عبدالوحهاب سومرو

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحرير؛ فرمان بوزدار
    مار پوئي موت جو اڻمندائتو آئين
    گھوريئي اھڙا گھوٽ مند نه جن جي مرڻ جي
    عبدالوھاب سومرو 5 فيبروري 2001 تي ضلعي گھوٽڪي جي تمام مشھورعلمي ادبي ڳوٺ علي مھر ۾ عبدالمجيد سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو، ھوابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ علي مھر ۾ پڙھيو، پنج درجا پاس ڪرڻ کان بعد گورنمنٽ اسڪول ماٿيلو مومل جي ماڙي مان 2016 ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، ھو ننڍپڻ کان وٺي ھڪ اعليٰ اخلاق جا پڻ مالڪ ھئا، سندنسماجي جذبو ننڍپڻ کان وٺي رڳ رڳ ۾ سمايل ھو، ھو 06 ھين ڪلاس کان وٺي مئٽرڪ تائين سڀني ڪلاس فيلوز دوستن کان ٽاپ پوزيشن کڻدڙ شاگرد ھئا، پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوء فسٽ ائير پري ميڊيڪل ۾ گورنمنٽڊگري ڪاليج گھوٽڪي ۾ داخلا پڻ ورتي ، جتي به سندن ھر سالياني امتحانن ۾ سڄي ڪلاس مان ٽاپ پوزيشن پڻ حاصل ڪئي ، ۽ پاڻ ڪاليج ۾ ٿيندڙ ادبي سماجي، ثقافتي، تعليمي سيمنارن ۾ پڻ وڌ کان وڌ شرڪت ڪندو ھو، پاڻ ساڳي ريت انٽر ڪلاس ۾ بهپڻ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي،انٽرميڊيٽ 2018 ۾ پاس ڪرڻ کان بعد يونيورسٽي لاء مختلف اڪيڊميز تي انٽري ٽيسٽ جي تياري پڻ ڪندا رھيا، ۽ ڪجهه ٽائيم لاء اسلام آباد نملانگلش لنگويج سنيٽر پڙھڻ پڻ ويا ، 2019 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سميت ڪجهه ٻين يونيورسٽي ۾ پڻ انٽري ٽيسٽڏني جتي سندن پسنديده ڊپارٽمنٽ نه ملي سگھيو، ان کان بعد اتر سنڌ جي مشھور يونيورسٽي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڻ انٽري ٽيسٽ ڏني جتي سندن پسنديده ڊپارٽمنٽI.R يعني انٽرنشنل ريليشنشپ مليو ، پاڻ ڪجهه مھينا شاھ عبداللطيف يونيورسٹي ۾ پڻ پڙھيا ڪجهه مھينا گذرڻ کان بعد سندن فيبروري 2020 ۾ ڪرونا وبا جي ڪري تعليمي ادار بند ڪيا ويا ته پاڻ واپس گھر آيا جتي سندن مختلف ٽيسٽن جي تياري پڻ ڪندا رھيا، سندن وريوڪالت جو شوق پڻ ٿيو، وڪالت لاء ھر سال ٿيندڙHEC جي پري انٽري ٽيسٽ پڻ پاس ڪئي ، جئين ئي ڪرونا وبا کان پوء تعليمي ادارا پھرين فيبروري 2021 تي کوليا ويا ته پاڻS.M لا ڪاليج ڪراچي ۾ پڻ داخلا ورتي، سندن لوڪل ڪوسٽر ذريعيS.M لا ڪاليج ڪلاس وٺڻ وڃي رھيا ھئا ته 12فيبروري جعمي ڏھاڙي سندن بدنصيب لوڪل ڪوسٽر ھڪ بدمست افغاني پٺاڻ جي غير ذميواري سبب ڪوسٽر ڪلٽي ٿي پئي، نتجي ۾ ٻه مسافر ۽ ڪوسٽر ڪلينڊر پڻ موقعي تي فوت ٿي ويا , سندن ھو شديد زخمي ٿي پيو، سندن کي سول جناح اسپتال ڪراچي ايمرجنسي وارڊ ۾ پڻ داخل ڪيو ويو جتي ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد 17 فيبروري اربع جي رات تقريبن 02 وڳي ھميشه لاء موڪلائي ويو ، پاڻ سماجي ڪمن ۾ پڻ اڳڀرو رھندو ھو، ضلعي گھوٽڪي سميت پنهنجي علائقي جي دوستن جي تعلميي ، ادبي سماجي رھنمائي پڻ ڪندو رھندو ھو، پاڻ ھڪ شاگرد ھئڻ سان گڏ سوشل ورڪر ۽ سماجي اڳواڻ پڻ ھو ، تازو ،Ghotki Needs يونيورسٹي اسٽرگل ڪاميٽي اسٽوڊنٽ ايڪشن گروپ جا فوڪل پرسن ۽ سرگرم اڳواڻ پڻ ھو، پاڻ تعليمي سماجي طور دوستن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ڪري بيھندو ھو، وٽان تعليمي جذبو ايترو ھو جو سندن گھوٽڪي ضلعي سميت علائقي جي ڪنهن به شاگرد دوست سان تعلميي حوالي سان ڪو مسئلو پيش ايندو ھو ته پاڻ فورن پھچي ڪري ٻانھن ٻيلي پڻ ٿيندو ھو، ھو ھميشه دوستن کي چوندا ھئا ته وڌ کان وڌ محنت ڪري ضلعي گھوٽڪي سميت سنڌ جو نالو روشن ڪيو .
    *شاعر : جمن دربدر ڪيڏو نه سچ چيوآھي .
    اڪثر ماڻھون پاڻ جيئڻ لاء
    قوم کي ماري ويندا هِن.
    ڪي ڪي ماڻهون پاڻ کي ماري
    قوم جياري ويندا هِن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو