تحرير؛ مهر ڊٻائي .......................... جڏھن اڻ پڙھيو آھي استاد بڻبو پڙھيل پيٽ خاطر پريشان ٿيندا ته ڇو ڪونه نسلن جا نقصان ٿيندا؟؟ ............................. سنڌ جي تباھ حالي جو جيڪڏھن، پويان پيرا کڻبا ته، پيرا سِڌو وڃي چورن جي آڳر تي پڄندا. . ۽ سڀئي چور جيڪي اسان آڏو ساڌُو جون شڪليون يا ميڪ اپ ڪرايو ويٺا آھن سڳ سميت قابو ٿيندا. .. . پر اُھي به وڏا سياڻا آھن . . انهن پير کڻندڙ پيرين ۾ پنهنجا پونئير ڀرتي ڪرائي ڇڏيا آھن . جيڪي سندن پير ڍڪيندا اچن. . . ساڳي جاء تي ڪن پورا ڪرڻ لاء ڪنهنجو نه ڪنهنجو مُڍُ پڇڙي گَڏائَي ، ڀاڳين جي ڀينگ ڪري، ڳالھ کي لئي مٽ ڪرائي ڇڏينِ. . . بحرحال اهي قصا چئجن ؟ قضيا چئجن؟ الميه يا ناحق چئجن؟ . . جيڪي هن نڌڻڪي سنڌي قوم سان ڪيا ويا آھن مطلب ته هر اهو دڳ يا دروازو ، جنهن ذريعي اجتعمائي شعور حاصل ڪري سگهجي ، جنهن سان قومن يا وطن جي، وطن واسين جي ، انهن جي وسيلن جي وارثي ڪري سگهجي. . .اهي دڳ يا درواز ، اهڙي انداز سان بند ڪيا ويا، جتان شعوري لحاظ کان، تمام وڏي تعداد ۾ اهڙا ذهن پيدا ٿيندا ويا، جهڙا هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي امريڪن ايٽم بم کانپوء ورهين تائين جسماني معذور ڄمندا رهيا، جيڪي هئا ته انسان پر، سندن عملي ڪردار مان سماج کي ڪجھ حاصل نه پيو ٿي سگهي. . سنڌ کي لاشعوري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ لاء ورهين کان شعوري ڪوششون جاري رهنديون آيون آھن ، پر گذريل چاليھ پنجاھ سالن کان ، جديد طريقي سان ۽ غير محسوساتي طريقن سان جيڪي ڪوششون ڪيون ويون، انهن ڪوششن سنڌي قوم کي تباھ ڪرڻ لاء پنهنجو زبردست اثر ڇڏيو. . . ڇو ته انهن تباهين ۾ جنهن دشمن انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، انهن کي اسانجو لباس پاتل هيو ۽ اسانجي ٻولي تي عبور حاصل هيو. . تعليمي ادارو اُھو مورچو آھي ، جنهن کي ٻاهريون دشمن تباھ نٿو ڪري سگهي ۽ علم اهو هٿيار آھي جنهن کي ڪڏھن به زنگ(ڪَٽُ) ناهي لڳندي. . . . پر . . .اسان وٽ تعليم کي بلڊنگ ۽ ڪرسي تي ويٺل هڪ اهڙن استاد جي حوالي ڪيو ويو، ( قابل استاد احترام لائق آھن، انهن جو درجو مقدس ۽ مرشد وارو آھي . انهن کان معذرت )جنهن کي وڏيري جي ٿورن سان نوڪري ملي هئي، جن پاڻ ئي صرف پنج درجا پرائمري پڙھيا هئا ۽ ميٽرڪ انٽر جا امتحان پنجن ڏوڪڙن تي ڏياريا هئا. . ( اهڙن کوڙ دوستن کي ذاتي طرح سڃاڻا). . . تن کي تعليم ته ڇڏيو ، ڪلاس روم ۾ ويهڻ جو ۽ ٻارن سان مخاطب ٿيڻ جو به ڍنگ نه هو . .. مطلب ته جنهن تعليم ذريعي باشعور انسان پيدا ڪري سگهجن ، جيڪي سڀاڻ هن وطن جي وارثي ڪري سگهن ، ان تعليم سان اهو حشر ڪيو ويو ، جيڪو ارغونن ٺٽي کي تِيلِي ڏئي ڪيو هو. . آئون ان عمل کي ميرٽ جي لتاڙ نه پر، ميرٽ سان، ڄڻ ته پنهنجن جي شڪل ۾ موجود دشمنن هٿان ريپ چوندس. تعليم جي تباهي سبب نڪتل نتيجو اهيو آھي ته اڄ اسان وٽ وڏو تعداد ڌارين آفيسرن جو آھي ، جن کي سنڌ يا سنڌي قوم سان ڪوبه ذهني يا جذباتي لڳاءُ نه رهيو . .۽ انهن ڪابه اهڙي پاليسي نه پئي جُڙي ، جنهن سان محسوس ٿئي ته ، ان پاليسي ۾ مقامي ماڻھن لاء ڪا به همدردي موجود آھي . . ميرٽ جي ڪيل ريپ مان پيدا ٿيل ناجائز ٻارن جو محور ، نڪو ڌرتي رهي نه ئي قوم . . . . انهن جي اک صرف پنهنجي نڪ ،پيٽ ۽ کِيسَي تي رهجي وئي. . .جن پنهنجي پيٽ ۽ کيسو ڀرڻ لاء . .ٻٽن روپين جي ڀڙوت عيوض ، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي دشمنن کي يوسي جي سرٽيفڪيٽ کان وٺي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل تائين سهولتون فراهم ڪيون ۽ جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي لعنتن جا دائمي حقدار ٿيندا ويا . . . . . سنڌ جي بقا ۽ سلامتي جي لاء لازم آ ته، ميرٽ کي بحال ڪيو وڃي آئي بي پاس استادن کي ، جيڪي ٻن سالن کان دربدر لڳا وتن ، انهن سان انصاف ڪيو وڃي . . اسان سندن احتجاج جي مڪمل حمايت به ڪيون ٿا ۽ ڪراچي پريس ڪلب تي سندن بک هڙتال ۾ به پهچڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين ۽ ان سان گڏو گڏ اهڙا سڀ دستاويز ، جن سان ڌاريئي کي سنڌ ۾ ٽُنبيو ويو آ . .انهن سڀن جي جانچ پڙتال ڪئي وڃي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جو کاڄندڙ حق وياج سميت وصول ڪري کين سزا به ڏني وڃي ۽ پوء کين پڇ ۾ ڍينگهر ٻَڌِي ، سنڌ مان لتون هڻي ڪڍيو وڃي . . ۽ انهن جي سهولتڪارن کي پڌرو ڪري انهن جا فوٽو ظاهر ڪيا وڃن ته ، جيئن سنڌي قوم انهن جي تصويرن کي جوتن جا هار پارائي ۽ بجن سان آجيان ڪري. . . . مان ٿو لکان ڊٻائي ، هيءَ قوم جاڳندِي توکي جهلَي ڳلَي مان توکان پڇا ڪندي دل کي يقين آھي ، ٿِي سرخرو ويندس امڙ جي ٿڃ جو آ قسم ڪونه ڇڏيندس ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،