انعام ٽکڙائي

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحرير اعظم ڀٽي
    انعام ٽکڙائي سنڌي ٻولي جي ڀلوڙ شاعر آهي. انعام ٽکڙائي جو اصل نالو احمد علي ، ذات ڳنڀير اٿس ، سندس والد جو نالو محمد خان ڳنڀير آهي .

    جنم

    12 آگسٽ 1966ع تي سنڌوءَ دريا جي هنج ۾ ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو.

    تعليم

    پرائمري کان مڊل تائين تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. 1983ع ۾ غربت سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي مزدوري ڪرڻ لڳو.

    'شاعري ۾ استاد

    17 سالن جي ڄمار ۾ 1983ع ۾ نامور شاعر محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي جي هوٽل تي بيراگيري ڪندي ڪچا ڦڪا شعر چوڻ لڳو سڀ کان پهرين غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيائين، جتي تاج ٽکڙائي سندس شاعري ڏسي کيس همٿايو ۽ سندس تربيت پڻ ڪيائين، اهڙي ريت تاج ٽکڙائي شاعري ۾ سندس استاد بڻيو.

    شاعري جون صنفون

    هن گيت، وائي، نظم، سانيٽ، چئوسٽي، ڪافي، هائيڪو، پنجڪڙو، رُباعي، آزاد نظم، نثري نظم، بيت، قطعي، دوهي، ٽيڙو، نو لکي، سهري، ڳيچ، نوحي، مرثيي، منقبت، مناجات، مولود، حمد، نعت، قصيدي جي صنفن تي ڏات جا ڏيئا جرڪايا.

    شاعري جا موضوع

    انعام جي شاعري جا موضوع تمام وسيع آهن، ڌرتيءَ سان عشق ۽ محبت، ذوق جماليات، اخلاقيات، ظلم خلاف ڀرپور آواز، سستيءَ ۽ ڪاهلي کي ڇڏڻ جو درس، سماجي بُراين کان نفرت، ڌرتيءَ واسين جا ڏک ۽ درد، محبوب جا ماڻا ۽ رُساما، سندس شاعري جا اهم موضوع آهن، جن ۾ خوبصورت تشبيهون سمايل نظر اچن ٿيون. .

    ادبي وابستگيون

    1987ع کان انعام باقاعده ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، انعام ٽکڙائي، ڏات ڏيپ مارڪو، محفل لطيفي، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي فورم، لطيفي ادبي فورم، بزم ادب ٽکڙ، بزم جيلاني، رائٽرس فورم، ڪاروان ادب سنڌ، محمد خان غني ادبي تنظيم، عوامي ادبي فورم، مهراڻ ادبي سٿ، جي پليٽفارمن تان سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ضلعي حيدرآباد جو رابطه سيڪريٽري، ٽنڊو محمد خان شاخ جو خزانچي، ڪيترائي ڀيرا ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

    ادبي اشاعت

    سندس تخليق جا ستارا نئين زندگي، مهراڻ، عبرت مئگزين، سنڌو، هالار، ادب، هزار داستان، سوجهرو، امرتا، سرهاڻ، لطيفي لات، وينجهار، اخبار جهان، جاسوسي ڊائجيسٽ، سنگت، الاصلاح، هفتيوار ماروئڙا نيوز سميت مختلف سنڌي ۽ اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ جرڪندا رهندا آهن. انڊيا جي ”ڪونج “ رسالي ۾ پڻ سندس شاعري ڇپجي چڪي آهي. سندس شاعري جو پهريون مجموعو ” رُلي رُلي جهان ڏٺم “ 1998ع ۾ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان پاران حڪيم يوسف کتري ڇپائي پڌرو ڪيو. جڏهن ته سندس شاعري جا 3 مجموعا اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن.

    مڃتا ايوارڊ

    ادبي خدمتن جي حوالي سان شاعري جي شعبي ۾”اُڏيرو لعل ايوارڊ“ ، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ”لطيف ايوارڊ“ ، اردو زبان جي تنظيم ” زينا پاڪستان “ پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ ۽ بزم جيلاني پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“، بزم ادب ٽکڙ پاران هڪ ايوارڊ سميت ست ايوارڊ ماڻي چڪو آهي.

    سياسي وابستگيون

    جساف ، جيئي سنڌ تحريڪ ، پي پي پي، سنڌ پيپلز ڪلچرل ونگ جي پليٽ فارمن تان سياسي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتائين، مختلف سياسي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جي وڏن وڏن عهدن تي رهندي به هو هميشه سرگرم ورڪر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي .

    1988ع ۾ لبريشن فرنٽ جي نالي سان تنظيم قائم ڪري، ان جي تنظيمي سرگرمين دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 16 ڏينهن جيل ياترا ڀوڳي آيو. جنهن بعد وسيلن جي کوٽ ڪري ان تنظيم کي اڳيان وڌائي نه سگهيو. ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان جيل ۾ پڻ 19 ڏينهن قيد ڪاٽيائين.

    == وڌيڪ ==

    سنڌي کان علاوه پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ڪلام پڻ سرجيو اٿس، نثر ۾ تحقيقي ادب ۽ مزاحيه ادب جي شعبي ۾ ڪهاڻين، مضمونن، مقالن وسيلي معاشري جي عڪاسي به ڪندو رهيو آهي. انعام نه رڳو ڀلوڙ شاعر ۽ ليکڪ آهي پر هن اسٽيج ۽ ٽي وي تي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. اسٽيج ڊراما ۽ خاڪا پڻ ڪيا اٿس، سنڌ ٽي وي تي ڪجهه عرصو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيائين. انعام جي هڪ ٻي سڃاڻپ نوحه خوان جي به آهي، غم حسين جو لباس اوڍي ماتمي جلوسن ۽ مجموعن ۾ نوحا پڻ پڙهندو رهندو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي جي مختلف پروگرامن ۾ پنهنجي شاعري جو سج اُڀاري چڪو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو