تحرير؛ فقير حاجن نظاماڻي لطيف سائين ڪنھن به شيءِ کي پَرکي ان جي انداز مطابق پنھنجي بيتن جو حصو ڪن ٿا، جيئن پکين، جانورن ۽ جيتن کي مثال طورڪتب آندو آهي، ان ۾ روحاني معنىته آهي پر ڳالھ کي پروڙڻ خاطر مقصد ڪاڻ بيت استعمال ٿيل آهن، جئين هي بيت آهي ته ڪرڙا ڏونگر ڪھ گھڻي، جت رڻ تتو رائو تتر ٿئي مَ تن کي ، ڏونگر ۾ ڏائو جڏهن ڄام پنھون ڄائو، ٿيو سولو طالع ساٿ جو هن بيت ۾ لطيف سائين جن سسئي جي سُر ۾ڳالھ ڪن ٿا ته جڏهن سسئيسفر ۾ هئي ته، ان وقت پھاڙ تمام گھڻو تَتَل هو، گرمي جي موسم هئي، پر شال تتر سسئي جي کاٻي پاسي کان نه اُڏامي، نت ڪم نه ٿيندو، پر جڏهن ڄام پنھون ڄائو، سڄي ساٿ جو نصيب ڀلو ٿي ويو، اسان جي ٻھراڙين ۾ اُهي اڃان تائين سنوڻ ساٺ، رسمونٿين ٿيون ، جيڪي مڃڻ يا نه مڃڻ ٻئي ڳالھ آهي، ان جو تعلق هن ڳالھ سان نه آهي، اسان جي ڏاهن انھن ريتن رسمن رواجن تي، پھاڪن، محاورن تي ڪيترائي ڪتاب به لکيا آهن، علمي شعور جي اچڻ سان انھن ڳالھين ۾ کوٽ ته ضرور آئي آهي پر ان جي وجود جا پيرا اڃان تائين چٽا ملن ٿا، جيئن ٻھراڙين ۾ چون ٿا ته هٿن جي آڱرين جي ننھن کي ڏندن سان نه ڪَٽيو، نت آڻھوند ٿيندي، شام جو گھر کي ٻُھاري نه ڏجي، قرض نه لھندو، اُبتي ٻھاري گھر جي طرف منھن ڪري نه ڏجي، مرد شھپرن جي وارن کي وات ۾ وجھندوته گلاء ٿيندي، وغيره، وغيره، هنن ڳالھين کي ڪير مڃي يا نه مڃي، اُها ٻئي ڳالھ آهي پر اڄ به ڪي رسمون آهنته وريڪي ختم ٿي ويون آهن ، خالي ٿانءُ کي صبوح جو منھن ۾ پونته ڪم نه ٿيندو ائين چون ٿا، هزارين قسمن جون ڳالھيون آهن، جن جي جيڪر ڳولا ڪبي ته هڪ وڏو ڪتاب ٺھي پوندو پر اسان جي ڳالھ جو موضوع ريتون، رسمون، رواج نه آهن، اسان تهفقط هڪ ڳالھ جي پرچار ڪريون ٿا، جيڪي لطيف سائين محاوراتي طور هِن بيت ۾ هڪ مثال طور ڪم آندي آهي ته “تتر ٿئي ۾ تن کي ، ڏونگر ۾ ڏائو” هي ڳالھ شڪاري ماڻھو ۽ ڪوهستان جا رهواسي سمجھي سگھن ٿا، جڏهن هُو ڪنھن نيڪ ڪم لاء ويندا آهن ته پکي ڪو کاٻي پاسي کان اُڏاڻو ته ان کي هُو بدشگون چون ٿا، سسئي جي لاء لطيف سائين جن چون ٿا ته سسئي کي تتر ڏائي پاسي کان نه ٿئي، “تتر ٿئيمَ تن کي، ڏونگر ۾ ڏائو”، يعني سسئي پنھنجي مڙس جي ڳولا ۾ ويئي آهي شل ان کي تتر ڏائي پاسيکان نه اُڏامي، شڪاري چون ٿا ته جڏهن هو شڪارتي ويندا آهن ته انھن کي جيڪو به پکي ملي ان کي ماريندا آهن ، جي پکي جو شڪار نه ٿيو ته ان ڏينھن انھن کي شڪار نه ملندو، جي شڪار ٿي ويو ته سڄو ڏينھن شڪارين جو ڀلو گذرندو، اُهي، کاٻي پاسي کان ڪو پکي اڏاڻو تب شڪار نه ٿيندو، هيهڪ ٻئي ڳالھ آهي ته شڪار ڪجي يا نه ڪجي ، پر اسان لطيف سائين جي ان محاوري جي ڳالھ ٿا ڪريون تهجيڪو لطيف سائين پنھنجي بيت ۾ شامل ڪيو آهي ، اهڙيون کوڙ ساريون رسمون آهن جيڪي اسان جي لوڪ ادب ۽ روايتن ۾ شمار آهن ، جن ڪم ڪري سگھجي ٿو، لوڪ ادب تي تمام گھڻو ڪم ٿيل به آهي ۽ جاري به آهي ، اسان جا ريسرچر ڪم به ڪن ٿا ، هي ته هو مختصر تتر جي باري ۾ احوال آهي ، اچو اسان ڏسون، ان تي مختصر ڪچھري ڪريون،تتر پکي ڪيترين قسمن جو هوندو آهي ، اسان جي ماحول ۾ تتر جو ڪيترو حصو آهي ، تتر جا اڳ ٻه قسم هئا پر هاڻي ٽه قسم چون ٿا ، هڪ ڀورو تتر ، ٻيو ڪارڙو تتر ، ٽيون ايرانيتتر، ڀورو تتر هي اسان جا مقامي تتر آهي پر ان کان علاوه ٻيا به تتر جا کوڙ قسم چئجن ٿا ، ڀورو تتر ، ٿر ۽ جبل ۾ رهندو آهي ، ڪارڙو تتر پاڻي وارن علائقن ۾ ، ڍنڍن ،ڍورن ۽ ڀَڏن جي جھنگن ۾ رهائيش پزير هوندوآهي ، باقي ايراني تتر ماڻھن جو پالتو تتر آهي ، ايراني تتر جو ڪاروباربه هلي ٿو ويڙه به ڪرائي وڃي ٿي،اڇڙي يعني ڀوري تتر کي ماڻھن شوق خاطر پالين ٿا ، يا ور شڪاري ، سينڊ ٿي ٻولين ڪرڻ جي تربيت ڏيئي شڪار ڪن ٿا ، ڪارڙو تتر تمام گھڻو ضدي هوندو آهيپر هن پکيکي به شوقين ماڻھو پالين ٿا ، ڀوري تتر کي انگريزي ۾gray patrige چون ٿا ، ڪارو تتر، سيسي تتر ، پٽ تتر ، پٽ تتر ڊگوش ، ڦلڦلو ڳٽو، ٻاٽيڀر ۽ ڀونتري کي به تتر جي ذاتين سان ڳنڍين ٿا پر ڪن تحقيقدانن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مقامي تتر ۾ صرف ٻه تتر آهن ، هڪ اڇڙو يعني ڀورو تتر ٻيو آهي ، ڪارڙو تتر ، اسان وٽ مقامي طورتي تتر جي شڪار کي عام شڪار چيو وڃي ٿو ، شڪاري جڏهن شڪار ڪنداآهن ته سڀ کان پھرين تتر جو شڪار ڪندا آهن ، تتر جي شڪار جا چار قسم آهن هڪ آهي چاڙهيڪي جو شڪار ،ٻيون باز سان تتر جو شڪار ٽيون، تڙ جو شڪار۽چوٿون ٻولي وارو يا ڍٻي وارو شڪار ، ان کان علاوه ڪوڙڪي وغيره جو شڪار به ٿئي ٿو. شڪاري شڪار جون، پره پچارون ڪن چاڙهڪي وارو شڪار ، هي شڪار شام جي وقت يا وري الصباح يعني فجر کان شڪار ي شڪار ڪندا آهن ، هن شڪار جو طريقو هي ته شڪار ، تتر جي ويھڪ جو جائزو وٺي ، ان وڻ کي پَرکي ايندو ، ته تتر ڪٿي ٿو ٻولي ، ڇو ته تتر اڪثر هيٺ ڪکن ۾ آکيرا ٺاھيندا آهن پر صبوح جي وقت ۽ شام جي وقت اُتي وڻ تي مٿي چڙهي ٻوليون ڪن ٿا ، اُتي بندوق سان تير ڪمان سان يا گيلول سان شڪاري شڪار ڪري تتر کيمارين ٿا، تتر جي کاڌ خوراڪ تمام سادي اناج ۽ ننڍڙا جيت کائي پيٽگذر ڪندوآهي ، ڪنھن به ڪين ٿو ڏوکئيٿو، پر تتر جي پويان ، بندوقن جا ٺڪاء هوندا آهن ، سنڌ جوهي مقامي پکي چون ٿا،ڀورو تتر ميرانجھڙو اڇن ٽٻڪن سان خوبصورت پکي آهي ، ڪارڙي تتر جو رنگ ڪاراڻ تي مائل هوندو آهي ، ان جي مٿان اڇا ٽٻڪا هوندا اٿس، ڪارڙي تتر ۽ ڀوريتتر جي ٻولي ۾ به فرق آهي، ايراني تتر ڀوري تتر جئيان هوندو آهي ، پر هن سائز عام ڀوري تتر کان وڏي هوندي آهي . بغل منجھ بندوق ، ماري ميرا ڪپڙا تتر جي تڙ وارو شڪار ۽ باز وارو شڪار ٿورڙي فرق سان ساڳيو هوندو آهي ، هڪ تڙ وارو شڪار بندوق سان تتر ڪيو ويندو آهي ، هن شڪار ڪيترائي ماڻھو هوندا آهن ، جن جي هٿن لٺيون ، ڍنگھر هوندا آهن ، هورهور جون هڪلون ۽ هوڪرا ڪن ٿا، بندوقن واراشڪاري پاسن کان بندوقون تيار ڪري بيٺا هوندا آهن، جيڪي وجھ وٺي بندوق جو فائر ڪري شڪار ڪن ٿا ، باز جا شڪاري به تڙ ساڳي طريقي سان ڪن ٿا ، جڏهن تتر اڏامن ٿا ته باز کي تتر جي پويان ڇڏين اٿ، جيڪوتتر کي پڪڙي ٿو، پوء شڪار تتر ان جي چنبن مان گوشت جو ٽڪر ڏيئي تتر کي آزاد باز کان ڪرائي سندي ڪتب آڻين ٿا، ٻولي وارو شڪار يا ڍٻي وارو شڪار هن شڪار ۾ شڪاري ڌاريل تتر کان ٻوليون سينڊ سان يعني وات جي سيٽي سان ٻوليون ڪرائين ٿا ، ان تتر جي اردگرد جھنگلي تتر ٻولين ڪن ٿا ،پالتو تترايتري جوش جذبي سانٻولي ٿو ته جھنگلي تتر ان تتر سان وڙهڻ لاء اچن ٿا ، جتي شڪاري اڳئي ان جي لاء ڦندا تيارڪيو ويٺو هوندو آهي، ڦندا ، ڍٻي ، ڪوڙڪ زمين ۾ پوريل هوندي آهي تنھن ۾ تتر جئين پنڃري واريڌاريل تتر وٽ ايندو آهي ته انھن ۾ڦاسي پوندو آهي ، لطيف سائين ڍٻي وار ي شڪار جي لاء چون ٿا ته ماري مرين شال، ڍٻ ڀڄن ئي ڍٻيون جئين تو اچي ڪالھ ، وڌا وڇوڙا ورهين کي لطيف سائين پکين جي شڪار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي ، مخلوق سان پيارڪرڻ کي فقير مالڪ سائين سان پيار ڪرڻ لاء چيو آهي ، جيئن حضرت مولانا جلال الدين رومي فرمائين ٿا ته مالڪ سائين جي طرف ڪيترائي رستا وڃن ٿا پر مون مخلوق جي خدمت وارو رستو اختيار ڪيو آهي ، لطيف سائين رومي جي تسلسل کي برقرار ڪندي ، حق جي راه وارو پاسو ورتو آهي ، جتي پيار ئي پيار آهي ، نفرت جي جاء فڪر ۾ فقيرن نه رکي آهي ، لطيف سائين ”جي ڪيڙي ڀر ڪنبن، نانگ به نمن ان کي“ وارو تصور اسان کي لطيف سائين ڏنو آهي ، يعني ڪيڙي جي به حياتي جي حفاظت ڪرڻ وارو تصور ، جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته مالڪ سائين اوهان جي اڳيان خطرناڪ زهريلي نانگن کي به تابع ڪري ڇڏيندو، تتر جي باري ۾ لطيف سائين پنھنجي فقير وڳند سان کل ڀوڳ ڪيا آهن ، هن بيت ۾ لطيف سائين جن چون ٿا ته ، وڳند نماز ته نٿو پڙهي پر کائڻ لاء ائين آهي جيئن باز کي تتر ملي وڃي ته ان مٿان جھڙپي هڻي ٿو، کائڻ ۾ ،مثال تتر جوسائين ڏين ٿا . وڳند وري آئيو، بَدُو بي نماز جيئن تتر مٿي باز، وڳند تئين خوشبو تي