِلَّهِ، وَسُبْحَانَ اللَّهِ، وَلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ، وَاللَّهُ أَكْبَرُ، وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ ۔ ۽ پوء ھيءَ به دعا گهري ته : اللَّهُمَّ اغْفِرْ لِي يعني اي الله منھنجي مغفرت فرماء يا جيڪڏهن ڪا به دعا گهري ٿو ته هن جي دعا قبول ٿئي ٿي پوءِ جيڪڏهن هو وضو ڪري ٿو (۽ نماز ادا ڪري ٿو) ته پوءِ اها نماز به قبول پوي ٿي. (صحيح بخاري: 1154) سياري جي ڊگھن راتين ۾ اک کلڻ ، ننڊ مان جاڳ ٿيڻ هڪ عام ڳالهه آهي ۽ ماڻھو هن حديث ۾ مذڪور خوشخبري مان آساني سان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ⭐پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم هڪ دفعي سيدنا عبدالله بن عمر رضی الله عنهما بابت فرمايو ته عبدالله ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي جيڪڏهن هو رات ۾ تهجد جي نماز ادا ڪري. هيءَ حديث ٻڌڻ کان پوءِ ،سيدنا عبدالله بن عمر (رات جو نماز ئي پڙهندو رھندو هو) ۽ گھٽ سمھندو هو. (صحيح بخاري: 1122) ⭐رسول الله صلي الله عليه وسلم رات جي وقت سيدنا علي ۽سيدہ فاطمه رضي الله عنھما وٽ آيا ۽ فرمايائون: توهان رات جو تھجد جي نماز ڇو نٿا پڙهو؟ (صحيح بخاري: 1127) ⭐فرمايائون ته : جيڪڏهن ڪو مسلمان وضو ڪري ٿو ۽ چڱي طرح وضو ڪري ٿو ، پوءِ بيهي توجھ ۽ دل جي حاضريءَ سان ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري ٿو ، ته ان لاءِ جنت واجب ٿي وڃي ٿي .سیدنا عقبه بن عامر رضی الله عنه چيو: واه واه! ، ڇا ته خوشخبري آهي ... (صحيح مسلم: 234 ابو دائود: 169) ⭐ سیدنا عبدالله بن مسعود رضی الله عنہ فرمائن ٿا : الله تعاليٰ ان شخص تي تعجب ڪري ٿو ۽ مسڪرائي ٿو جيڪو پنهنجي گرم بستري مان (سياري جي موسم ۾ ) اُٿي وضو ڪري نماز پڙھي ٿو الله تعالي ملائڪن کان پڇي ٿو منهنجي ھن ٻانهي کي ان تڪليف ۽ مشقت برداشت ڪرڻ تي ڪهڙي شيء مجبور ڪيو آهي ؟ ملائڪ چوندا آهن: اي الله! هو تنهنجي رحمت ۾ اميد رکي ٿو ۽ تنھنجي عذاب کان ڊڄي ٿو ، (انهي ڪري هو اهڙي تڪليف ڪري رھيو آھي) الله تعالي فرمائي ٿو مون ھن کي اهو ڏنو جنهن جي هن مون کان اميد رکي آهي ۽ هو جنھن کان ڊڄي ٿو ان کان کيس امن ڏئي ڇڏيو اٿم. (المعجم الڪبیر للطبراني : 8532. وصححه الالباني فی صحیح الترغیب والترھیب تحت حدیث : 630) ⭐قارئين ڪرام ، سياري جي ھن موسم کي غنيمت سمجھندي اسان کي اها خوبي پاڻ ۾ مستقل پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان هيٺئين حدیث جا مصداق بڻجي سگهون. * پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو : اي انسانو! سلام کي عام ڪيو ، ماڻهن کي کاڌو کارايو ۽ رات جو ان وقت نماز پڙھو جڏهن سڀ سمھي رهيا ھجن ، پوءِ توهان بلڪل سلامتي ۽ سولائي سان جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ . (ترمذي: 2485) ⭐ *روزن جي فضيلت ۽ سياري جي آساني* سياري ۾ روزارکڻ تمام آسان آهن ڇاڪاڻ ته ڏينهن جو دورانيو تمام گهٽ هوندو آهي ماڻھو بغير ڪنهن تڪليف ۽ مشقت جي ڪثرت سان روزا رکي سگھي ٿو ھفتيوار سومر ۽ خميس جا ٻه روزا ۽ مھيني وارا ايام بيض جا ٽي روزا يعني تيرهين ، چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ جا روزا ، جن جي وڏي فضيلت آهي ، وڏي آساني سان رکي سگهجن ٿا. ⭐سومر ۽ خميس تي روزو رکڻ جي باري ۾ ، رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: انهن ڏينهن ۾ ٻانهي جا عمل الله تعاليٰ جي وٽ پيش ڪيا ويندا آهن ، انهي ڪري آئون چاهيان ٿو ته جڏهن منهنجا عمل الله تعاليٰ وٽ پيش ڪيا وڃن ته آئون روزي سان ھجان . (ابو دائود : 2436) ⭐ايام بيض ( هر اسلامي مهيني جي 13٫14٫15تاريخ) جا روزا پوري حياتي جي روزن جي برابر آهن. (صحيح بخاري: 1979) ⭐ صوم داؤدي ، يعني سيدنا داؤد عليه السلام وانگر ھڪ ڏينھن ڇڏي ٻئي ڏينهن روزا رکڻ الله تعاليٰ کي تمام گھڻو پسند آهن. (صحيح بخاري: 3420) ⭐ الله جي راھ ۾ ھڪ روزو ٻانهي کي دوزخ کان ستر سالن جي فاصلي تائين پري ڪري ڇڏي ٿو. (صحيح بخاري: 2840) هڪ روايت ۾ سو سالن جي فاصلي جو به ذڪر آهي. (سنن نسائي: 2254) ⭐الله تعاليٰ روزي کي دوزخ کان ڍال ،هڪ مضبوط قلعو ۽ جنت جو رستو قرار ڏنو آهي ، الله تعاليٰ روزي دار جي دعا قبول ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي روزي دار جي وات جي بو مشڪ کان بہ وڌيڪ پسند ڪري ٿو ۽ روزي دار لاء جنت ۾ هڪ خاص دروازو ريان تيار ڪيو آهي وغيره. (متفق عليه وغيرهما) ⭐ *صدقو ، خيرات ۽ سيارو* سياري ۾ سردي کان بچاءَ لاءِ اضافي گرم ڪپڙا ، جرسي ، سوٽر ، جوراب ، موزا ، بوٽ وغيره استعمال ڪرڻا پوندا آهن ، ۽ خاص طور ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ڪوئلو ، ڪاٺيون وغيره ، جيڪي سياري ۾ ٻارڻ جي طور تي استعمال ٿين ٿا ، غريبن لاءِ انهن کي حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.غريبن ۽ مسڪينن تي ھي ساليانو خرچ ڪافي ڳرو ٿي وڃي ٿو . غريب شھري علائقن ۾ وري گيس جي لوڊشيڊنگ جي آزار جي ڪري مسڪين ماڻھو گهڻو پريشان ٿين تا ۽ اھڙي طرح اهي ماڻهو جن وٽ پنهنجا گهر ناهن انهن لاء هن موسم ۾ گذارو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي وڃي ٿو، ھوند وارن لاء ان موسم ۾ لاچار ماڻھن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي ۽ ان جي ڪافي فضيلت پڻ ثابت آھي . ⭐نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو: جيڪو بيواهن ۽ مسڪينن جي مدد ڪري ٿو ۽ انھن تي خرچ ڪري ٿو ، اهو مجاهد في سبيل الله وانگر آهي ، يا ھميشه رات جو قيام ڪرڻ واري ۽ ھميشه روزا رکڻ واري وانگر (ثواب ۾ برابر) آهي. (صحيح بخاري: 6007) ⭐نبي اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: جيڪو شخص مسلمان جي دنياوي مصيبتن مان ڪا تڪليف ھٽائي ٿو ، الله تعاليٰ ان جي قيامت جي ڏينهن جي مصيبتن مان ڪا مصيبت دور ڪري ڇڏيندو ، ۽ جنھن ڪنھن غريب، تنگ حال، محتاج ماڻهو سان نرمي ۽ آساني ڪئي تہ الله تعاليٰ ان سان دنيا ۽ آخرت ۾ نرمي وارو معاملو فرمائيندو ۽ جيڪو مسلمان جا عيب لڪائيندو ، پوءِ الله پنهنجي دنيا ۽ آخرت ۾ ان جا عيب لڪائيندو ، الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪندو رھي ٿو جيستائين ٻانھو پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪندو رھي ٿو . (صحيح مسلم: 2699) ⭐* ڪنهن مسلمان کي خوش ڪرڻ ،ڪا تڪليف ھٽائڻ، انجو قرض ادا ڪرڻ يا ان کي کاڌو کارائڻ بهترين عملن مان هڪ آهي ( شعب الایمان، السلسلة الصحيحة : ٢٢٩١) * نيڪي جو ھر ڪم صدقو آهي (بخاري: 6021) * قيامت جي ڏينهن ماڻهو پنهنجي صدقي جي ڇانو ۾ هوندو جيستائين ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو نه ٿي وڃي. (مسند احمد: 17333) ⭐ *ٻن نمازن کي جمع ڪرڻ ۽ جماعت ڇڏڻ* سيدنا عبدالله بن عمر رضی الله عنھما ضجنان مقام تي سخت سردي واري هڪ رات ۾ اذان ڏني ۽ پوءِ فرمايائون: الا صلوا في الرحال پنهنجي پنهنجي جڳهن (گهرن) ۾ نماز ادا ڪريو ۽ پاڻ اسان کي ٻڌايائون ته رسول الله صلي الله عليه وسلم مؤذن کي اذان جو حڪم ڏيندا ھئا ۽ گڏ اھو به حڪم ڏيندا ھئا ته اذان ڏيڻ کانپوءِ چوي : پنھنجي جڳھن تي ,نماز اداڪريو. اهو حڪم سفر جي حالت ۾ هو يا (سخت) ٿڌي يا برسات وارن راتن ۾ ھو. (صحيح البخاري: 632) * سيدنا ابن عباس رضی الله عنهما فرمائن ٿا ته رسول الله صلی اللہ علیہ وسلم بغير ڪنهن خوف ۽ بارش جي ظھر ۽ عصر کي ۽ مغرب ۽ عشاء کي جمع ڪري نمازون پڙھايائون: ابن عباس رضي الله عنهما کان پڇيو ويو ته: رسول الله ﷺ جو مقصد ڇا هو؟ هن چيو ته: رسول الله صلى الله عليه وسلم جو مقصد پنهنجي امت کي ڪنهن پريشاني ۽ تڪليف ۾ نه وجهڻ هو. (صحيح مسلم: 705) * علماء جو چوڻ آهي ته ڪنھن وڏي ضرورت جي ڪري ائين ڪرڻ جائز آهي ، پر اها مستقل عادت نه ٺاھڻ گهرجي. والله اعلم ⭐ *سٺي طريقي سان مڪمل پورو وضو ڪرڻ* ⭐ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو: ڇا مان توکي اھڙي شيء نه ٻڌايان جنھن سان الله تعاليٰ توھان جا گناهه مٽائي ٿو ۽ درجات بلند ڪري ٿو؟ ماڻهن چيو: اي الله جا رسول ! ڇو نه ،ضرور ٻڌايو پاڻ فرمايائون: نه چاھيندي به مشقت وقت مڪمل وضو ڪرڻ ۽ مسجدن ڏانھن گھڻو ھلڻ ۽ هڪ نماز پڙھي ٻئي نماز جو انتظار ڪرڻ، اھا ئي سرحد جي (دين ۽ ايمان)جي حقيقي حفاظت آهي. (صحيح مسلم: 251) ⭐ناپسند ۽ مشقت مان هڪ اهو به آهي ته ، سردي جي موسم ۾ ، جڏهن گرم پاڻي ميسر نه هجي تڏھن به سٺي طريقي سان مڪمل وضو ڪيو وڃي ، ۽ ڏاڙھي ۽ آڱرين جي وچ ۾ خلال ڪيو وڃي نالي ماتر ۽ جان ڇڏائڻ وارو وضو نه ڪيو وڃي. ⭐ثقيف جي قبيلي مان هڪ وفد رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم وٽ آيو ۽ هن پنهنجي علائقي جي سخت سردي جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪائي (وضو غسل وغيره) جي معاملي ۾ ڪجهه موڪل وٺڻ چاهي، پر پاڻ صلي الله عليه وسلم انهن کي اها موڪل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. (مسند احمد: 17530) ⭐جڏهن وضو برقرار ھجي ته هڪ وضو سان سان وڌيڪ نمازون پڙھڻ به جائز آهن. اهڙي طرح وضوءَ جا عضوا ٻن ۽ ٽن دفعن جي بجاءِ هڪ دفعو ڌوئڻ به جائز آھي . (صحيح بخاري: 157) وضوء کان پوءِ تولئي يا رومال وغيره سان عضوا اگهي صاف ڪرڻ جي ڪا به ممانعت آيل ناهي ان ڪري اهو جائز آھي . ⭐ڪنهن بيماري ، سخت مجبوري يا پاڻي نه ملڻ سبب وضو ۽ غسل بدران تيمم ڪرڻ جائز آهي. ⭐تيمم جو طريقو اهو آهي ته هڪ دفعو پنھنجا ٻئي ھٿ پاڪ مٽيءَ تي ھڻجن ۽ ٻنهي ڪلائن ۽ منهن تي ڦيري ڇڏجن. (صحيح بخاري: 347) ⭐ * غير ضروري تڪلف ۽ تشدد * گرم پاڻي جي موجودگي جي باوجود وڌيڪ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان ٿڌي پاڻي سان وضو ڪرڻ غلط آهي نبي ﷺ انهن ماڻهن کي سختي سان خبردار ڪيو جيڪي بغير ڪنھن ضرورت جي پيدل، اگھاڙي پيرن ، مٿي اگھاڙي ، حج ۽ عمرو ادا ڪرڻ جو ارادو رکندا ھئا ، ته الله تعاليٰ انهن جي عملن کان بري آهي ، الله تعاليٰ جو فرمان آھي : وَلَا تُلْقُوا بِأيْدِيكُمْ اِلَى التَّهْلُكَةِ وَأَحْسِنُوا ِۛنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ (البقرة: 195) ۽ (پاڻ کي) پنھنجي ھٿن سان ھلاڪت ۾ نه وجھو، ۽ چڱائي ڪريو، ڇوته الله چڱائي ڪندڙن کي پسند ڪندو آھي. ⭐ الله تعاليٰ پسند ڪري ٿو ته ان جي رخصت تي عمل ڪيو وڃي جئين سندس نافرماني ڪرڻ کي ناپسند ڪري ٿو. (مسند احمد: 5866) * سيدنا عمرو بن عاص رضي الله عنه فرمائي ٿو: غزوه ذات السلسل جي جنگ ۾ سخت سردي واري رات مون کي احتلام ٿي ويو ۽ مونکي ڊپ ٿيو ته جيڪڏهن آئون غسل ڪندسن ته آئون مري ويندس. تنهن ڪري مون تيمم (ڪجهه روايتن مطابق وضو )ڪيو ۽ پنهنجي ساٿين کي فجر نماز پڙهائي ، جڏهن ماڻهن ان جو ذڪر نبي اڪرم ﷺ سان ڪيو ته پاڻ فرمايائون : عمرو! توهان پنهنجي ساٿين کي جنابت جي حالت ۾ نماز پڙھائي ڇڏي؟ تہ مون غسل نه ڪرڻ جو سبب رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم کي بيان ڪيو ۽ چيو: مون الله تعاليٰ جوفرمان ٻڌو آھي ته : وَلَا تَقۡتُلُوۤا۟ أَنفُسَكُمۡۚ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِكُمۡ رَحِیمࣰا . [سورة النساء 29] توھان پنھنجو پاڻ کي قتل نه ڪيو يقينا الله تعاليٰ توھان تي رحم ڪرڻ وارو آھي اھا ڳالھ رسول الله صلي الله عليه و آله و سلم ٻڌي کليا ۽ پاڻ ڪجهه به نه چيائون. (سنن ابوداؤد: 334) ⭐ڪي بيماريون يا حالتون اهڙيون ٿي سگهن ٿيون جن ۾ غسل ڪرڻ سان انسان جي موت جو يا بيماري وڌي وڃڻ خطرو ھجي اھڙي حالت ۾ ان رخصت تي عمل ڪري سگھجي ٿو. ⭐ * موزن ،جورابن، پٽڪي ۽ فوجي لانگ بُوٽن تي مسح* نبي اڪرم ﷺ موزن ۽ پٽڪي تي مسح ڪيو. (بخاري: 202.205) نبي اڪرم(صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم) پٽڪي ۽ تساخين (پيرن کي گرم رکڻ وارين شين يعني موزن ۽ جورابن )تي مسح ڪرڻ جو حڪم ڏنو (ابو دائود: 146). جورابن تي مسح ڪرڻ صحابه ڪرام سيدنا عمر ، سيدنا علي ،سيدنا ابن مسعود سيدنا براء بن عازب سيدنا انس بن مالڪ ، سيدنا ابو امامہ سيدنا ابن عباس ، سيدنا سھل بن سعد ، وغيرهم رضي الله عنھم کان ثابت آهي (ابو داود قبل حديث: 160)وڌيڪ تفصيل ۽ حوالن لاء ڏسندا ھدية المسلمين للشيخ زبير علي زئي رحمه الله (ص 17-21) جڏهن (پٽڪو) موزا ( جوراب يا لانگ بُوٽ) وضو ڪرڻ بعد پاتا ويا ھجن (بخاري: 206) ته انهن تي مسح ڪرڻ جي مدت مقيم لاء هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات آھي ۽ مسافر لاء ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون آھي (ابو دائود: 157) ۽ مسح پير جي مٿئين حصي تي ٿيندو. (ابو داؤد: 162) نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم صحابه کي حڪم ڏيندا ھئا ته هو ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين تائين (سفر دوران) ، پيشاب يا ننڊ جي ڪري موزا (جوراب) نه لاھن، جيڪڏهن جنابت جو عارضو لاحق ٿئي( ته پوءِ لاھن ۽ غسل ڪن) (ترمذي :96) ⭐ *منهن ڍڪي نماز پڙهڻ* رسول الله صلي الله عليه وسلم منھن ڍڪي نماز پڙهڻ کان منع ڪيو آهي. (ابو دائود: 643) نوٽ : ڪرونا واري موجودهه وبا جي ڪري علماء ڪرام ماسڪ پائي نماز پڙھڻ کي جائز قرار ڏنو آھي . اهڙي طرح ضرورت وقت دستانا پائي نماز پڙھڻ جي ڪا به ممانعت ناهي ان ڪري اهو جائز چئبو . * گرمي يا سردي جي اثر کان بچڻ لاءِ سجدي واري جاءِ تي (الڳ) ڪو ڪپڙو وغيره رکڻ جائز آھي . اهڙي طرح ٽوپي يا پٽڪي تي سجدو ڪرڻ به جائز آھي (صحيح بخاري : حديث وقبل حديٽ 385 : مصنف ابن ابي شيبه : 2770) * هنڌ بستري تي نماز پڙھڻ جائز آھي . (صحيح بخاري : 382، 384 ، وقبل حديث 382 ) ⭐ *سخت سردي ۾ جلدي نماز پڙهڻ* * جيڪڏهن سخت سردي پوندي هئي ، ته رسول الله صلي الله عليه وسلم نماز ( ظهر ۽ جمعو زوال کان پوءِ اول وقت ۾) جلدي ادا ڪندا ھئا پر جڏهن گرمي گهڻي ھوندي ھئي ته پوء ٿڌي وقت ۾ نماز ادا ڪندا هئا (يعني زوال کانپوءِ ڪجھ دير ترسي نماز پڙھندا ھئا.) (صحيح بخاري 906. 536) *اڌ اس ۽ اڌ ڇانون ۾ نماز پڙهڻ* سياري ۾ ماڻھو جي دل ڪري ٿي ته اُس ۾ نماز پڙھي ، پر ان لاءِ اها ڳالھ ضروري آهي ته اھڙي جڳھ جو انتخاب ڪري جتي مڪمل اس هجي ۽ اھڙي جڳھ نه ھجي جتي اڌ اس ۽ اڌ ڇانؤَن ھجي ، يعني جسم جو ڪجھ حصو اس ۾ ۽ ڪجھ حصو ڇانو ۾ نه ھجي ، ڇو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم اھڙي جاءِ تي ويهڻ کان منع ڪئي آهي جتي ڪجھ اس ۽ ڪجھ ڇانون هجي . اھڙي جڳھ تي شيطان ويھندو آهي. (سنن ابن ماجه: 3722. مسند احمد: 15421 ، مصنف ابن ابی شیبہ 8/ 4891 ح 25953 ، 25952) ⭐ *باھ وسائي سمھڻ* * مديني ۾ ھڪڙو گھر رات جو سڙي ويو نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم کي ٻڌايو ويو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو باھ توهان جي دشمن آهي ، تنهن ڪري توهان سمهڻ مهل ان کي وسائي ڇڏيندا ڪريو (صحيح بخاري: 6294) ⭐رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: پاڻي جي ٿانون کي ڍڪي ڇڏيندا ڪريو ، مشڪيزن (دلن مٽن ۽ نادين )جا منهن بند ڪري ڇڏيندا ڪريو ، دروازا بند ڪري ڇڏيندا ڪريو ۽ پنهنجن ٻارن کي پاڻ وٽ گڏ (جمع) ڪيو ، يعني انهن کي گهرن مان نڪرڻ کان روڪيو ، ڇاڪاڻ ته شام جي وقت جنات (زمين تي) چؤطرف پکڙجي وڃن ٿا، سمھڻ وقت ڏيئا وسائي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته موذي جانور (ڪوئا وغيره) ڪڏهن ڪڏهن ٻرندڙ ٽانڊا ڇڪي کڻي اچن ٿا ۽ گهر کي باهه ڏئي ڇڏيندا آهن . (صحيح بخاري: 3316) * عام طور تي سردي جي موسم ۾ ھيٽر استعمال ڪيا ويندا آهن ، ان ڪري ضروري آهي ته سمهڻ وقت انھن کي بند ڪري ڇڏڻ گھرجي ، ۽ اھڙي طرح غير ضروري بلب پڻ بند ڪرڻ گھرجن. ⭐ ھيٽر وغيره بلڪل سامهون رکي انهن جي اڳيان نماز نه پڙھڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انھن ۾ باھ ھوندي آھي ۽ مجوسي باھ جي عبادت ڪندا آھن ، تنھنڪري انھن جي مشابهت کان بچندي ان عمل کان پاسو ڪرڻ گھرجي. نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: جيڪو ماڻهو جنهن قوم جي مشابھت اختيار ڪندو ، اهو انهن مان ئي هوندو. (ابو دائود: 4031) ⭐ اھڙا ڪپڙا ، جرسيون ، جيڪٽ ۽ جوراب وغيره جن تي جاندارن جون تصويرون ھجن اھي استعمال نه ڪرڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته شريعت انهن تصويرن جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ الله تعاليٰ (جي رحمت )جا فرشتا اھڙن گھرن ۾ داخل نه ٿيندا آھن جن گھرن ۾ تصويرون ھونديون آھن . (صحيح بخاري: 3226) * شلوار يا گوڏ وغيره جو ڪپڙو ڀيڏين ( مُرين) کان هيٺ لڙڪائڻ وڏو گناھ آھي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ڀيڏين کان هيٺ لڙڪيل ڪپڙي وارو حصو دوزخ ۾ ھوندو . (صحيح بخاري : 5787) نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: وَإِيَّاكَ وَإِسْبَالَ الْإِزَارِ ؛ فَإِنَّهَا مِنَ الْمَخِيلَةِ ، وَإِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمَخِيلَةَ . ۽ توهان خاص طور ڀيڏين کان ڪپڙو هيٺ لڙڪائڻ کان بچو ڇو ته اهو تڪبر آھي ۽ الله تعاليٰ تڪبر کي پسند نه ٿو ڪري . (ابوداؤد :4084) سياري ۾ خاص طور ان تي توجهه جي ضرورت هجي ٿي . (وَمَا تَوۡفِیقِیۤ إِلَّا بِٱللَّهِ عَلَیۡهِ تَوَكَّلۡتُ وَإِلَیۡهِ أُنِیبُ)