نماز ۾ صف بندي جي فضليت ۽ اھميت

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2021۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    نماز ۾ صف بندي جي فضليت ۽ اھميت


    مولانا صبغت الله محمدي حفظه الله. مدرس جامعه بحرالعلوم السلفيہ ميرپورخاص.


    نماز اسلام جي بنيادي رڪنن مان ھڪ اھم رڪن آھن جنھن کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم پنھنجي اکين جو ٺار ڪوٺيو آھي ان جي اھميت جي پيش نظر ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ان جي ادائيگي ۽ طريقي
    جو خوب اھتمام ڪيو وڃي.نماز جي طريقي ۽ ادائگي ۾ اسلام صف بندي تي وڏو زور ڏنو آهي پر اڄ ڪلھ ان کي ڪا خاص اھميت ڪانه ٿي ڏني وڃي. ٻيا مڪاتب فڪر جيڪي حديث کي ڪا خاص اھميت ناھن ڏيندا بلڪي انھن جي نزديڪ آخري ۽ اٽل فيصلو فقھ جي ڪا بي سند عبارت ھجي ٿي. پر مقامِ افسوس آهي تہ اسين جيڪي قرآن و حديث جي پوئواري جي دعويٰ ڪرڻ وارا آھيون ڏسڻ ۾ اچي پيو ته اھا عظيم سنت اسان کي به خيرباد چوندي نظر اچي پئي.الا ماشاءالله.

    اسين ھيٺ قارئين ۽ ناظرين جي خدمت ۾ صف بندي جي متعلق نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جا فرامين پيش ڪريون ٿا تان ته اسان جي سامهون ان جي اھميت ۽ فضيلت اجاگر ٿي سگھي ۽ اسين ان عظيم سنت کي پنھنجي نمازن ۾ سيني سان سانڍي سگھون.وباللہ التوفيق.

    (حديث:1) سيدنا انس بن مالڪ رضي الله عنه بيان ڪري ٿو ته نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو: سَوُّواصُفُوفَكُمْ ؛ فَإِنَّ تَسْوِيَةَ الصُّفُوفِ مِنْ اِقَامَةِ الصَّلَاة [صحيح البخاري | كِتَابُ الْأَذَانِ | بَابٌ : إِقَامَةُ الصَّفِّ مِنْ تَمَامِ الصَّلَاةِ.رقم 723]
    يعني (نماز ۾) صفن کي درست ڪيو ڇوته صفن کي درست ڪرڻ نماز کي قائم ڪرڻ مان آھي.
    (حديث:2) ھڪ ٻي حديث کانئس مروي آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته:سَوُّوا صُفُوفَكُمْ، فَإِنَّ تَسْوِيَةَ الصَّفِّ مِنْ تَمَامِ الصَّلَاةِ[صحيح مسلم | كِتَابٌ : الصَّلَاةُ | بَابٌ : تَسْوِيَةُ الصُّفُوفِ وَإِقَامَتُهَا وَفَضْلُ الْأَوَّلِ فَالْأَوَّلِ مِنْهَا رقم 433]
    يعني صفن کي ٺاھيو ڇوته صفن کي ٺاھڻ نماز جي تڪميل ۽ پُورائي مان آھي.
    ھنن حديث مان معلوم ٿيو ته صفن جي درستگي ۽ سنوارَ سان نماز جي تڪميل ۽ پورائي ٿئي ٿي ۽ ان کي درست ڪرڻ کان سواءِ نماز اڻ پوري رھجي ويندي آھي.

    (حديث:3) سيدنا انس بن مالڪ رضي الله عنہ کان مروي ھڪ ٻي حديث ۾ لفظ آھن ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: أَقِيمُوا الصَّفَّ فِي الصَّلَاةِ، فَإِنَّ إِقَامَةَ الصَّفِّ مِنْ حُسْنِ الصَّلَاةِ. [صحيح مسلم | كِتَابٌ : الصَّلَاةُ | بَابٌ : تَسْوِيَةُ الصُّفُوفِ وَإِقَامَتُهَا وَفَضْلُ الْأَوَّلِ فَالْأَوَّلِ مِنْهَا رقم 435]
    يعني نماز ۾ صفن کي ٺاھيندا ڪريو ڇوته نماز جو حُسن ۽ خوبصورتي صف جي درست ڪرڻ ۾ آهي.

    (حديث:4) سيدنا جابر بن سمره رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم ھڪ دفعي اسان مٿان تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون تہ:
    أَلَا تَصُفُّونَ كَمَا تَصُفُّ الْمَلَائِكَةُ عِنْدَ رَبِّهَا ؟ " فَقُلْنَا : يَا رَسُولَ اللَّهِ، وَكَيْفَ تَصُفُّ الْمَلَائِكَةُ عِنْدَ رَبِّهَا ؟ قَالَ : يُتِمُّونَ الصُّفُوفَ الْأُوَلَ، وَيَتَرَاصون فى الصَّفِّ. [صحيح مسلم | كِتَابٌ : الصَّلَاةُ | بَابٌ : الْأَمْرُ بِالسُّكُونِ فِي الصَّلَاةِ رقم 430و سنن ابي دائود كِتَابُ الصَّلَاةِ | تَفْرِيعُ أَبْوَابِ الصُّفُوفِ | بَابٌ : تَسْوِيَةُ الصُّفُوفِ 661 و سنن النسائي كِتَابُ الْإِمَامَةِ | حَثُّ الْإِمَامِ عَلَى رَصِّ الصُّفُوفِ وَالْمُقَارَبَةِ بَيْنَهَا 816]
    يعني اوھان ان طرح صفون ڇا نٿا ٺاھيو جيئن ملائڪ پنھنجي پالڻھار اڳيان صفون ٺاھيندا آھن؟ اسان عرض ڪيو ته سائين! ملائڪ پنھنجي رب آڏو ڪينئن صفون ٺاھن ٿا ؟پاڻ فرمايائون ته اڳين صفن کي مڪمل ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ ملي بيھن ٿا.
    ھن حديث مان ثابت ٿيو ته صفن ۾ ملي بيھڻ الله تعاليٰ جي نوراني ۽ مقرب مخلوق فرشتن سان مشابهت آھي جيڪو پڻ ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناھي.

    (حديث:5) سيدنا نعمان بن بشير رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم اسان جي صَفُن کي ايئن سڌو ڪندا ھئا جيئن تير(شڪار تي) سڌو ڪري بيھاربو آھي ايستائين جو پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم خيال ڪيو ته اسين صفن کي درست ڪرڻ ۽ سنوارڻ کانئن سمجھي ويا آھيون.ھڪ ڏينھن پاڻ نماز پڙھائڻ لاء نڪتا ۽ تڪبير(تحريمہ)چوڻ وارا ئي ھيا ته ھڪ شخص کي ڏٺائون جنھن جو سينو صف کان ٻاھر نڪتل ھيو تہ فرمايائون:
    عِبَادَ اللَّهِ، لَتُسَوُّنَّ صُفُوفَكُمْ، أَوْ لَيُخَالِفَنَّ اللَّهُ بَيْنَ وُجُوهِكُمْ.
    [صحيح مسلم | كِتَابٌ : الصَّلَاةُ | بَابٌ : تَسْوِيَةُ الصُّفُوفِ وَإِقَامَتُهَا وَفَضْلُ الْأَوَّلِ فَالْأَوَّلِ مِنْهَا رقم 436]
    يعني الله جا بندئو!صفن کي صحيح ڪريو نه ته الله تعاليٰ اوھان جي وچ ۾ مخالفت ۽ ضد پيدا ڪري ڇڏيندو.

    (حديث:6) ھڪ ٻي حديث کانئس مروي آهي ته نبي مڪرم صلي الله عليه وسلم صفون تير وانگر سڌيون ڪندا ھئا ھڪ دفعي پاڻ ڏٺائون ته هڪ شخص جو سينو صف کان ٻاھر نڪتل ھيو تہ فرمايائون: سَوُّوا صُفُوفَكُمْ أَوْ لَيُخَالِفَنَّ اللَّهُ بَيْنَ وُجُوهِكُمْ.
    [سنن الترمذي رقم227 النسائي .810 و سنن ابن ماجه 994واللفظ له]
    يعني صفن کي سڌو ڪيو نه ته الله تعاليٰ اوھان جي چھرن ۾ مخالفت وجھي ڇڏيندو.
    ھنن ٻنھي حديثن مان ثابت ٿيو ته صفن کي درست نه ڪرڻ دلين ۾ ڦيٽي ۽ اختلاف جو سبب آھي.صفن کي درست نه ڪرڻ جي ڪري دلين ۾ عداوت ۽ ڪلفت پيدا ٿئي ٿي ۽ اڄڪلھ اسان ۾ جيڪي نفرتون ۽ ڪدورتون آھن ان جي سببن مان هڪ وڏو سبب اھو به آھي جو اسين صفن کي صحيح ۽ درست نه ٿا ڪريون.
    (حديث:7) سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو:
    أَقِيمُوا الصُّفُوفَ، َ وَحَاذُوا بَيْنَ الْمَنَاكِبِ،وَسُدُّوا الْخَلَلَ، وَلِينُوا ِأَيْدِي إِخْوَانِكُمْ - لَمْ يَقُلْ عِيسَى : بِأَيْدِي إِخْوَانِكُمْ - وَلَا تَذَرُوا فُرُجَاتٍ لِلشَّيْطَانِ، وَمَنْ وَصَلَ صَفًّا وَصَلَهُ اللَّهُ، وَمَنْ قَطَعَ صَفًّا قَطَعَهُ اللَّهُ . [سنن أبي داود: 666ومسند احمد 5724]
    يعني صفن کي سڌو ڪيو ۽ ڪلھن کي برابر ڪيو.وٿيون ۽ ويڇا بند ڪيو، ۽ پنھنجي ڀائرن جي ھٿن ۾ نرم ٿي وڃو(يعني آڪڙجِي نه بيھو).۽ شيطان جي لاء ويڇا ۽ خال نه ڇڏيو.جيڪو صف کي ملائي الله ان کي (پنھنجي رحمت سان) ملائي ۽ جوڙي. ۽ جيڪو صف کي ٽوڙي الله ان کي(پنھنجي رحمت کان) ٽوڙي ڇڏي.
    مانوارا قارئين:غور ڪريو ھن حديث ۾ ڪيتري قدر صفن کي ملائڻ ۽ جوڙڻ تي ھڪ طرف خوشخبري ۽ بشارت آھي تہ ٻئي طرف ان کي ٽوڙڻ ۽ ٽنگھون ٽيڙيون ڪري جدا ٿي بيھڻ تي ڪيتري وڏي تنبيھ،جھڻڪ ۽ وعيد آھي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جيڪي نبيِ رحمت آھن ان شخص لاء بددعا ڪئي اٿن ته رب پاڪ صف کي ڪٽڻ واري کي پنھنجي رحمت کان ڪٽي ۽ دور ڪري ڇڏي.

    (حديث:8) سيدنا انس بن مالڪ رضي الله عنہ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته:
    رُصُّوا صُفُوفَكُمْ، وَقَارِبُوا بَيْنَهَا، وَحَاذُوا بِالْأَعْنَاقِ، فَوَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ إِنِّي لَأَرَى الشَّيْطَانَ يَدْخُلُ مِنْ خَلَلِ الصَّفِّ كَأَنَّهَا الْحَذَفُ.
    [سنن أبي داود: 667]

    صفن کي ملائي ۽ جوڙي ڇڏيو ۽ قريب ٿي بيھو ۽ ڪنڌن کي برابر ڪيو ان ذات جو قسم جنھن جي ھٿ ۾ منھنجي جان آھي بي شڪ مان شيطان کي ڏسان ٿو جيڪو صفن جي وٿين ۽ ويڇن ۾ ائين گِھڙي ٿو ڄڻ ته ٻڪري جو ننڍو ڦر(ڇيلو)ھجي.

    (حديث:9) سيدنا ابوامامہ رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو:
    سَوُّوا صُفُوفَكُمْ، وَحَاذُوا بَيْنَ مَنَاكِبِكُمْ، وَلِينُوا فِي أَيْدِي إِخْوَانِكُمْ، وَسُدُّوا الْخَلَلَ ؛ فَإِنَّ الشَّيْطَانَ يَدْخُلُ فِيمَا بَيْنَكُمْ بِمَنْزِلَةِ الْحَذَفِ . يَعْنِي أَوْلَادَ الضَّأْنِ الصِّغَارَ. [مسند احمد رقم 22263]
    يعني صفن کي درست ڪيو ۽ ڪلھن کي برابر ڪيو ۽ پنھنجي ڀائرن جي ھٿن ۾ نرم ٿي وڃو،۽ وٿيون ۽ ويڇا ڀري ڇڏيو، بي شڪ شيطان ٻڪري جي ننڍي ڦَرَ(ڇيلي) جِيان صف جي وچ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.
    ناظرين:اھائي وجه آھي جو صفن کي درست نه ڪرڻ جي ڪري اسين شيطاني وسوسن جو شڪار ٿيون ٿا.۽ نماز جو خشوع ۽ سڪون برباد ٿي وڃي ٿو شالَ اسين پنھنجي صفن کي درست ڪري شيطان کي ان قسم جي حملن جو موقعو نه ڏيون.
    (حديث:10) سيدنا حذيفه بن يمان رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو:
    فُضِّلْنَا عَلَى النَّاسِ بِثَلَاثٍ: جُعِلَتْ صُفُوفُنَا كَصُفُوفِ الْمَلَائِكَةِ، وَجُعِلَتْ لَنَا الْأَرْضُ كُلُّهَا مَسْجِدًا، وَجُعِلَتْ تُرْبَتُهَا لَنَا طَهُورًا إِذَا لَمْ نَجِدِ الْمَاءَ [صحيح مسلم :522)
    يعني اسان(امت محمديه صلي الله عليه وسلم) کي ٻين ماڻھن(امتن)تي ٽِن ڳالھين ۾ فضليت،ترجيح ۽ برتري ڏني وئي آھي.اسان جون صفون ملائڪن جي صفن وانگر ڪيون ويون آهن.(جيئن حديث 4 ۾ گذريو ته فرشتا الله تعاليٰ وٽ صفن کي ملائي بيھن ٿا.اھو حڪم ھن امت کي به آھي ته صفن ۾ ملي بيھندا ڪن.)۽ اسان جي لاء سڄي زمين مسجد بڻائي وئي آھي.(يعني نماز جو وقت ٿيڻ تي ممنوعه جڳھن کي ڇڏي ڪٿي به نماز پڙھي سگھجي ٿي.) ۽ اسان لاء ان (زمين)جي مٽي پاڪ ڪئي وئي آھي جڏھن اسين پاڻي نه لھون(ته ان سان تيمم ڪري نماز پڙھي سگھون ٿا.)
    (حديث:11)
    عَنْ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ قَالَ رَسُوْلُ اللّٰهِ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْه وَسَلمَ اِيّايَ والفُرجَ يَعْنِيْ فِي الصَّلاةِ
    [المعجم الكبير للطبراني رقم 11452ج11ص88 السلسلة الاحاديث الصحيحة ج4ص352]
    ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو
    يعني نماز ۾ وٿين ۽ ويڇن کان بچو.


    صحابه ڪرام جو صفن جِي درستگي جو اھتمام ۽ عمل.

    جھڙي طرح نبي صلي الله عليه وسلم صحابه ڪرام رضي الله عنھم کي صفن کي درست ڪرڻ ۽ ملائڻ جي تاڪيد ڪندا ھئا اھڙي طرح صحابه ڪرام رضي الله عنھم صفن کي ملائڻ جو خوب اھتمام ڪندا ھئا ۽ ٻين کي ان کي ملائڻ ۽ درست ڪرڻ جي تاڪيد ۽ صفن کي نه ملائڻ ۽ پري ۽ ڇڊو ٿي بيھڻ تي سخت تنبيھ ۽ سرزنش ڪندا ھئا اسين ھيٺ ان سلسلي ۾ صحابه ڪرام جا آثار قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا ته جيئن اسان کي به صحابه ڪرام رضي الله عنھم وانگر صفن کي درست ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي.
    (1) سيدنا انس بن مالڪ رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: أَقِيمُوا صُفُوفَكُمْ ؛ فَإِنِّي أَرَاكُمْ مِنْ وَرَاءِ ظَهْرِي وَكَانَ أَحَدُنَا يُلْزِقُ مَنْكِبَهُ بِمَنْكِبِ صَاحِبِهِ، وَقَدَمَهُ بِقَدَمِهِ. [صحيح البخاري : 725]
    يعني صفن کي درست ڪريو بي شڪ مان اوهان کي پنھنجي پٺيان کان ڏسان ٿو،(ھن حديث کي بيان ڪرڻ کان بعد انس رضي الله عنه چوي ٿو ته)اسان مان ھر ھڪ پنھنجي ساٿي جي ڪلھي سان ڪلھو ۽ ان جي پير سان پنھنجو پير ملائي بيھندو ھيو.
    ھن مان صحابه ڪرام رضي الله عنھم جو عمل بالحديث جو جذبو نمايان ٿيو ته ھُو حديث کان ٻڌڻ کان پوءِ فوراً ان تي عمل ڪرڻ جو اھتمام ڪندا هئا.
    (اثر :2) سيدنا نعمان بن بشير رضي الله عنہ بيان ڪري ٿو تہ:فَرأيْتُ الرَّجُلَ يُلْزِقُ كَعبَه بِكَعْبِ صَاحِبِهٖ وَمَنْكِبَه بِمَنكِبِ صَاحِبِهٖ
    [صحيح ابن حبان ج5ص550رقم2176قال الشيخ الالباني رحمه الله قال الحافظ في شرحه وصححه ابن خزيمه وقال في موضع آخر حديث صحيح وقال النووي في المجموع حديث حسن ،صحيح ابو داؤد،ص 236ج 3 تحت رقم668]
    يعني اسان مان هر هڪ پنھنجي ساٿي جي ڪلھي سان ڪلھو ۽ ان جي ڀيڏي سان پنھجي ڀيڏِي چُھٽائي ملائي بيھندو ھيو.

    (اثر:3) سيدنا انس بن مالڪ رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته:
    اعْتَدِلُوا فِي صُفُوفِكُمْ ، فَإِنِّي أَرَاكُمْ مِنْ وَرَاءِ ظَهْرِي قَالَ أَنَسٌ : لَقَدْ رَأَيْتُ أَحَدَنَا يَلْزَقُ مَنْكِبَهُ بِمَنْكِبِ صَاحِبِهِ ، وَقَدَمَهُ بِقَدَمِهِ ، وَلَوْ ذَهَبْتَ تَفْعَلُ ذَلِكَ لَتَرَى أَحَدَهُمْ كَأَنَّهُ بَغْلٌ شَمُوسٌ
    [مصنف ابن ابى شيبة رقم 3425،قال الشيخ الالباني رحمه اللّٰه وسنده صحيح أيضا علٰي شرط الشيخين.سلسلة الاحاديث الصحيحة تحت رقم 31]
    پنھنجي صفن ۾ برابر ۽ سڌا ٿي بيھو،آئون اوھان کي پنھنجي پويان کان ڏسان ٿو.انس رضي الله عنه فرمائي ٿو تون ڏسندين اسان مان ڪو ٻئي(ڪنھن منافق شخص) سان پنھنجو ڪلھو ۽ پير ملائيندو ته ھُو ايئن ٽَھَندو ۽ (ڇرڪ ڀريندو)ڄڻ ته ٽاھڙ خچر ھجي.
    سيدنا انس رضي الله عنہ جو ھيءُ فرمان اڄ جي زماني جِي صحيح عڪاسي ڪري ٿو ته ھن وقت گھڻا صفن کي ملائڻ جي اھتمام کان ايئن ئي لنوائن ۽ ڪترائن ٿا۔

    (اثر:4) امام نافع رحمہ الله بيان ڪري ٿو ته:
    كَانَ عُمَرُ رَضيَ اللّٰهُ عنهُ يَبْعَثُ رجلاً يُقَوِّمُ الصُّفُوفَ ثُمَّ لَا يُكَبِّرُ حَتَّى يَأْتِيَهُ فَيُخْبِرَهُ أَنَّ الصُّفُوفَ قَدِ اعْتُدِلَتْ. [مصنف عبدالرزاق ج2ص47رقم2437]
    يعني سيدنا عمر فاروق رضي الله عنہ (نماز پڙھائڻ وقت) ھڪ شخص کي موڪليندو ھيو جيڪو صفون درست ڪرائيندو ھيو پاڻ رضي الله عنہ تڪبير ايستائين ڪونه چوندو ھيو جيستائين اھو شخص اچِي اھو نه ٻڌائيندو ھُيُسِ تہ صفون درست ٿي چڪيون آھن.
    (اثر:5) سويد بن غفلہ رحمه الله کان روايت آهي ته اُھو بلال بن رباح رضي الله عنہ متعلق چوي ٿو ته: يَضْرِبُ أَقْدَامَنَا فِيْ الصَّلاَةِ وَيُسَوِّيْ مَنَاكِبَنَا. [اخرجه عبد الرزاق في مصنفه ج2ص387 رقم2435 وصححه الحافظ في الفتح في بَاب إِثْمِ مَنْ لَمْ يُتِمَّ الصُّفُوفَ مِنْ كِتَابِ الْأَذَانِ(2/246]
    يعني نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو صحابي جليل سيدنا بلال بن رباح رضي الله عنہ صفن کي درست ڪرائڻ مھل اسان جي پيرن ۾ (لٺيون ء گھوڪا) ھڻندو ھيو ۽ اسان جي ڪلھن کي برابر ڪندو ھيو.
    ھن مان به ثابت ٿيو ته صحابه ڪرام رضي الله عنھم نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي سنت سان ڪيتري قدر الفت،چاھت ۽ محبت رکندا ھئا.
    صحابه ڪرام رضي الله عنھم ان حوالي سان ھڪ ٻئي جي غلطين جي اصلاح ڪندا ھئا جيئن :
    (اثر: 6) سيدنا انس رضي الله عنہ کان روايت آهي ته پاڻ رضي الله عنہ مديني شريف تشريف فرما ٿيا تہ کين چيو ويو ته توھان اسان ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني کان وٺي اڄ تائين ڪھڙي شيء غلط يا نامناسب ڏسو ٿا؟ : قال : مَا أَنْكَرْتُ شَيْئًا، إِلَّا أَنَّكُمْ لَا تُقِيمُونَ الصُّفُوفَ. (صحيح بخاري : 724)
    فرمايائين ٻي تہ اوھان ۾ ڪا اھڙي ڳالھ ناھي جيڪا عجيب يا غلط ھجي البته اوھين(چڱي طرح)صفون سڌيون ڪونه ٿا ڪيو.
    (اثر: 7) مالڪ بن ابي عامر رحمه الله ،عثمان بن عفان رضي الله عنہ جي متعلق بيان ڪري ٿو ته عثمان رضي الله عنه تقريبا پنھنجي ھر خطبي ۾ صفن کي درست ڪرڻ جو حڪم ڪندو ھيو ۽ چوندو ھيو تہ صفن کي درست ڪرڻ نماز جي تڪميل ۽ ان جو پورائي آھي.۽ :ثُمَّ لَا يُكَبِّرُ حَتَّى يَأْتِيَهُ رِجَالٌ قَدْ وَكَّلَهُمْ بِتَسْوِيَةِ الصُّفُوفِ، فَيُخْبِرُونَهُ أَنْ قَدِ اسْتَوَتْ فَيُكَبِّرُ.
    [موطأ امام مالك: 275 قال الشيخ عبدالقادر ارناؤط رح اسناده صحيح. تحقيق جامع الاصول: 3869]
    پوء صفن کي درست ڪرائڻ لاءِ چند ماڻھن کي موڪليندو ھيو جيڪي صفن کي سڌيون ڪندا ھئا ۽ اوستائين تڪبير ڪونه چوندو ھيو(نماز پڙھائڻ شروع ڪونه ڪندو ھيو) جيستائين کيس اطلاع نه ملندو ھيو ته صفن درست ٿي چڪيون آهن.


    صفن کي ملائڻ ۽ درست ڪرڻ جا فائدا.

    (فائدو:1)

    اضافي اجر ۽ نيڪيون

    جيئن سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنھما کان روايت آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو: خِيارُكُم اَلْيَنُكُم مناكِبَ فِي الصَّلاَةِ وَمَا مِنْ خَطْوَةٍ اَعْظَمُ اَجْراً من خَطْوَةٍ مَشَاهَا رجلٌ اِلٰى فُرْجِةٍ في الصَّفِّ فَسَدَّهَا
    [سلسله الاحاديث الصحيحہ رقم2533]
    يعني اوھان مان بھترين شخص اھو آھي جيڪو (نماز ۾)ڪلھن کي نرم رکي ( ۽) ان وِکَ کان ڪابه وِکَ ايتري وڌيڪ اجر واري ڪونھي جيڪا ڪو شخص صف ۾ ويڇي وٿي ۽ خلا کي ختم ڪرڻ لاء کڻي ٿو.

    قارئين حضرات! غور ڪريو انسان نماز پڙھڻ لاء وکون کڻي ٿو ۽ جهاد جي لاء قدم ڀري ٿو ۽ ان کان علاوه حج ۽ عمري لاء نڪري ٿو.نبي صلي الله عليه وسلم انھن سڀني کان وڌيڪ اجر ۽ ثواب جو باعث صف جي درستگي ۽ ان کي ملائڻ لاء کنيل قدم ۽ وِکَ کي فرمايو.ان مان صفن جي درستگي ۽ ملائڻ جي فضليت ۽ مقام جو معلوم ڪري سگھجي ٿو.

    (فائده2)

    رحمت الاھي جو حصول

    صفن کي ملائڻ ۽ جوڙڻ سان انسان کي رحمت الاھي حاصل ٿئي ٿي.جيئن حديث 7 ۾ گذريو ته پياري پيغمبر صلي الله عليه وسلم ان شخص لاء دعا فرمائي آھي جيڪو صف کي ملائي ۽ جوڙي ٿو.
    اھڙي طرح سيده عائشه رضي الله عنها کان مروي ھڪ ٻي حديث ۾ آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو:إِنَّ اللَّهَ وَمَلَائِكَتَهُ يُصَلُّونَ عَلَى الَّذِينَ يَصِلُونَ الصُّفُوفَ.
    [سنن ابن ماجه :٩٩٥. قال الشيخ زبير علي زئي رحمه الله وسنده حسنٌ انوار الصحيحة ص413]
    يعني بي شڪ اللہ تعاليٰ انھن تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي ٿو ۽ سندس ملائڪ انھن لاء رحمت جي دُعا ڪن ٿا جيڪي صفن کي ملائين ٿا.


    صفن جي درستگي ۽ حنفي علماء


    حيرت ۽ تعجب جي ڳالھ آهي ته ھيترين صحيح حديثن ۽ صحابه ڪرام رضي الله عنھم جي آثار ۽ فضليتن جي باوجود حنفي علماء ھن ڳالھ تي مُصر ۽ اڙيل آھن ته صفن ۾ بيھڻ وقت پير پير سان ملائڻ درست ناھي جيئن ته ديوبندي مولوي امين اوڪاڙوي ديوبندي لکيو آھي تہ٫ڀيڏي سان ڀيڏي ملائڻ نه سنت نبوي آھي نه سنت صحابہ،
    [حاشيو امين اوڪاڙوي عليٰ صحيح بخاري ج1ص370 ، مطبوعه مكتبه مدينه لاهور]

    معزز قارئين! ھيترين صحيح حديثن ۽ صحابه ڪرام رضي الله عنھم جي عمل جي باوجود صفن ۾ ملي بيھڻ ڀيڏي سان ڀيڏي ملائي بيھڻ سنت نبوي صلي الله عليه وسلم ۽ سنت صحابه رضي الله عنھم ناھي ته پوء سنت نبوي صلي الله عليه وسلم ۽ سنت صحابه رضي الله عنھم اجمعين ڪھڙي شيء جو نالو آھي؟
    ان کان علاوه ٻين ڪيترن حنفي مولوين نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جِي ھن عظيم سنت جو نه صرف انڪار ڪيو آھي بلڪي ان سنت تي ڇٿرون ۽ ٽوڪون ڪرڻ کان به ناھن مڙيا. الله تعاليٰ کين ھدايت عطا ڪري ۽ سڀني مسلمانن کي ھن عظيم سنت تي عمل ڪرڻ جي توفيق بخشي.آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو