امير المومنين سيدنا معاويه رضي الله عنه جي فضيلت

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2021۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    *امير المومنين سيدنا معاويه رضي الله عنه جي فضيلت*

    *ابوعمير حزب الله بلوچ*

    عام صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جي فضيلت ۾ جيڪي به قرآن مجيد جون آيتون ۽ حديثون آيل آھن انهن ۾ سيدنا معاويه رضي الله عنه پڻ شامل آھن جيئن مثال طور الله تعاليٰ جو فرمان :
    ⭐(مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ ۚ وَالَّذِينَ مَعَهُ أَشِدَّاءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَاءُ بَيْنَهُمْ تَرَاهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضْوَانًا سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِمْ مِنْ أَثَرِ السُّجُودِ ذَٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرَاةِ ۚ وَمَثَلُهُمْ فِي الْإِنْجِيلِ كَزَرْعٍ أَخْرَجَ شَطْأَهُ فَآزَرَهُ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوَىٰ عَلَىٰ سُوقِهِ يُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِيَغِيظَ بِهِمُ الْكُفَّارَ ۗ وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنْهُمْ مَغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا . (سورة الفتح 29)
    محمد (ﷺ) الله جو رسول ۽ جيڪي به ساڻس گڏ (سچا ۽ پاڪ مؤمن ، اصحابي سڳورا) آهن (تن جي وڏي خصوصيت هيءَ آهي ته) هو حق کان انڪار ڪرڻ وارن ڪافرن لاءِ (جبل جهڙا) سخت آهن، پر هڪٻئي سان سراسر رحم (۽ شفقت همدردي ۽ محبت) سان ڀرپور آهن. (هو دنيا ۾ ڪنهن به طاغوتي طاقت جي اڳيان نٿا جهڪن، هو فقط الله جي اڳيان جهڪن ٿا) (اي پيغمبر!) تون کين ڏسين ٿو ته الله جي فضل ۽ راضپي حاصل ڪرڻ جي نيت سان رڪوع ۽ سجدا ڪندا ئي رهن ٿا ۽ سجدن جي اثر کان ته سندن پيشانين تي نشان ٺهي بيٺا آهن. تورات توڙي انجيل ۾ انهن (مؤمنن صحابه ڪرام) جو بيان اهڙيءَ ئي طرح آيل آهي. (اهڙن مؤمنن جي ڪوشش ۽ جهاد جو مثال ائين آهي) جيئن ٻنيءَ ۾ ٻج وجهڻ. جو (پهريائين) سلو (زمين مان) باهر ڪڍي ٿو. پوءِ اهو ٿلهو ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڪاني تي مضبوط محڪم ٿي بيهي رهي ٿو. (اهڙيءَ طرح پوک ڀلي ٿئي ٿي ۽) هارين ڪڙمين کي خوشي ۽ عجب سان ڀرپور خوش ڪري ٿي ڇڏي، ۽ ڪافرن کي ساڻن حسد ۽ ساڙ ۾ ساڙي ٿي ڇڏي. انهن مان جن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪندا رهن ٿا تن سان الله تعاليٰ مغفرت (بخشش) ۽ تمام وڏي اجر جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي.
    (سورة الۡفَتۡحِ آيت 29)

    ⭐(وَالسَّابِقُونَ الْأَوَّلُونَ مِنَ الْمُهَاجِرِينَ وَالْأَنْصَارِ وَالَّذِينَ اتَّبَعُوهُمْ بِإِحْسَانٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ وَأَعَدَّ لَهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي تَحْتَهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ .
    [سورة التوبة 100]

    ۽ مهاجرن ۽ انصارن(صحابه ڪرام) مان جيڪي ٻين کان اڳ ۾ (مسلمان) ٿيا ۽ سڀني کان پهرين اسلام قبول ڪيائون ۽ (ٻيا) اهي ماڻهو (اصحاب سڳورا) جن سچائيءَ سان سندن پيروي ڪئي ( پوءِ مسلمان ٿيا ۽ صالح عملن ڪرڻ ۾ سندن نقش قدم تي هليا) تن کان الله تعاليٰ راضي ٿيو ۽ هو به الله تعاليٰ کان راضي ٿيا ۽ الله تعاليٰ هنن جي لاءِ (دائمي نعمتن وارا اهڙا) باغ تيار ڪري رکيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه ان ۾ رهندا ۽ اها وڏي فتح ۽ ڪاميابي آهي. (سورة التَّوۡبَۃِ آيت 100)
    ⭐ سوره توبه قرآن مجيد جي آخري نازل ٿيندڙ سورت آھي يعني الله تعاليٰ وحي جي انقطاع جي آخر آخر
    تائين تمام صحابه لاءِ پنهنجي دائمي رضامندي ڪاميابي ڪامراني ۽ فتح جو اعلان فرمايو ان ۾ سيدنا معاويه رضي الله عنه پڻ شامل آھن .

    ⭐ یَوْمَ لَا یُخْزِی اللّٰهُ النَّبِیَّ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مَعَهٗ نُوْرُهُمْ یَسْعٰى بَیْنَ اَیْدِیْهِمْ وَ بِاَیْمَانِهِمْ..
    (قيامت جي) ڏينهن الله تعاليٰ پنهنجي نبي(ﷺ) کي ۽ جن به ساڻس گڏ ايمان آندو هوندو (يعني اصحاب سڳورن ۽ ٻين ايمان وارن) تن کي (ڪڏھن به ) خوار نه ڪندو. انهن جي (ايمان جو) نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄي پاسن کان پيو ڊوڙندو... (سورة التَّحۡرِیۡمِ آيت 8)

    ⭐ ثُمَّ اَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِیْنَتَهٗ عَلٰى رَسُوْلِهٖ وَ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ وَ اَنْزَلَ جُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا وَ عَذَّبَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ ذٰلِكَ جَزَآءُ الْكٰفِرِیْنَ.

    پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي رسول تي ۽ (انهن) مؤمنن تي (جيڪي جنگ حنين ۾ ساڻس گڏ ھئا) پنهنجي طرفان سندن دل جي تسلي ۽ قرار نازل فرمايو ۽ (سندن مدد لاءِ ملائڪن جون ) اهڙيون فوجون لاٿيون جيڪي اوهان کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيون... (سورة التَّوۡبَۃِ آيت 26)
    سيدنا معاويه رضي الله عنه انهن مومنن صحابه ڪرام ۾ شامل هئا جن تي الله تعاليٰ دل جو قرار تسلي ۽ سڪينت نازل فرمائي .

    ⭐ لَا یَسْتَوِیْ مِنْكُمْ مَّنْ اَنْفَقَ مِنْ قَبْلِ الْفَتْحِ وَ قٰتَلَ اُولٰٓىِٕكَ اَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ الَّذِیْنَ اَنْفَقُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَ قٰتَلُوْا وَ كُلًّا وَّعَدَ اللّٰهُ الْحُسْنٰى وَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِیْرٌ۠ .

    اوهان مان جن (حديبيه يا مڪي جي) فتح کان اڳي (الله جي راهه ۾) خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون تن سان برابر اُهي ناهن (جن پوءِ مال خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون) انهن جو وڏو درجو ۽ مرتبو آهي، انهن کان جن پوءِ خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون. پر الله تعاليٰ سڀني کي (يعني جن اڳي اهي ڪم ڪيا ۽ جن صحابين پوءِ ڪيا) چڱي انعام جو واعدو ڏنو آهي. ۽ (ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله کي پوري پوري خبر آهي. (سورة الۡحَدِیۡدِ آيت 10)

    يعني الله تعاليٰ فتح کان پهرين ۽ پوءِ خرچ ڪندڙ سڀني صحابه ڪرام سان جنت جو بهترين واعدو ڪيو آھي .
    ياد رهي ته سيدنا معاويه رضي الله عنه انهن سڀني آيتن جا يقيني مصداق آھن .
    (وغيرها من الآيات)

    ⭐ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: منهنجي امت جا سڀ کان بهترين ماڻھو منهنجي زماني جا (ايمان وارا ) آھن ۽ ان کان پوء ٻئي ۽ ٽئين زماني جا ماڻھو به بهترين آھن . (صحيح بخاري: 2652 )

    ⭐ رسول الله ﷺ جن فرمايو منهنجا صحابه منهنجي امت لاءِ امن جو باعث آھن جڏھن اهي گذري ويندا ته امت ۾ اهي فتنا ظاهر ٿي پوندا جن جو واعدو ڪيو ويو آھي . (صحيح مسلم : 2531)

    ⭐ صحابه ڪرام جو وجود امت لاء برڪت جو باعث آھي جو سندن برڪت سان امت کي ڪاميابي ۽ فتح نصيب ٿئي ٿي . (صحيح بخاري: 3649 ، صحيح مسلم : 2532)

    ⭐ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ان مسلمان کي دوزخ جي باهه نه ڇُھندي جنهن مون کي ڏٺو .(جامع ترمذي: 3858)

    ⭐ قريش قبيلي جي فضيلت ۾ جيڪي به حديثون مروي آھن انهن ۾ ۾ سيدنا معاوية رضي الله عنه پڻ شامل آھن ڇو ته پاڻ قريش قبيلي سان تعلق رکن ٿا .

    ⭐ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو پهرين رحمت واري نبوت هوندي ان کان پوء رحمت واري خلافت ۽ ان کان پوء رحمت واري بادشاهت ۽ پوء وري رحمت واري امارت هوندي . (المعجم الڪبير للطبراني : 11138 . المعجم الاوسط : الصحيحة : 3270)

    يعني سيدنا معاويه رضي الله عنه جي دور کي نبي ڪريم ﷺ جن رحمت وارو قرار ڏنو .

    ⭐ سيدنا معاويه رضي الله عنه فرمائين ٿا ته نبي ڪريم ﷺ جن اسان صحابه جي هڪ مجلس جي مٿان اچي بيٺا ... جيڪي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪري رهيا هئا ..پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ توهان جي ڪري پنهنجي ملائڪن تي فخر ڪندو آھي . (صحيح مسلم: 2701)

    يعني سيدنا معاويه رضي الله عنه انهن مان آھن جن تي الله رب العالمين فخر ڪري ٿو.

    ⭐ نبي ڪريم ﷺ جن سيدنا معاويه رضي الله عنه جي حق ۾ دعا گهرندي فرمايو :
    اللَّهُمَّ اجْعَلْهُ هَادِيًا مَهْدِيًّا، وَاهْدِ بِهِ .
    اي الله معاويه کي هادي ۽ مهدي يعني پاڻ هدايت وارو ۽ ٻين لاءِ هدايت جو سبب بڻائي ڇڏ . (جامع ترمذي: 3842)

    ⭐ سيدنا معاويه رضي الله عنه انهن خوشنصيبن ۾ شامل آھي جن لاءِ الله تعاليٰ جنت کي واجب ڪري ڇڏيو آھي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :
    أَوَّلُ جَيْشٍ مِنْ أُمَّتِي يَغْزُونَ الْبَحْرَ قَدْ أَوْجَبُوا.
    منهنجي امت جو پهريون لشڪر جيڪو سامونڊي جهاد ڪندو ان لاءِ جنت واجب آھي. (صحيح بخاري: 2924. )
    اهو جهاد جنهن جو ذڪر هن حديث ۾ آھي سيدنا معاويه رضي الله عنه جي خلافت واري دور ۾ ٿيو. (صحيح بخاري: 6283، 2789، 7001 ، مسلم: 1912)
    ۽ انهي سامونڊي جهاد ۾ خود سيدنا معاويه رضي الله عنه پڻ شريڪ هئا . (صحيح بخاري: 2800، )

    نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو منهنجي امت جا جيڪي ماڻھو اهو سامونڊي جهاد ڪندا تن کي مون جنت ۾ بادشاهن وانگر ٽيڪ لڳائي ويٺل ڏٺو . (بخاري: 2877-2878 مسلم : 1912)

    ⭐ نبي ڪريم ﷺ جن رات جي آخري حصي ۾ قبوليت جي وقت رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ صحابه ڪرام کي سحري جي بابرڪت کاڌي ڏانهن سڏيندي سيدنا معاويه جي حق ۾ هنن لفظن سان پڻ دعا فرمائي :
    اللَّهُمَّ عَلِّمْ مُعَاوِيَةَالْكِتَابَ وَالْحِسَابَ، وَقِهِ الْعَذَابَ.
    اي الله تون معاوية کي (پنهنجي) ڪتاب (قرآن) جو علم ۽ حساب جو علم عطا فرماءِ ۽ کيس عذاب کان بچائجانءِ . (مسند احمد : 17152، صحيح ابن خزيمة : 1938)

    اها ڳالھ دليلن سان ثابت آھي ته رات جي آخري پهر ۾ خاص طور رمضان جي مهيني ۾ هڪ عام مسلمان جي دعا به قبول ٿي وڃي ٿي ته پوءِ رسول الله ﷺ جي هن دعا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي !!

    ⭐ سيدنا معاويه رضي الله عنه جي والد گرامي سيدنا ابوسفيان رضي الله عنه نبي ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول آئون توهان کي ٽي درخواستون ڪيان ٿو (1) توهان منهنجي نياڻي ام حبيبه رضي الله عنها سان نڪاح ڪيو پاڻ فرمايائون ته هائو . (2) منهنجي پٽ معاويه کي پاڻ ڪاتب ڪري رکو پاڻ فرمايائون ته هائو . (3) توهان مون کي حڪم ڏيو يا مون کي مقرر ڪيو ته جيئن آؤن مسلمان ٿيڻ کان پهرين مسلمانن سان جنگ ڪندو هيس ته هاڻي ان جي بدلي ۾ آئون ڪافرن سان جنگيون ڪيان پاڻ فرمايائون ته هائو . (صحيح مسلم : 2501)

    ⭐ نبي ڪريم ﷺ جن ترجمان القرآن حبرالامة سيدنا عبدالله بن عباس رضي الله عنهما کي حڪم ڏنو ته : ادع لي معاوية وڪان يڪتب الوحي .. يعني توهان معاوية کي مون وٽ وٺي اچو ۽ اهي يعني معاويه رضي الله عنه نبي ڪريم ﷺ جن وٽ الله تعاليٰ جي وحي لکڻ جو ڪم ڪندا هئا . (دلائل النبوة للبيهقي 2/ 243)

    هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سيدنا معاويه رضي الله عنه جو الله تعاليٰ ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم وٽ ڪيترو وڏو مقام هيو ۽ سيدنا معاويه تي انتهائي ڀروسو ۽ اعتماد رکندا هئا ۽ کيس امانتدار سمجهندا هئا جو انهن کي ڪاتب وحي مقرر فرمايو .

    ⭐ سيدنا معاويه رضي الله عنه نبي ڪريم ﷺ جن جي گهرواري سيده ام حبيبه رضي الله عنها جا سڳا ڀاءَ مطلب ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا برادر نسبتي يعني سالا ۽ خال المومنين يعني سڀني ايمان وارن جا ماما آھن ، امام احمد بن حنبل رحمه الله فرمايو آئون اهو چوان ٿو سيدنا معاويه ۽ سيدنا ابن عمر رضي الله عنهما اهي ٻئي مومنن جا ماما آهن . (السنة 2/ 433)

    ⭐ ام المومنين سيده عائشه رضي الله عنها فرمايو ته جڏھن مون ماڻھن کي فتني جي دور ۾ ڏٺو ته هميشه منهنجي اها ئي خواهش رهي آھي ته الله تعاليٰ منهنجي عمر به معاويه رضي الله عنه کي ڏئي ڇڏي. ( المنتقيٰ من ڪتاب الطبقات لابي عروبه 1/ 41 )

    ⭐ سيدنا معاويه رضي الله عنه جڏھن مديني تشريف ٿيا ته پاڻ ام المومنين سيده عائشه رضي الله عنها کان نبي ڪريم ﷺ جن جي چادر ۽ سندن وارُ مبارڪ گهريائون ته ام المومنين کيس چادر به ڏني ۽ نبي سائين جن جو وار مبارڪ به پاڻي ۾ وجهي ڏنو ۽ سيدنا معاويه اهو پاڻي پيتو ۽ برڪت خاطر پنهنجي جسم تي هارڻ لڳا . (تاريخ دمشق 62/ 106)

    ⭐ سيدنا عبدالله بن عباس رضي الله عنهما فرمائين ٿا :مون (خلفاء راشدين ) کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جي لائق معاويه رضي الله عنه کي پاتو آھي . (تاريخ دمشق 22/ 161. السنة للخلال: 677 مصنف عبدالرزاق)

    ⭐ ياد رهي ته سيدنا معاويه رضي الله عنه جو سيدنا علي رضي الله عنه سان جيڪو اختلاف ٿيو سو خلافت ۽ حڪومت جي لالچ ۽ حرص جي ڪري نه هيو ، ابومسلم خولاني رحمه الله پنهنجي ساٿين سان گڏ سيدنا معاويه وٽ آيا ۽ عرض ڪيائون ته ڇا توهان جو سيدنا علي سان اختلاف ان ڪري آھي جو توهان پاڻ کي سيدنا علي کان وڌيڪ افضل ۽ خلافت جو وڌيڪ اهل ۽ حقدار سمجهو ٿا ؟ جنهن تي سيدنا معاويه فرمايو ته الله جو قسم اها ڳالھ نه آھي بلڪه آئون ڄاڻان ٿو ته سيدنا علي مون کان وڌيڪ افضل ۽ خلافت جا پڻ وڌيڪ اهل ۽ حقدار آھن پر توهان کي خبر آھي ته سيدنا عثمان کي مظلومانه شھيد ڪيو ويو ۽ اهي منهنجا قريبي عزيز سؤٽ هيا بس منهنجو سيدنا علي کان اهو ئي مطالبو آھي ته سندس قاتلن کان قصاص وٺڻ لاءِ منهنجي حوالي ڪن ته جيئن الله جو حڪم قصاص نافذ ڪري سگهجي ... رضي الله عنهم (تاريخ دمشق 59/ 132 . اشاعة الحديث 133/ 37 )

    ⭐ بلڪه سيدنا معاويه ته علمي مسئلا معلوم ڪرڻ لاء سيدنا علي ڏانهن رجوع ڪندا هئا جيئن شام ۾ زنا جي الزام تي قتل ٿيل شخص جي باري ۾ سيدنا معاويه سيدنا علي ڏانهن خط لکرائي مسئلو معلوم ڪيو . (الموطا مالڪ 2/ 737- 738 ح 1486 . شرح موطا للشيخ زبير علي زئي رحمه الله ص 520)

    ⭐ سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما فرمايو ته معاويه رضي الله عنه هڪ رڪعت وتر جي باري سچ چون ٿا ۽ ڇو ته هي پاڻ فقيهه به آھن . (بخاري: 3765)

    ⭐ سيدنا مسور بن مخرمه رضي الله عنه سيدنا معاويه رضي الله عنه تي ڪجهه اعتراض ڪيا جنهن جا سيدنا معاويه ڪافي ۽ شافي جواب ڏنا جنهن تي سيدنا مخرمه چيو ته سيدنا معاويه ته مون کان زور آھن! ۽ پوء هو سيدنا معاويه کي دعائون ڏيندا هئا ته ياالله تون معاويه جي مغفرت فرماءِ . رضي الله عنهم(تاريخ بغداد 1/ 108- 109 )

    ⭐ سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما فرمايو: مون نبي ڪريم ﷺ (۽ خلفاء راشدين) کان پوءِ سيدنا معاويه کان وڌيڪ سخي حليم يعني بردبار ڪو ٻيو ناهي ڏٺو. (تاريخ دمشق 59/ 173)
    ⭐ ۽ فرمايائون ته مون نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان پوء معاويه رضي الله عنه کان وڌيڪ شان ۽ شوڪت وارو ناهي ڏٺو . (گذريل حوالو)

    ⭐ رافضي سيدنا حسن بن علي رضي الله عنهما کي معصوم امام يعني جنهن جو هر عمل ۽ فيصلو خطا کان محفوظ ۽ بلڪل حق ۽ سچ هجي ٿو قرار ڏين ٿا ته پوءِ ٻڌايو ته سيدنا حسن رضي الله عنه سيدنا معاويه رضي الله عنه سان صلح ڪيو سندس هٿ تي بيعت ڪئي ڇا رافضي ان کي حق سچ تسليم ڪندا !؟

    ⭐ سيدنا سعد بن ابي وقاص رضي الله عنه فرمايو ته مون سيدنا عثمان کان پوءِ سيدنا معاويه کان وڌيڪ حق سچ جي مطابق فيصلو ڪرڻ وارو ناهي ڏٺو. (تاريخ دمشق 59/ 160- 161 وسنده حسن اشاعة الحديث 135- 136 ص 9)

    ⭐ سيدنا ابودرداء رضي الله عنه فرمايو : مون توهان جي ان امام يعني سيدنا معاويه کان وڌيڪ رسول الله ﷺ جي سنت مطابق نماز پڙھندڙ ڪو ٻيو ناهي ڏٺو . (المعجم الصحابه للبغوي 5/ 367 وسنده صحيح . اشاعة الحديث 135- 136 ص 9)

    ⭐ سيدنا معاوية جي نبي ڪريم ﷺ سان محبت ، اتباع سنت ، خشيت ۽ تقويٰ جي ڪجھ واقعن لاءِ ڏسندا : صحيح بخاري: 587 ، 914 ،3468 ، 2003 ، 1730 صحيح مسلم : 883 ، جامع ترمذي :3653 . 2382 ، 1580 ابوداؤد : 2759 )

    ⭐ سيدنا معاويه رضي الله عنه تي خلفاء راشدين ڀرپور اعتماد ڪندا هئا پاڻ سيدنا عمر سيدنا عثمان سيدنا سيدنا علي ۽ سيدنا حسن رضي الله عنهم جي زماني ڪيترا ئي سال شام جي علائقي جا حڪمران گورنر رهيا .
    ⭐ امام عبدالله بن مبارڪ رحمه الله کان سوال ڪيو ويو ته سيدنا معاويه رضي الله عنه وڌيڪ افضل آھن يا عمر بن عبدالعزيز رحمه الله ؟؟ امام صاحب ڪاوڙ ڪندي فرمايو ته اها دَز جيڪا نبي ڪريم ﷺ سان گڏ سيدنا معاوية جي نڪ ۾ پئي عمر بن عبدالعزيز کان هزار درجا وڌيڪ آھي معاويه رضي الله عنه ته اهو آهي جنهن نبي ڪريم ﷺ جي پٺيان نمازون پڙھيون (پوء انهن جو ڪهڙو مقابلو!!) (تاريخ دمشق 59 / 211 . وفيات الأعيان ، لابن خلكان (3 /33) الشريعه للآجري)

    ⭐ امام صاحب اهو به فرمايو ته سيدنا معاوية جي حيثيت اسان وٽ ٻين صحابه ڪرام لاءِ هڪ پردي امتحان ۽ آزمائش وانگر آھي جيڪو ماڻھو سيدنا معاويه ڏانهن ميري اک يعني تنقيص واري بري نظر سان ڏسي ٿو ته اهو ان امتحان ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو اڪابر صحابه ڪرام (شيخين وغيره) جي توهين جو پڻ مرتب ٿي وڃي ٿو . (البداية والنهاية : 8/ 139)
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان

هن صفحي کي مشهور ڪريو