جر ٿر، تک تنوار

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحرير؛ نور احمد جنجهي صاحب
    ..............................
    لطيف سائين جي شاعري توازن جو اهڙو تُريل مثال آهي جنهن ۾ ڪٿي به ڪا اوڻائي پوڻائي نظرنٿي اچي. سندس شاعريءَ جو ظاهري ڍانچو به ڀلوڙ آهي ته اُن ۾ موجود مواد ۾ پوئيل سونهن کان به وڌيڪ سُهڻي خيال جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اهو املهه خيال ئي ته سڀ ڪجهه آهي جيڪو ڀٽائي کي مڙني ۾ مٿاهون ڪري بيهاري ٿو. سندس شاعري ڪلام آهي جنهن ۾ اندر جي اُڇل ۽ ڏات جي ڏيا جو ڏيئو روشن نظراچي ٿو باقي هن هٿراڌو شاعرن وانگر رديف قافيا گهڙي، مٿاماري ڪري ڪو ديوان نه سرڄيو آهي تنهنڪري سندس شاعري ڪو “ڪسب” به ناهي جنهن کي اڪتسابي طور حاصل ڪيو ويو هجي. شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي تحقيقي، ترجماتي، تاليفي ۽ تنقيدي طور جيڪو ڪم ڪار ٿيو آهي اُهو مقدار ۾ به ٿورو آهي ته معيار ۾ به ڪسو آهي. لطيف جهڙي ڏياوان ڏات رکندڙ شاعرکي جيڪي شارح مليا آهن تن ۾ اڪثريت غير شاعرن جي آهي. محقق ۽ تنقيد نگار ته پري جي ڳالهه آهي پر ڀٽائيءَ کي پنهنجي سطح جا مترجم به نه مليا آهن.جيترو ڪم ٿيو آهي ان ڪم کان اڳتي ڪم ٿيڻ گهرجي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جو اهم نقطو ان جو پيغام آهي جنهن وسيلي هن سچ جو سنيهو عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ جيڪا بصيرت آهي سا شايد ئي ڪنهن جي ڪلام ۾ هجي. هن انسان کي فطرت جي وسيع عبارت ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هن خالق مخلوق توڙي وحدت ۽ ڪثرت جي سٻنڌ کي سڏ پڙاڏي جي ڳانڍاپي جيان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عشق سندس اهم محرڪ آهي جنهن سان هو زندگيءَ کي متحرڪ ڪري، منطقي طريقي سان ارتقائي انجام ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو. لطيف ڪنهن به صوفيءَ کان گهڻو مٿاهون آهي ڇوته سندس فڪر انساني شعورکي چيچ مان وٺي هلي ٿو. دنيا ۾ رهي دنيا کي بهتربنائڻ جا خواب ڏسندڙ لطيف سچ جو اهڙو سالڪ آهي جنهن کي فطرت پياري آهي. انسان پيارو آهي. هو دنيا جي مانڊاڻ کي عقل، شعور ۽ ڏاهپ وسيلي انهي انسان ذريعي بهتر ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو انسان پنهنجي فڪر ۾ ڪامل آهي، عشق ۾ اڪمل آهي ۽ وچڻ نباهه ۾ مڪمل آهي. لطيفي فڪر ڪٿي به اُڇاترائيءَ ۽ اڪيلائي جو شڪار نٿو ٿئي. سندس شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ جي سمورن لقائن جو منظرنامو آهي. سندس تصور جو انسان ڪامل طبعي ۽ مادي طاقت جو مجسمو نه پرذهني، فڪري ۽ اخلاقي سگهه وارو سچو انسان آهي جنهن جي ڪمال جو نقطو “سسئي ۽ پنهونءَ” جي هڪ ۽ ساڳي هجڻ جو ادراڪ آهي جنهن جي پروڙڻ سان خبر پوي ٿي ته هتي ته هيڪائي هيڪ آهي، ٻيائي ته جهالت ۽ اڄاڻائي آهي. لطيف جي سڀني سُرن ۾ فطرت پسنديءَ جي جهلڪ ملي ٿي. هن ڪائنات جي انساني اک جي ڪڙي ۾ ايندڙن سمورن مظهرن کي پنهنجي “پيارپند” ۾ جوڳي جاءِ ڏيئي، انسان کي فطرت سان پيارڪرڻ سيکاريو آهي. سندس وحدت پسندي ۽ عشق انسان کي فطرت سان پيارڪرڻ سيکارين ٿا. هو پنهنجي پيام ۾ فطرت جي مڙني مظهرن جي نشاندهي ڪري ٿو. جهرن جهنگن، جبلن، وڻن ٽڻن، جانورن ، ٻوٽن گُلن سميت فطرت جون باريڪ ترين رمزون سندس ڪلام جو حصو آهي. لطيف جو فطرت شناسيءَ جو سنيهو فطرت خواهي سان ڀرپور آهي جنهن ۾ انساني خوشحالي سمايل آهي. هو فرمائي ٿو؛
    ...............................
    اُٺي ٿي وراڻ، کينءَ واڌايون آيون،
    لٿي لوئڙياريين، مڙني منهن ڪاڻ،
    صلح ورايو سومري، چئي پنهوارن پاڻ
    هميرنئون هاڻ، مُهت لهندئين مارئي
    ...............................
    برسات پوڻ ڪائنات جو اهڙو مرحليوار عمل آهي جنهن سان سموري ماحول جي موسمي ڪوڊ جُڙيل هوندو آهي. ان جي پوڻ سان چڱائيءَ جون خوشخبرون (کينءَ واڌايون) اچڻ لڳنديون آهن. مارو ڏيهه جي سمورين لوئي اوڍيندڙ لڄادارن جي مايوس چهرن تي سرهائي اچي ويئي آهي. اهڙين حالتن ۾ بادشاهه به اچي صلح ڪن ٿا تنهنڪري هاڻي مارئيءَ کي به مان ملندو.برساتن جو پوڻ ڪنهن به علائقي جي سموري مانڊاڻ کي متاثرڪندو آهي. هن وقت دنيا ۾ ” آبهوائي ٻڙڌڪ “ يعني ڪلائميٽ چينج جي ڳالهه هلي ٿي. ڌرتيءَ جي گرمجڻ تي هرڪو فڪرمند آهي. ڪي ته ان حد تائين به ويا آهن جيڪي اهو چون ٿا ته ايندڙ وقتن جون جنگيون پاڻيءَ تي لڳنديون. ڀٽائي پنهنجي شاعر ي ءَ ۾ پاڻيءَ جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي. هو آسماني پاڻي يعني پلر پاڻيءَ کي به ياد ڪري ٿو ته زمين تي وهندڙ درياهي پاڻي جي ڳالهه ڳائيندي اڳتي وڌي سمنڊ جي ساگر سنسار جو ذڪر به ڪري ٿو. هو ڌرتيءَ جي سطح جي تنوع جي تنوارڪندي پنهنجي بيت ۾ هن ريت فرمائي ٿو؛
    .........................................
    جر، ٿر، تک ، تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
    سڀئي شئي ٿيا، سوريءَ سزاوار،
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو ڇاڙهئين
    ........................................
    ” جر“ پاڻي لوڪ جو اُهڃاڻ آهي ته ٿرسموري ريتيليءَ دنيا جي نمائندگي ڪري ٿو. تک جابلو دنيا کي ظاهرڪري ٿو. تنوارميدائي علائقن جي چُرپر ۽ آوازن جو اُهڃاڻ آهي. ڪوهه ، ڏونگر، پهڻ جهڙا حوالا مختلف بيتن ۾ ملن ٿا. ٿرجي ٿڌي واريءَ جو ذڪر به ملي ٿو. اهڙي طرح جمادات جي دنيا جا جملي مظهر ڀٽائي ڇُهي ٿو ۽ انهن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ، انسان لاءِ تمثيل تيار ڪري ٿو.پٻ جي پهڻن کي ڪٿي للڪاري ٿو ته ڪٿي ٿرجي واريءَ جي داڻن کي ”بيشمار“ جي ڳڻپ لاءِ ڪم آڻي ٿو. ڏونگرن کي ڀُونءِ جا ڪِلَ سمجهي، دوستيءَ کي انهن سان ڀيٽ ڏئي ٿو؛
    ........................................
    ڏونگر ڀونين ڪير، تيئن مون ميخون سڄڻين
    اهڙا سيڻ سُڌير، ڪڏهن ملندا ڪينڪي
    ........................................
    لطيف پنهنجي ڪلام ۾ حيوانات توڙي نباتات جي دنيا کي اذڪاري ٿو. مطلب ته حيا تيات جو جهان سندس شاعريءَ ۾ ڳائجي ٿو.هرڻن، شيهن، هاٿين، اُٺن، رڍن ، ٻڪرين، مورن، هنجن، ٻگهن، تاڙن، ٻاٻيهن جو ذڪر ڪندي هو حيوانات جي دنيا جي ٻهڳڻائپ ڳڻائيندي، تاڙن جي تنوارڻ، سپن پاران سانوڻ جي پلرپڪ پيئڻ، هرڻ پاران پلرپاڻيءَ لاءِ ٻارهن مهينن جو روزو سانڍڻ، جهڙيون رمزون بيان ڪندي، هما پکي جهڙي ڏندڪٿائي پکيءَ جو به ذڪر ڪري ٿو؛
    ........................................
    جيئن سو هرڻ هماءُ سرگردان هن سنسار ۾،
    هي پير نه ڌري پٽيين، هو سر ڌڙ ڌري نه ساه،
    جيڪس تن ملاء ، سسئي سور پرايا
    ........................................
    عشق جي ڳالهه ڪندي، اُٺ جي ٿوهي ۾ مجاز جو ٿاڻو هجڻ جو ذڪر ڪرڻ، اُٺ جو وڳ ۾ نه وڃڻ ۽ لاڻي چرڻ يا چندن جا چوپا ڪري اُڇلائي ڇڏڻ جو ذڪر به ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ آهي. نباتات جي دنيا جي ٻهڳڻائپ به ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو اهم حصو آهي. سوين گاهه ، وليون ۽ وڻ آهن جن جو ذڪر ڀٽائي سائين پنهنجي استعارن ۽ ڀيٽن ۾ ڪري ٿو. مارئي جي مارن سان سٻنڌ کي ”ڳنڍير“ گاهه جي ڳنڍين سان ڀيٽي ٿو. سورن جي سانڀاري جي سلسلي جي ڳالهه ڳائيندي ، گوندر ول جي گُريءَ کان وڌيڪ کيس ڪو مثال نٿو سُجهي جيڪا جيئن سامائبي آهي ته گُريءَ گُريءَ مان ٽڙڪي ڇڄي پوندي آهي. محبت جي مٺاس جي ڳالهه ڪندي ”سوهڻ“ جو مثال ڏئي ٿو جيڪو کاري پاڻيءَ ۾ رهي به مٺو رهي ٿو، مطلب ته مٿس صحبت به اثر نٿي ڇڏي. اهي ته ٿورڙا مثال آهن. ڀٽائي جي شاعري اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي جن ۾ فطرت جو رڱ نظراچي ٿو. ڀٽائي نه رڳو پاڻ فطرت سان پيار ڪندڙ شاعر ۽ فرد هو پرهن فطرت سان پيار ڪرڻ جو سبق به آڇيو آهي.فطرت جا اهي سمورا مظهر پنهنجي بيتن ۽ واين ۾ ڳائي هڪ ته هن انهن املهه وٿن کي پنهنجي ڪلام ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ٻيو ته ڪائنات ۾ انهن ٿوڪن جو مقام به نروار ڪيو اٿائين . ٽيون ته انسان کي انهن اُهڃاڻن وسيلي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته هو فطرت کانسواءِ ڪي ڪين آهي. دنيا هينئر لئيءَ مان لٺ وڍي ، فطرت جي رکوال ٿي آهي پر دنيا جو ڪلاسيڪي ورثو توڙي ديومالائي خزانو اهڙين ساڃهه وند ڳالهين سان ٽمٽارآهي ڇاڪاڻ ته انسان کي زندگيءَ جو علم تڏهن کان ئي آهي جڏهن کان هو عدم مان وجود ۾ آيو آهي. فطرت انسان کي سڀڪجهه آڇي ٿي، سيکاري ٿي، تاتي، پالي ، سنڀالي وڏو ڪري ٿي پر جتي به هو مُٺ کان مٿي لُڻڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ سهڻو سبق به سيکاري ٿي. لطيف به فطرت پسنديءَ جي ورثي جو اهڙو لاکيڻو شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ فطرت جو ذڪر ججهيرو ملي ٿو. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ وسيلي فطرت جي وٿن جي ڳڻپ ڪندي، اهو سمجهائيندو هلي ٿو ته انسان جو جياپو به فطرت سان سلهاڙيل آهي ته ان جي آجڪي ۾ به فطرت جو ڪردارآهي. وڏڦڙا وسندا آهن تڏهن پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي، گسن تي گاهن جا انڇر ٿي پوندا آهن. وڻراهه ڀريل ويءَ حسين ڏيک سان ڌرتيءَ کي وڌيڪ خوبصورت ڪن ٿا. اُڀ جا تارا ، چنڊ، ڪتيون، سڄ سڀئي ڪائنات جي سونهن ڀري جنسار جو حصو آهن. گوڙ، کنوڻ ٿيڻ ، اسوءَ جي اوهيرن جي اورڪ جو وسڻ به فطرت منڊل جو مانڊاڻ آهي.درياهه ڀلي ڀريون پائي پر اُن کي به ليکو ڏيڻو پوندو آهي ۽ فطرت جڏهن پنهنجي پرت جو قالين گسڪائي ڪڍي ٿي ته وهندو واهڻ سُڪي ٻيلاٽيون ٿي پوي ٿو. ان جي پيٽ ۾ لاڻا ، لوت لياراُڀڙي اچن ٿا. سياري جي مند شروع ٿيڻ جو اهڃاڻ سرن جو نسرڻ آهي. اُترجيئن لڳي ٿو ته سرن جا ڇيڙا نسرن ٿا. سمنڊ توڙي درياهه جي جيوت مڇي، مانگر، ڪنول به ڀٽائي جي شاعري ۾ مذڪور آهن.انسان جيڪڏهن فطرت کي پنهنجو سنڀاليندڙ سمجهي، سار سنڀال ڪندو ته فطرت جي ڪينجهر سدائين هندوري وانگر رهندي نه ته انسان کي به انيڪ اُهنجن کي منهن ڏيڻو پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو