تحرير؛ فقير حاجن نظاماڻي ......................... لطيف جي ڪلام ۾ آيل پکين مان اسان جن پکين جي باري ۾ ڳالھا ڪرڻ پيا وڃون، انھنپکين ۾هڪ طوطو، جنھن کي مقامي زبانن ۾ ، مٺو، چَتون به چون ٿا، ٻيو چِيھو پکي آهي ، ٽيونٻاٻيھو پکيآهي . چِيھو پکي، هي پکي رنگينسائي رنگ تي مائل ٿيندو آهي ، چيھي پکي جا آکيرا ڏاڍا خوبصورت ٿين ٿا، هن جا آکيرا پاڻي وارن جاين تي ، وڻن ۾ لٽڪيل هوندا آهن،چيھو پکي جو آواز ڏاڍو بھترين دلکي لڀائيندڙ آهي ،چيھو پکي جھرڪي پکيکانننڍڙي جسامت رکڻ وارو پکيٿيندو آهي،چِيھو پکي جنھن کي، انگريزي ۾madagasean warbleچون ٿا، عربي زبان ۾، مليح الصوت، فارسي، سَرخاب ۽ ٻين ٻولين ۾ چيھي پکي کي فرغوز، بلبل سبزبه چون ٿا، طبي لحاظ کان چيھو پکي جنھن جو گوشت يرقان جي مرض، ٻَرهل، جَلندر ،صفراوي دستن جي لاء مفيد آهي، قوت باه، وڌائي ٿو، چيھي پکي جورت۽پتو، اَک جي ڦُلي، اک جي ڌُنڌ جيلاءِ مفيد آهي، چيھي پکي جي وٺ ڪوڙه ۽ چٽي جي داغن کيبه لڳائجي ته ڪارائتو آهي، اڃان جيڪر ڪوشش ڪئي ڪجي ته وڌيڪ فائدا ملي سگھن ٿا. .................................... وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا اُتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلي حيلا جت ڪڙم نه قبيلا، اُت رهبر رسج راه ۾ ...................................... ٻيو ، ٻاٻيھو پکي جنھن کي انگريزي ۾Jacobin cuckoo، 33سينٽي ميٽر جي جسامت رکڻ واروپکي، جنھن جو خاندان، ڪوئل پکي سان ملي ٿو، اصل ۾ ٻاٻيھو پکي ، ڏکڻ ۽ وچ هندستان جو پکيآهي، جيڪو اونھاري ۾ اُتر۽ اولھ ڏانھن سفر ڪر ي ٿو ، هجرت ڪندڙ پکين مان هڪ پکي آهي، جيڪو ٿر جي علائقي ۾ سفرڪري وڃي ٿو، لطيف سائين ٿر ۾ رهندڙ ٻاٻيھي پکي جو ذڪر لطيف سائينپنھنجي ڪلام ۾ نفاست سانڪيو، ٻاٻيھوپکي گرمي کيبرداشت نٿو ڪري سگھي، ٻاٻيھو اُنھي لوء، لُڪ، جُھولي، گرم هواء سببان مري وڃي ٿو، ٻاٻيھي جي نزاڪت جو لطيف بيان هن بيت ۾ ڪيو آهي . ..................................... منجھان منھنجي روح، وڃي ساجن وسري مَر لڳي لوء، ٿر ٻاٻيھو ٿي مران .................................... ٽيون، چَتون پکيجنھن کي مقامي ٻولين۾ مِٺو ، يا طوطوبه چون ٿا، عربي ۾ ببغاء ، طوطي ٻين ٻولي ۾ طوطي کيسعاءِ به چون ٿا،Parrot انگريزي ۾نالو اٿس، طبي لحاظ کان چَتون جو گوشت طاقتور ٿيندوآهي چتون پکيجو گوشت دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو، خفقان جي مرض لاءِ ڪمائتو آهي،پراڻن ڦٽن، ڦڙرين لاء، باد فرهنگ جي ڦٽن ۽ جَلندر تيڀلوڙ ڪم ڪري ٿو،چَتونپکي جي زبان پچائي اگر ڪنھن کيکارائجي تهان ماڻھو جي زبان کي تقويتملي ٿي، دماغ کي قابليت، فصاحت ۽ ڳالھائڻ ۾ اَٽڪاءَوارن ماڻھن جي لاءِ طوطي جي زبانمفيد آهي، چَتون جي وِٺَ چمڙي جي بيمارين جي لاء حڪيم فائديمند چون ٿا، ڀلوڙ حڪيمن جا هي آزمايل نسخا آهن، انھن حڪيمن پنھنجي ڀروسي لائق ڪتابن ۾ هي آزمايل نسخا لکيا آهن، جنمان ڪافيعوامفائدو وٺي رهي آهي ۽ ٻينڪيترين ڏاهن حڪيمن پنھنجي ڪتابن ۾ طوطيپکي جي تعريف پڻ ڪئي آهي، چتون پکي جا ڪيترائي قسم آهن، انھن مان چند هڪ ٻه لکجي ٿو، تفيصل طويل آهي، پھاڙي طوطو، آسٽرليا جا ننڍڙا طوطا، سنڌي ۾ ٽاڪرو طوطو وغيره قسم آهن، نر طوطو جي ڪنڌ تي ڳيچي تي ، ڳاني جي نشاني هوندي آهي ، چونھب طوطي جي ڳاڙهي ٿئي ٿي، طوطي جي کاڌ خوراڪ اناج آهي ، سورج مکي جو ٻج ، ڪڻڪ جا داڻاوغيره طوطو کا ئي ٿو، ان کانسواء فروٽ ۾ انب ۽ ٻيا ميووا طوطو کائي ٿو، طوطي جي رهائيش کولنوارن وڻن ۾ ٿيندي آهي، طوطي تي ڪيترائي ڪتاب به لکيا ويا آهن ، انھن مان ڪجھ هي آهن. Alex and me,The parrot who owns me, Parrots of the world, Parrot behaviour, A parrot for life and etc. ڏاها ماڻھوچون ٿا ته هر شيءِ رب سائين ڪمائتي انسان جي لاء ٺاهي آهي ، پر ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقو سڀني وٽ ناهي هوندو ، پر جن ماڻھنوٽهوندوآهي ،سي الله جي نعمتن جو خوب فائدوبه وٺن ٿا، پکي ، جيت، جانور، وڻپھاڙ وغيرھ سڀ رب سائين جون تخليقون انمول ۽ بي بھاءآهن ، جنھن جو ڳاڻيٽو ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي ،لطيف سائين هنن پکينکي سُر سسئي ۾۽ ٻين سُرن ۾ ڳايو آهي ، لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته جڏهن سسئي ، پنھون جي پويان پئي ويئي ته ان وقتجي ظاهريحالاتن تي لطيف سائين عڪس نگاري جو ڀرپور نظارو پنھنجي ڪلام ۾پيش ڪيو آهي، جيڪو سائين جو ڪلام پڙهي ٿو ته ڄڻ سسئي جو ساٿي هجي ، پھاڙ سسئي سان گڏ گھمي رهيو آهي ، طوطو تنوارين پيا، ڳجھون ڳارا ڏين ٿيون، مرون گُھمن پيا، روجھ ۽ شينھن پنھنجي مستي ۾ پھاڙن جا سير ڪريرهيا آهن ، بلائون ۽ڪنڊا جبلن جا سسئي جي پنڌ کي کوٽو ڪون ٿا ڪري سگھن ، فقير چون ٿا ته لطيف سائين جو پيغام منظرنگاري ۽ جماليات جو مظھر آهي ، اکين ڏٺيعڪاسي لطيف سائين پنھنجي ڪلام۾ سسئي جي سفر جيڪئي آهي . ................................. وڏا وڻ وڻڪار جا ، جت چَتون ۽ چِيھا وڃيو ڪن وڻڪار ۾ ، ٻوليون ٻاٻيھا سرتيون سنيھا، ويلو ڪن نه وچ تي ................................ لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته ، سسئي اُتان سفر ۾ وڃيرهي هئي ، جتي گھاٽو وڻڪار هو ۽ ڀيانڪ جَھنگ هو،انڌير رات جئيان منظر هو، جتي ڪير به ڪنھن جو ناهي هوندو، اُتي پکين ٻوليون پئي ڪيون، انھنپکين جا نالا مرشد سائين ورتاآهن ، جئين محسوس ڪريسگھجي ته هڪ پھاڙي جھنگ آهي ، ان ۾ هڪ رستو آهي ، اُتي وڻن ۾ ويٺلن پکينجونلاتيون ڪري رهيا آهن ، سسئي اُتان سفر ڪري رهي آهي ،لطيفسائين ٻڌائي اصلي منظر جو عڪس پيش ڪرياسان کي ٻڌائي رهيا آهن، انھنپکين جيسڃاڻپ اسان کي بهڏين ٿا ، فقير ان ڳالھ کي وري چون ٿا تههي دنيا گھاٽو ٻيلو ۽ ڪارو جھنگ آهي، جنھن کي اسان سج جي روشني چئي رهيا آهيون، اُها روشني ناهي ،اصل ۾انھيٻيلي ۾هر انسان پنھنجي پنھون کي تلاش ڪندي زندگي گذاري رهيو آهي ، فقير وڌيڪ چون ٿاته ، هر انسان عشق يا خواهش ۾زنده رهي ٿو ، خواهش مادي هوندي آهي ته ارادا ڪمزور هوندس ، باقيعشق زنده رهي ٿو، عشق جي ڪريڪيترائي سال گذرڻ کانپوء به اسان اڄ سسئي جي سورهيائي جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته سسئي ڪنھن جو انتظار نه ڪيو، ڪنھن ثمر کڻڻ جي ضرورت پيش نه آيس، نه زندگي جي پرواه ، نه منزلجي ملڻ جي پُراعتمادي هئي ، پر هُن پنھنجو ڪم ڪيوٿي ، سسئي جو ڪم تلاش ڪرڻ هو،ان کي منزل تي پھچائڻ واري ذات مالڪ سائين جي آهي ،انڪر ي سسئي جي زباني لطيف سائين جن چون ٿا ته، ...................................... پڄان تان نه پڄان، وڃڻ سان وس ڪريان سَڳر مان سُجھان، ڪا رائي ۾ رڙي مئي ...................................... سسئي چوي ٿي ته ، منزل تائين پھچڻمنھنجي وس جي ڳالھ ناهي ، وڃڻ منھنجي وس ۾ آهي ، متان اُت رائي ۾ پنھون کي خبر پئي ته سسئي منھنجي پويان آئي هئي، جيڪا رستي تي مري ويئي هئي. جئين لطيف سائين ٻئي هڪ جاء تي فرمايو آهي ته، ...................................... ڪيچ پھچي ڪير ، وڃڻ سان وس ڪريان ...................................... ڀنڀور کان اڪيلي عورت وندر کان ورڏيئي ، هاڙهو، پٻ ، معذوري ، ڇمر ، تونگ، ڪانڀو ، پٻ، ڪارو ۽ سڳر پٽين جي جبل جو سفر ڪري ٿي، هي پھاڙ۽ پنڌ پيچرا هڪٻئي کان سوين ڪلوميٽر پري آهن،پر هي اُهي علائقا آهن جن جو سفر سسئي ڪيو ، جتان ،جتان سسئي سفر ڪيو لطيف سائين انھن جي عڪس نگاري ڪئي آهي ، فقير چون ٿا ته لطيف سائين سسئي جو سفر پيدل ڀنڀور کان سڳر پٽين تائين ڪيو آهي. ...................................... واقف نه وڻڪار جي ، ٿا باري سڄن بَرَ ور وسيلا سپرين، ٿڪيس ڏوري ٿَر لھج لعل لطيف چئي، ڪانڌ مُئي جي ڪَر وِلھي ڪري وَر، متان مارنگ ڇڏئين ....................................... ڪي تحقيقدان چون ٿا ته سسئي ڪيچ مان ٿي واپس وري آهي ، ڪن جو چوڻ آهي ته سسئي سڳر پٽين تائين پھتي آهي، جيڪا ، پنھون پنھون ڪندي اصلي حقيقي پنھون تائين پھچي ويئي، سسئي ڪيترو سفر ڪيو، اُهاڳالھکوجنا طلب آهي ، اسان جو ڪم اوهان تائينفڪر لطيف سائين جي ڪچھري آهي ، لطيف سائين ڪئين اُهي سفر ڪري مشاهدا ماڻي اصلي پنڌ مائي سسئي جو اسان کي پيش ڪيو آهي ، فقير چون ٿا ته هي اها سسئي جنھن جي مشابھت لطيف سائين ماڻھو جي حياتي سان ڏني آهي . ...................................... وڏا وڻ وڻڪار جا، جت چَتون چَانگارين شيشا لعل گلاب جا، ڇپر ڇاٽارين مھميزن مَيَن جون ، مون معذور کي مارين واڳون شَل وارين ، ساڻيھ تي سيد چئي ...................................... سائين جن فرمائين ٿا ته ، وڻڪار جا وڏا وڻ وڻڪار جا هئا، جتي چَتون چاَنگاري رهياهئا، جتان پنھون قافلو پئي گذريو ، اُتي خوشبوء ئي خوشبو ء هئي،هواء ۽ وڻڪار معطر هئي، اهڙو ماحول سسئي کي پئي لڳو ڄڻ ڳاڙهي گلاب جو عرقانھي واٽ تي هاريل هئا ، پر اٺن جو مھميزون مونکيمارين ٿيون، جيڪي پنُھون ساڻ ڪري مون وٽان هليا ويا آهن ، پر دعا به هن بيت ۾سسئي گُھري ٿي ، اُهي ڏير مون ڏانھن شال موٽي اچن، اصلي وطن جا واسي ٿين . ................................. وڌو ڪيمَ وڻان ، اونچا ڏونگر مَ ٿيو ٽمو مَ نيڻان، پير نھاريان پنھون جو ..............................