مسلسل محنت ۽ رياضت جو نتيجو

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2021۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    [​IMG]
    گهڻو عرصو پهريان اسان ڪجھ دوست، جيڪي ادب جي دنيا ڏانهن لاڙو رکندڙ آهيون. سي سڀ گڏ ٿياسين ۽ هڪ ٻئي کي مستقل جي بنيادن تي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ”سنڌي ادبي انجمن“ نالي تنظيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيوسين. اُنهن ڏينهن ۾ اسان جي سنڌي ادبي سنگت سنڌ سان نه ئي ڪا وابستگي هئي ۽ نه ئي اُن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪنهن مرحلي جي ڪا ڄاڻ هئي. هن تنظيم کي جوڙي ڪري اسان بلڪل نوان ۽ غير تجربيڪار دوست ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي گڏجاڻيون ڪندا رهياسين. هڪ ٻئي جي لکيل شعر و شاعري کي ٻُڌي ڪري هڪ ٻئي کي اُتساھ ڏيندا رهياسين ۽ ڪتابن کي پڙهڻ جو سلسلو به باقاعده سان جاري و ساري رکيوسين. وقت گذرندو رهيو ۽ اسان جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون

    اسان جي علائقي جا مقامي تخليقڪار جيڪي اسان کي ڪونه سُڃاڻيندا هيا. اُهي به اسان جي دوستي جي دائري ۾ شامل ٿي ويا ۽ اُنهن جڏهن اسان جي ادب ڏانهن لاڙي کي ڏٺو ۽ اسان جي تخليقن ۾ پُختگي کي محسوس ڪيو ته اُهي اسان جي ڪوششن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. ائين اِهو سفر شروع ٿيو ۽ هن وقت سنڌي ادبي انجمن مان ٿيندي اسان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا حصا ٿي ويا آهيون. انهي وچ ۾ کوڙ ساريون تڪليفون، رنج و غم ۽ انتشار جو شڪار به ٿياسين. پر اسان پنهنجا قدم سنڀالي ڪري اڳتي وڌايا ۽ ادب سان پنهنجي وابستگي کي نه ئي منسوخ ڪيوسين ۽ نه ئي ادب جي دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي سين. حالانڪ ڪجھ اهڙا مانوارا مهربان به ان سفر ۾ مليا جن اسان کي مٽي ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان وري مٽي کي مان ڏيندي ان نالي سان پبليڪيشن جو آغاز ڪري ڇڏيو. انهن مهربانن جو وس هلي ها ته هوند اسان کي اُهي جلاوطني ڏياري پوءِ ئي سڪون جو ساھ کڻن ها. پر حقيقيت ته اها آهي جو سچ هميشه ڪوڙ تي سوڀ حاصل ڪندو آهي ۽ انهي سوڀ جو پهريون نتيجو اوهان جي هٿ ۾ هن ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهي

    اسان سچ جو پاسو ورتو ۽ اُهي اسان جا مخالف هميشه ڪوڙ جي پاسي بيٺي به پاڻ کي پارسا سمجهندا رهيا آهن. اسين تڏهن به اُنهن جي سلامتي لاءِ دعاڳو آهيون. ڇو ته پاڻ وٽ اها واٽ ڪونه آهي ته ڪو اختلاف رکڻ واري کي پنهنجو مخالف سمجهون. اسين ته هر حال ۾ محبتن جا امين رهيا آهيون. هي ڪتاب جيڪو هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي. اهو اسان جي سٿ جي جاکوڙي دوست آڪاش ميرواهي جي اڻ ٿڪ محنت ۽ ادب سان سچائي جو ثمر آهي. هن دوست کي خيال آيو ته ڇو نه سڀني تخليقڪارن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري اُنهن جي قلمي پورهئي کي محفوظ ڪجي. هن يار پنهنجي قول کي علمي جامو پارائي ڪري اُهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن سچائي هجي ته ڪوبه ڪم پنهنجي وقت تي مڪمل ڪري سگهجي ٿو. هن ڪتاب کي سيهڙڻ مهل کيس جيڪي ڏکيا مرحلا پار ڪرڻا پيا ۽ تڪليفون درپيش آيون، اُنهن سڀني کي پاسي تي رکي ڪري آڪاش ميرواهي هي ڪتاب اوهان جي مطالعي لاءِ اوهان تائين پهچايو آهي

    سندس محنت ۽ جاکوڙ کي جس هجي جو اُن بنا ڪنهن فرق جي سُڀني سهڻن ۽ سُٺن تخليقڪارن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. اڃا کوڙ سارا تخليقڪار رهجي ويا آهن، جن کي هن ڪتاب جي ٻئي ايندڙ ڀاڱي ۾ شامل ڪيو ويندو. انهن کي ڪنهن به صورت ۾ رنجيده نه ٿيڻ گهرجي. هن ڪتاب تي آئون پنهنجو تفصيلي رايو هتي ان لاءِ نه ٿو رکان ته ڪٿي اوهان کي اِهو گمان پيدا نه ٿي پئي ته مون ڪا ياري باشي ملهائي آهي ۽ رڳو تعريفن جا جملا قلم بند ڪيا آهن. هن ڪتاب متعلق ڪابه راءِ جوڙڻ لاءِ اوهان کي آزاد ڇڏجي ٿو. ڇو ته پڙهندڙ ئي هميشه ڪا جاندار ۽ غير جانبدار راءِ قائم ڪندو آهي. چڱو موڪلاڻي ڪونهي. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو