*دين اسلام ۾ حياء ۽ شرم جو تصور* *(1)* الله تعاليٰ پاڻ حياء ڪندڙ، پردي پوشي ڪندڙ ۽ حياء ۽ پردي داري کي پسند فرمائيندو آھي. (ابوداؤد: 4012، نسائي: 406) *(2)* حياءُ سڀني نبي سڳورن جي اتفاقي سنت آھي.(ترمذي: 1080، بخاري: 3404) *(3)* نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ وڏي حياء وارا هئا. (بخاري: 4793) *(4)* حياءُ ايمان جو هڪ وڏو حصو آھي . (صحيح بخاري:9، 24) *(5)*حياء ۾ هميشه سراسر خير ۽ ڀلائي آھي.(بخاري: 37) *(6)* هر مذھب جو ڪو نه ڪو خاص اخلاق. وصف ۽ امتياز هجي ٿو دين اسلام جو امتياز حياءُ آھي.(ابن ماجه : 4181، مؤطا: 2634) *(7)* حياءُ جي صفت ۾ هڪ حسن ، زينت ۽ خوبصورتي آھي ۽ بي حيائي ۾ بگاڙ ۽ بڇڙائي آھي. (ترمذي: 1974) *(8)* جنهن ماڻھوءَ ۾ حياءُ نه هجي ته اهو وڏو بگاڙ ، بڇڙائي ۽ فساد ڪري سگهي ٿو. (بخاري: 6120) *(9)* حياءُ جنت ۾ وڃڻ جو هڪ وڏو سبب آھي، ۽ بي حيائي۽ فحاشي دوزخ جو سبب. (ترمذي : 2009) *(10)* حياءُ جو مطلب آھي ته مٿي ۽ ان سان گڏ ٻين عضون (دماغ اکين زبان ۽ ڪنن وغيره کي گناهن کان روڪي انهن) جي حفاظت ڪئي وڃي، پيٽ ۽ ان سان جڙيل عضون (دل معدي پيرن ۽ اوگهڙ وغيره ) جي گناهن کان حفاظت ڪئي وڃي ۽ موت، قبر، قيامت کي گهڻو ياد رکيو وڃي .(ترمذي: 2458)