ڪنن جي نعمت ۽ ان جو صحيح ۽ غلط استعمال

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2021۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڪنن جي نعمت ۽ ان جو صحيح ۽ غلط استعمال

    مولانا صبغت الله محمدي حفظه الله
    مدرس جامعه بحرالعلوم السلفيه ميرپورخاص.

    ڪَنَ الله تعاليٰ جي وڏين ۽ انمول نعمتن مان هڪ نعمت آھي۔جنهن جي ذريعي انسان ھر قسم جا آواز ٻڌي سگھي ٿو ۽ انھن کي ٻڌڻ کان بعد ساڻس گفتگو ڪندڙ کي ورنائي ٿو۔ ۽ مختلف آوازن مان مختلف قسم جا تاثر وٺي ٿو۔ ۽ ان نعمت جي غير موجودگي ۾ يعني ٻڌڻ جي قوت کان محروم هجڻ جي صورت ۾ انسان انهن سڀني شين کان محروم ٿيو وڃي جيڪو هڪ وڏي تڪليف جو باعث آھي۔ پر هجڻ ايئن گهرجي ها جو اسين ههڙي عظيم نعمت جي قدرداني ڪيون ها ۽ ان جي ناقدري کان هر طرح سان بچون ها پر غور ڪجي ۽ ڏسجي ته ان نعمت جي ناقدري عروج تي آھي هن مضمون ۾ اسين ان نعمت جي صحيح ۽ غلط استعمال جي وضاحت ڪريون ٿا ته جيئن اسان ان انمول ۽ چوکِي نعمت جي جائز ۽ ناجائز صورت کي سمجهي ان نعمت جي قدرداني ڪريون ۽ ان جي ناقدري کان بچي سگھون۔ وبالله التوفيق.
    الله تعالي فرمايو:
    وَاللَّهُ أَخْرَجَكُم مِّن بُطُونِ أُمَّهَاتِكُمْ لَا تَعْلَمُونَ شَيْئًا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ.(النحل٧٨)
    ۽ الله تعاليٰ اوھان کي اوھان جي مائرن جي پيٽن مان ڪڍيو تڏھن اوھان ڪجھ ڄاڻندا نه ھئا. ۽ ان بنايا اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دل .تان ته اوھان شڪر ڪيو.
    ھن آيت مان معلوم ٿيو ته ڪن الله تعاليٰ جي ھڪ عظيم نعمت آهن جن جو شڪر ادا ڪرڻ لازمي آهي.

    ڪَنن جي نعمت متعلق قيامت جي ڏينهن پڇاڻو ٿيندو۔ H

    إِنَّ السَّمْعَ وَالْبَصَرَ وَالْفُؤَادَ كُلُّ أُولَئِكَ كَانَ عَنْهُ مَسْئُولًا۔
    بي شڪ ڪَنَ، اکيون، ۽ دل هر ھڪ متعلق (قيامت ۾) پڇاڻو ٿيندو.

    حق جي ڳالھ ٻڌڻ کان لنوائڻ نه گھرجي H

    قرآن و حديث تي مشتمل وعظ،نصيحت ۽ صحيح عقائد،۽ اعمال جيڪڏھن ڪنھن کي ٻڌايا وڃن ته اھو ان کي پنھنجِي اَنَا جو مسئلو بڻائڻ جي بجائي حق جي ڳالھ کي ٻڌي ۽ ان کي قبول ڪري ۽ کيس پنھنجي غلط عقائد ء عملن کان توبه تائب ٿيڻ کپي ڇوته اھائي ھدايت يافتہ ماڻھن جي شناخت ۽ سڃاڻپ آھي جيئن فرمان الاھي آھي :الَّذِينَ يَسْتَمِعُونَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُونَ أَحْسَنَهُ ۚ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ هَدَاهُمُ اللَّهُ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمْ أُولُو الْأَلْبَابِ.(الزمر١٨)
    يعني اھي ماڻھو جيڪي ڳالھ ٻڌن ٿا ۽ چڱي ڳالھ جي پيروي ڪن ٿا اھي آھن اھي جن کي الله تعاليٰ ھدايت ڏني آهي ۽ اھي ئي عقل وارا آھن.
    ان جي برعڪس اھي ماڻھون جيڪي حق کي ٻڌڻ نه ٿا گُھرن بلڪي ان جي مخالفت ڪن ٿا ۽ ماڻھن کي ان جي ٻڌڻ کان روڪين ٿا اھي قرآن پاڪ جي اصطلاح مطابق جھانن جي بدترين مخلوق آھن جانورن وانگر آھن بلڪي انھن کان بہ بدتر ۽ جھنم جو کاڄ بڻجڻ وارا آھن جيئن فرمانِ رباني آھي:
    إِنَّ شَرَّ الدَّوَابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ الْبُكْمُ الَّذِينَ لَا يَعْقِلُونَ.(الانفال٢٢)
    بي شڪ زمين تي ھلندڙ بدترين مخلوق الله تعاليٰ جي نزديڪ اھي (حق ڳالھ ٻڌڻ کان) ٻوڙا،۽ (حق جي ڳالھ چوڻ کان)گونگا ماڻھو آھن جيڪي عقل نه ٿا رکن.
    ٻي جاء تي آھي:
    أَفَأَنتَ تُسْمِعُ الصُّمَّ أَوْ تَهْدِي الْعُمْيَ وَمَن كَانَ فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ.(الزخرف٤٠)
    (اي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم!)ڇا توھان (حق ڳالھ جي ٻڌڻ کان)ٻوڙي کي (اُھَا) ٻڌرائي سگھو ٿا؟۽ (حق کي ڏسڻ کان)انڌي کي رستو ڏيکاري سگھو ٿا؟جيڪو کُلِي گمراھي ۾ پيل آھي.
    ھڪ ٻي جاء تي فرمايائين:
    وَلَقَدْ ذَرَأْنَا لِجَهَنَّمَ كَثِيرًا مِّنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ ۖ لَهُمْ قُلُوبٌ لَّا يَفْقَهُونَ بِهَا وَلَهُمْ أَعْيُنٌ لَّا يُبْصِرُونَ بِهَا وَلَهُمْ آذَانٌ لَّا يَسْمَعُونَ بِهَا ۚ أُولَٰئِكَ كَالْأَنْعَامِ بَلْ هُمْ أَضَلُّ أُولَٰئِكَ هُمُ الْغَافِلُونَ(الاعراف١٧٩)
    ۽ تحقيق اسان دوزخ لاءِ پيدا ڪيو آھي گھڻن جنن ۽ انسانن کي جن جون دليون ته آھن(پر حق جي ڳالھ) سمجھن نه ٿا.۽ انھن جون اکيون ته آھن (پر حق جي ڳالھ) ڏسن نه ٿا انھن جا ڪَنَ ته آھن(حق جي ڳالھ) ٻڌن نه ٿا اھي جانورن وانگر آھن بلڪ انھن کان به بدتر آھن اھي ئي غافل آهن.
    ھنن آيتن مان معلوم ٿيو ته انسان جي لاء حق کي نه ٻڌڻ انتھائي ھاڃيڪار آھي جيڪو انسان کي پنھنجي حيثيت کان ڪيرائي جانورن کان بہ بدتر بڻائي ٿو ڇڏي ۽ آخرت ۾ اھائي خصلت ۽ روش ان جي ھلاڪت ۽ بربادي جو باعث بڻبي.(الله تعاليٰ پنهنجي پناھ ۾ رکي.آمين)

    ڪنن جي برائي کان الله تعاليٰ جي پناھ طلب ڪرڻ گھرجي H

    شڪل بن حميد رضي الله عنه بيان ٿو ته آئون نبي سائين صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم ته سائين مون کي ڪا پناھ طلب ڪرڻ جي دعا سيکايو جنھن سان پنھنجي رب پاڪ جي پناھ گھرندو رھان. پاڻ صلي الله عليه وسلم منھنجي ھٿ مان وٺي فرمايو ته تون ھينئن چئو: اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّ سَمْعِي وَمِنْ شَرِّ بَصَرِي وَمِنْ شَرِّ لِسَانِي وَمِنْ شَرِّ قَلْبِي وَمِنْ شَرِّ مَنِيِّي"[سنن الترمذي | أَبْوَابُ الدَّعَوَاتِ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ 3492 و سنن ابي دائود كِتَابُ الصَّلَاةِ | بَابٌ : فِي الِاسْتِعَاذَةِ 1551]
    اي منھنجا رب!مان توکان پنھنجي ڪنن ،
    اکين،زبان،دل ۽ پنهنجي مني يعني شرمگاهه جي برائي کان پناھ گھران ٿو.

    ڪنن جو صحيح استعمال
    قرآن ڪريم ٻڌڻ H

    وَإِذَا قُرِئَ الْقُرْآنُ فَاسْتَمِعُوا لَهُ وَأَنصِتُوا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ.الاعراف.
    ۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي تہ ان کي غور سان ٻڌو ۽ خاموش رھو تان ته اوھان تي رحم ڪيو وڃي.
    سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله عنه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کيس فرمايو تہ اقْرَأْ عَلَيَّ يعني مون تي قرآن پڙھ.عرض ڪيائين : أَقْرَأُ عَلَيْكَ وَعَلَيْكَ أُنْزِلَ؟ ته سائين مان توھان تي قرآن پڙھان حالانڪه قرآن ته توھان تي نازل ٿيو آهي.
    فرمايائون : إِنِّي أَشْتَهِي أَنْ أَسْمَعَهُ مِنْ غَيْرِي . آئون چاھيان ٿو تہ ڪنھن ٻئي کان ٻڌان.چوي ٿو ته پوء مون سوره نساء پڙھڻ شروع ڪئي تان جو آيت{فَكَيْفَ إِذَا جِئْنَا مِنْ كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهِيدٍ وَجِئْنَا بِكَ عَلَى هَؤُلَاءِ شَهِيدًا} (ترجمو:پوء ڪيئن ٿيندو اوھان جو حال جڏھن اسان ھر امت مان گواھ آڻينداسون.۽ توھان کي ھن(امت) وارن تي گواھ پيش ڪنداسون) تي پھتس ته پاڻ فرمايائون ته بس بس.(مون تلاوت ختم ڪري نبي سائين کي نھاريو ته) فَرَأَيْتُ عَيْنَيْهِ تَذْرِفَانِ. پاڻ جي اکين مان لڙڪ جاري ھيا.
    [صحيح البخاري | كِتَابٌ : فَضَائِلُ الْقُرْآنِ | بَابُ الْبُكَاءِ عِنْدَ قِرَاءَةِ الْقُرْآنِ رقم:5055 و صحيح مسلم كِتَابٌ : الْمَسَاجِدُ وَمَوَاضِعُ الصَّلَاةِ | بَابٌ : فَضْلُ اسْتِمَاعِ الْقُرْآنِ رقم:800]

    حديث شريف ٻڌڻ H

    رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم ان شخص جي لاء دعا فرمائي آھي.جيڪو حديث شريف ٻُڌِي سمجِھي ان کي اڳتي پھچائي ٿو جيئن سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله عنه بيان ڪري ٿو ته: سَمِعْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : نَضَّرَ اللَّهُ امْرَأً سَمِعَ مِنَّا شَيْئًا فَبَلَّغَهُ كَمَا سَمِعَ. [سنن الترمذي|أَبْوَابُ الْعِلْمِ عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ | بَابٌ : مَا جَاءَ فِي الْحَثِّ عَلَى تَبْلِيغِ السَّمَاعِ .2657]
    يعني نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي فرمائيندي ٻڌم ته الله تعاليٰ ان شخص کي تروتازہ ۽ خوش و خرم رکي جيڪو منھنجي ڪا حديث ٻڌي ٿو ۽ ان کي ان طرح اڳتي پھچائي ٿو جيئن ٻڌي ھيائين.

    وعظ ۽ نصيحت ٻڌڻ H

    ان طرح وعظ ۽ نصيحت ٻڌڻ گھرجي ڇوته نصيحت کي ٻڌڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ اھل ايمان جو شيوو ۽ عادت آھي ۽ نصيحت کي ٻڌڻ رحمت الاھي جي حصول جو ذريعو پڻ آهي جيئن حديث پاڪ ۾ آھي ته سيدنا ابوواقد ليثي رضي الله عنه بيان ڪري ٿو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم مسجد ۾(پنھنجي صحابه رضي الله عنهم کي نصيحت ڪري رهيا ھيا ته ٽي شخص آيا.انھن مان ھڪ ڪوشش ڪئي ان اڳتي جڳھ حاصل ڪري ورتِي ۽ اتي ويھي نصيحت ٻڌائين.۽ ٻئي کي جِتي جڳھ ملي اتي ئي پوئتي ئي ويھي رھيو. ۽ ٽيون نصيحت ٻڌڻ کان سواء پنھنجي ڪم سانگي ھليو ويو.(نصيحت درس جي مڪمل ٿيڻ کان بعد پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم فرمايو) اڄ آئون اوھان کي انهن ٽن شخصن جي متعلق ٻڌايان ٿو :
    أَمَّا أَحَدُهُمْ فَأَوَى إِلَى اللَّهِ فَآوَاهُ اللَّهُ، وَأَمَّا الْآخَرُ فَاسْتَحْيَا فَاسْتَحْيَا اللَّهُ مِنْهُ، وَأَمَّا الْآخَرُ فَأَعْرَضَ فَأَعْرَضَ اللَّهُ عَنْهُ۔
    انھن مان ھڪ الله جي رحمت ڏانھن جڳھ حاصل ڪئي ته ان کي الله تعالي پنهنجي رحمت ۾ جڳھ ڏئي ڇڏي.۽ ٻيو شرمائي ويو ته الله تعالي به ان کان حياء ڪيو. ۽ ٽيون شخص الله تعالي جي رحمت کان دور ٿيو ته الله تعالي به ان کي پنھنجي رحمت کان دور ڪري ڇڏيو.
    [صحيح بخاري كِتَابٌ : الْعِلْمُ | بَابُ مَنْ قَعَدَ حَيْثُ يَنْتَهِي بِهِ الْمَجْلِسُ66۔وصحيح مسلم كِتَابٌ : السَّلَامُ. | بَابٌ : مَنْ أَتَى مَجْلِسًا فَوَجَدَ فُرْجَةً فَجَلَسَ فِيهَا۔ 2176واللفظ له]

    ھن حديث مان معلوم ٿيو ته اسان کي بجائي فضول ۽ بي فائده ڪم ڪرڻ جي وعظ و نصيحت کي ٻڌڻ گھرجي ته جيئن اسين بہ رحمت الاھي جا حقدار ٿي سگھون.

    جمعي جو خطبو ٻڌڻ H

    جمعو جو ڏينھن مسلمانن لاء ھڪ انمول نعمت کان گھٽ ناھي.قرآن و حديث ۾ ان ڏينھن جو خصوصي اھتمام ڪرڻ جي تاڪيد ٿيل آهي.خصوصي طور تي جمعي جي خطبي لاء جلدي اچڻ ۽ ان کي غور سان ٻڌڻ جي وڏي فضيلت مروي آهي جيئن فرمانِ نبوي صلي الله عليه وسلم آھي ته: مَنْ غَسَّلَ وَاغْتَسَلَ يَوْمَ الْجُمُعَةِ، وَبَكَّرَ، وَابْتَكَرَ، وَمَشَى وَلَمْ يَرْكَبْ، فَدَنَا مِنَ الْإِمَامِ فَاسْتَمَعَ وَلَمْ يَلْغُ كَانَ لَهُ بِكُلِّ خُطْوَةٍ عَمَلُ سَنَةٍ أَجْرُ صِيَامِهَا وَقِيَامِهَا . [مسند أحمد 16173صحيح ترغيب 690(قال الشيخ الالباني : ﺇﺳﻨﺎﺩﻩ ﺻﺤﻴﺢ. ﻭﺃﺧﺮﺟﻪ اﺑﻦ ﺧﺰﻳﻤﺔ ﻭاﺑﻦ ﺣﺒﺎﻥ (2770) ﻓﻲﺻﺤﻴﺤﻴﻬﻤﺎ ﻭﻗﺎﻝ اﻟﺤﺎﻛﻢ: ﺇﺳﻨﺎﺩﻩ ﺻﺤﻴﺢ ﻋﻠﻰ ﺷﺮﻁ اﻟﺸﻴﺨﻴﻦ ! ﻭﻭاﻓﻘﻪ اﻟﺬﻫﺒﻲ! ﻭﻗﺎﻝ اﻟﺘﺮﻣﺬﻱ: ﺣﺪﻳﺚ ﺣﺴﻦ. صحيح ابي داود رقم 373]
    جنھن جمعي ڏينهن غسل ڪيو ۽(ٻين کي) غسل ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ پاڻ به جلدي (مسجد ۾) آيو ٻين کي جلد اچڻ جي تلقين ڪئي ۽ پيادل آيو سوار ڪونه ٿيو امام جي ويجھو اچي ويٺو ۽ خاموشيءَ سان غور سان خطبو ٻڌائين ۽ ڪا فضول حرڪت نه ڪيائين. ان لاء ھر ھڪ وِکَ جي بدلي ھڪ سال جي قيامب(تهجد نماز پڙھڻ) ۽ روزن جو ثواب آھي.
    ٻي حديث ۾ آھي ته سيدنا ابوهريره رضي الله عنہ بيان ڪري ٿو ته نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته: فَاسْتَمَعَ وَأَنْصَتَ ؛ غُفِرَ لَهُ مَا بَيْنَهُ وَبَيْنَ الْجُمُعَةِ، وَزِيَادَةَ ثَلَاثَةِ أَيَّامٍ
    [صحيح مسلم | كِتَابٌ : الْجُمُعَةُ. | بَابٌ : فَضْلُ مَنِ اسْتَمَعَ وَأَنْصَتَ فِي الْخُطْبَةِ. 857
    و سنن ابي دائود كِتَابُ الصَّلَاةِ | بَابٌ : تَفْرِيعُ أَبْوَابِ الْجُمُعَةِ | بَابٌ : فَضْلُ الْجُمُعَةِ1050]
    يعني جيڪو جمعي جو خطبو خاموشي سان ٻڌندو رھيو ان جي لاء اُن جمعي کان آئنده جمعي تائين ۽ وڌيڪ ٽي ڏينھن جا (صغيرہ) گناھ معاف ڪيا وڃن ٿا.

    ڪنن جو غلط استعمال زنا آھي H

    ياد رکو ته ڪنن جو غلط استعمال الله تعالي جي نافرماني آهي بلڪه ان کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ڪنن جي زنا قرار ڏنو آهي جيئن حديث شريف ۾ آهي ته:
    وَالْأُذُنَانِ زِنَاهُمَا الِاسْتِمَاعُ . [صحيح مسلم | كِتَابٌ : الْقَدَرُ | بَابٌ : قُدِّرَ عَلَى ابْنِ آدَمَ حَظُّهُ مِنَ الزِّنَا وَغَيْرِهِ.)
    يعني نبي صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ڪنن جي زنا (الله تعاليٰ جي نافرماني وارا آواز ) ٻڌڻ آھي.ان حديث مان ڪنن کي الله تعالي جي نافرماني ۾ استعمال ڪرڻ جي سنگيني جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل ڪونهي.

    ڪنن جي غلط استعمال جون مختلف صورتون H

    گانا ۽ موسيقي ٻڌڻ H

    گانن ۽ موسيقي کي قرآن ڪريم شيطاني آواز قرار ڏنو آهي جيئن الله تعاليٰ ابليس لعين سان مخاطب ٿي فرمايو:
    وَاسْتَفْزِزْ مَنِ اسْتَطَعْتَ مِنْهُم بِصَوْتِكَ.(بني اسرائيل64)
    ۽ انھن مان جن کي تون پنھنجي آواز سان گمراهه ڪري سگھين ٿو انھن کي گمراھ ڪري وٺ.
    ھن آيت ۾ شيطان جي آواز مان گانن موسيقي ۽ الله تعاليٰ جي ھر نافرماني مراد آھي.جيئن امام سيوطي رحمه الله فرمائي ٿو:
    استنزل من استطعت منهم بالغناء والمزامير واللهو والباطل.(الدرالمنثورج٥ص٣١٢)
    يعني انھن مان جنھن کي(پنھنجي آواز) گانن بانسرين ۽ فضول گفتگو ۽ باطل آوازن سان گمراھ ڪرڻ جي سگھ اٿئي انھن کي گمراھ ڪري وٺ.
    ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حديث آھي:
    صَوْتانِ مَلعُونَانِ فِيْ الدُّنيَا وَالآخرةِ : مِزمَارٌ عِندَ نعمةٍ ، وَرَنَّةٌ عِنْدَ مُصِيْبَةٍ.
    [أخرجه البزار (7513) واللفظ له، والديلمي في الفردوس (3778)، والضياء في الأحاديث المختارة : (2200)
    يعني ٻن آوازن تي الله تعاليٰ جي لعنت ۽ ڦٽڪار ٿيل آھي (1) خوشي جي موقعي تي بانسرين ۽ گانن جو آواز. (2) پِٽڪي جو آواز مصيبت جي وقت.
    ۽ ظاھر آھي ته جڏھن ھن آواز تي الله تعاليٰ جي ڦٽڪار ۽ لعنت ٿيل آهي ته ان آواز کي ڳائڻ ۽ ٻڌڻ وارا به ان جي ڦٽڪار ،ملامت ۽ ڏمر جو مستحق آھن.

    غيبت ڪرڻ ۽ ٻڌڻ H

    الله تعاليٰ جي نافرمانين مان ھڪ نافرماني جيڪا هن وقت عروج تي پھتل آھي اھا آھي مسلمان ڀاءَ جي گلا ۽ غيبت ڪرڻ اھا غيبت جھڙي طرح خود ڪرڻ باعث گناھ آھي اھڙي طرح ان جو ٻڌڻ به ھڪ مسلمان لاء روا ناھي ان متعلق ھيٺ حديث شريف مان ٻه واقعا ذڪر ڪجن ٿا جن مان قارئين بخوبي سمجھي سگھن ٿا ته شريعتِ اسلاميه مسلمان لاء ٻئي مسلمان جي غيبت ٻڌڻ کي به جائز ناھي چيو. صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ سان ابوبڪر صديق رضي الله عنه کي ساڻ ڪري منجھند جي ٽائيم عتبان بن مالڪ رضي الله عنه جي گهر سندس درخواست تي تشريف فرما ٿيا.پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي تشريف آوري جي خبر پوڻ تي ان جي گھر اوڙي پاڙي جا ڪافي ماڻھون گڏ ٿي ويا تڏھن ھڪ شخص چيو ته أَيْنَ مَالِكُ بْنُ الدُّخْشُنِ؟ يعني مالڪ بن دخشن رضي الله عنه ڪٿي آهي؟ ٻئي شخص جواب ڏنس ته:
    ذَلِكَ مُنَافِقٌ لَا يُحِبُّ اللَّهَ وَرَسُولَهُ
    يعني اھو ته منافق آھي الله ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وسلم سان محبت به نٿو ڪري. تڏھن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فوري طور تي ان شخص کي ٽوڪي ورتو ۽ فرمايائون ته : لَا تَقُلْ لَهُ ذَلِكَ ، أَلَا تَرَاهُ قَدْ قَالَ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ يُرِيدُ بِذَلِكَ وَجْهَ اللَّهِ؟ ايئن نه چئو ڇا توکي خبر ناھي تہ ان ڪلمو ان لاء پڙھيو آهي ته الله تعالي کي راضي ڪري سگھي؟[صحيح البخاري | كِتَابٌ : الصَّلَاةُ | بَابُ الْمَسَاجِدِ فِي الْبُيُوتِ.رقم الحديث 425 و صحيح مسلم كِتَابُ الْمَسَاجِدِ وَمَوَاضِعِ الصَّلَاةَ بَابُ الرُّخْصَةِ فِي التَّخَلُّفِ عَنِ الْجَمَاعَةِ بِعُذْرٍحديث رقم 1099]
    ھن حديث مان معلوم ٿيو ته ڪنھن جي سامھون ڪنھن مسلمان ڀاء جي غيبت ٿي رھي ھجي ته ان کي خاموشي سان ٻڌڻ ۽ ڪنن جي لذت حاصل ڪرڻ بجائي غيبت ڪرڻ واري کي ان کان منع ڪرڻ گھرجي.
    ٻي حديث ۾ آهي ته ڪعب بن مالڪ رضي الله عنه جنگ تبوڪ کان پوئتي رھجي ويو ھيو.نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم پنھنجي اصحابن سڳورن رضي الله عنهم کي ساڻ ڪري تبوڪ جي ميدان تي پھتا اتي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم کي خيال آيو ته ڪعب بن مالڪ ته نظرڪونه پيو اچي.تنھن ڪري فرمايائون تہ:مَا فَعَلَ كَعْبٌ ؟ ڪعب(بن مالڪ )ڇا ڪيو؟ يعني جنگ ۾ دشمن سان مقابلي لاء ڇو ڪونه آيو؟ بنوسلمہ قبيلي جي ھڪ شخص وراڻيو تہ: يَا رَسُولَ اللَّهِ،حَبَسَهُ بُرْدَاهُ، وَنَظَرُهُ فِي عِطْفِهِ. يعني اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم! ھن کي ته ان جي چادر ۽ پنھنجي ڪلھن جي ڏسڻ(يعني معاذالله ان جي غرور) جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو آهي.ان وقت موجود صحابه مان معاذ بن جبل رضي الله عنه ان شخص کي فوري ٽوڪي ورتو ۽ چيائينس ته : بِئْسَ مَا قُلْتَ، وَاللَّهِ يَا رَسُولَ اللَّهِ، مَا عَلِمْنَا عَلَيْهِ إِلَّا خَيْرًا.
    تو تمام بري ڳالھ ڪئي آھي اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم! اسين ان(ڪعب بن مالڪ رضي الله عنه)جي متعلق چڱو ئي ڄاڻون ٿا.
    [صحيح البخاري | كِتَابٌ : الْمَغَازِي. | بَابٌ : حَدِيثُ كَعْبِ بْنِ مَالِكٍ.4418 وصحيح مسلم | كِتَابٌ : التَّوْبَةُ | بَابٌ : حَدِيثُ تَوْبَةِ كَعْبِ بْنِ مَالِكٍ وَصَاحِبَيْهِ2769]
    ھن حديث مان سکيا ملي ته مسلمان جي لاء غيبت ڪرڻ ۽ ان کي ٻڌڻ انھن ٻنھي عادتن کي اپنائڻ کان گريز ڪرڻ گھرجي.

    ڪنهن جون لڪي ڳالهيون ٻڌڻ H

    ڪنن سان جيڪي آواز يا ٻولَ اسان کي نه ٻڌڻ کپن انھن ۾ ھڪ ھيءُ به آھي ته ڪنھن جون لڪي ڳالھيون ٻڌڻ. اھا به ھڪ نامناسب عادت آھي جنھن کان شريعت اسلاميه منع ڪئي آھي.نبي سائين صلي الله عليه وسلم جي حديث آھي ته: وَمَنِ اسْتَمَعَ إِلَى حَدِيثِ قَوْمٍ وَهُمْ لَهُ كَارِهُونَ - أَوْ يَفِرُّونَ مِنْهُ - صُبَّ فِي أُذُنِهِ الْآنُكُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ. [صحيح البخاري | كِتَابُ التَّعْبِيرِ | بَابُ مَنْ كَذَبَ فِي حُلُمِهِ.7042 )
    يعني جنھن شخص ڪنھن قوم جي لڪي ڪا ڳالھ ٻڌي جڏھن ته اھا قوم ان کي پسند نه ٿي ڪري.تہ قيامت جي ڏينھن ان جي ڪنن ۾ ٽامون وڌو ويندو.

    قرآن ۽ حديث سان ٿيندڙ مذاق ٻڌڻ H

    عام طور تي ڪافي محفلن ۽ ڪچھرين ۾ ڪجھ ماڻھون دانسته يا ناداسته قرآن ۽ حديث يا اسلامي شعائر سان مذاق ۽ ٺٺوليون ڪندي نظر اچن ٿا.ھڪ سچي مسلمان جي ذميواري آھي ته اھڙين ڪچھرين جو ڪُلِّي طور تي بائيڪاٽ ڪري.ان محفل ۾ ويھِي اھا بڪواس ھرگز نه ٻڌي جيئن ارشاد باري تعالي آھي ته:
    وَقَدْ نَزَّلَ عَلَيْكُمْ فِي الْكِتَابِ أَنْ إِذَا سَمِعْتُمْ آيَاتِ اللَّهِ يُكْفَرُ بِهَا وَيُسْتَهْزَأُ بِهَا فَلَا تَقْعُدُوا مَعَهُمْ حَتَّىٰ يَخُوضُوا فِي حَدِيثٍ غَيْرِهِ ۚ إِنَّكُمْ إِذًا مِّثْلُهُمْ.(النساء140)
    ۽ تحقيق الله تعاليٰ اوھان تي ڪتاب (قرآن مجيد)۾ اھو حڪم نازل ڪيو آھي ته جڏھن اوھان ٻڌو ته الله جي آيتن سان مذاق ۽ ٺٺول ٿي رھي آھي ته اھڙن ماڻھن سان گڏ نه ويھو تان جو اھي ٻي ڳالھ ۾ لڳي وڃن.ورنه اوھان به انھن جھڙا ئي(شمار)ٿيندؤ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو