تحرير؛ اعظم ڀٽي .................. سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر , نقاد , شاهه لطيف جي پارکو , بهترين سگهڙ , موسيقار , راڳي , دلربا دوست سائين رفيق آس لغاري 1 فيبروري 1958ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ بجر خان لغاري ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو حاجي پير بخش لغاري آهي. ابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1972ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار مان مڊل جي تعليم وٺي ، 1974ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1980ع ۾ انٽر ، 1982ع ۾ گريجوئيشن ۽ 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي سنڌي ۾ پاس ڪيائين. 31 جنوري 2018ع تي لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل هسبينڊري کاتي مان سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتائين . رفيق آس لغاري سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر ، نقاد، موسيقار ، راڳي ۽ شاهه لطيف جو پارکو آهي. هن لکڻ جي شروعات 1984ع کان ڪئي. سندس ادبي استاد سنڌ جو ڀلوڙ شاعر نظير ٽکڙائي آهي. غزل، وائي ، نظم ، آزاد نظم ، نثري نظم ، گيت , ڪافي , بيت، ٽيڙو، چوسٽي سميت شاعري جي تقريبن سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ان کان علاوه ڪجهه مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿس , ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر موجود ۽ مرحوم شاهه لطيف جي شاعري جي پارکن ۽ سگهڙن تي تحقيق ڪري هڪ بهترين ۽ جامع تحقيقي مقالو پڻ لکيائين. رفيق آس لغاري علمي ، ادبي سرگرمين ۾ هر وقت سرگرم نظر ايندو آهي. نج سنڌي روايتن جو امين هي شخص هر وقت سرگرم رهڻ ۽ دوستن سان سچائي جي بنياد تي دوستيون نڀائڻ بخوبي ڄاڻي ٿو ، ان بنياد تي اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا طور قيد و بند جو صعوبتون به برداشت ڪيائين ۽ ڪيترو ئي عرصو ديوارن جي دنيا پويان گذاريائين . هو لطيف جي فڪري پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ نج ادبي ۽ فڪري مورچي ” لاٽ “ ، ادبي تنظيم ڏات ڏيپ مارڪو، شاهه لطيف سنگيت ڪلب جو سرواڻ ، مهراڻ ادبي سٿ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سرگرم رُڪن ۽ موجوده وقت ۾ شاخ جو ڪائونسلر آهي،2012ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ 2 جون 2013ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. جنهن بعد ٻيهر 6 جون 2014ع تي ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر منتخب ٿيو. 15 جون 2014ع تي مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، جون 2015ع ۾ ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. بزم ادب جيلاني جو مرڪزي صدر پڻ رهيو، 2016 ع ۽ 2017 ع ۾ ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهيو , 11 جنوري 2019ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي شاخ جو ڪائونسلر چونڊيو,2019ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو, وري 24 ڊسمبر 2020ع تي ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو بنامقابلي ميمبر چونڊيو ويو, شاعري سان سندس لاڳاپو ائين آهي، جيئن چڪور جو چنڊ سان. راڳ جي دنيا سان سندس نينهن محبوب مثل آهي. موسيقي سان محبت سندس وار وار ۾ واسيل آهي. ادب جي دنيا ۾ سندس محبوب مشغلو لطيفيات آهي. مُرشد لطيف جي شاعري سان لڳاءَ سندس هر شوق کان مٿانهون آهي. هو پاڻ نه رڳو لطيف جي شاعري جو پارکو آهي پر لاڙ پٽ توڙي سنڌ ۾ لطيف جي شاعري جي پارکن تي سندس گهري نظر آهي ته انهن سان رفاقت جي رسيءّ کي مضبوط ڳنڍيون به ڏنل آهن, شاهه لطيف جي شاعري ۾ ساٺ ۽ سنوڻ واري موضوع تي تحقيق پڻ ڪري رهيو آهي , سندس من ۾ سنڌي شاعري جي حوالي سان علم عروض جو بي بها خزانو سمايل آهي. جنهن مان شاعري جا پياسا ڪيترائي من فيضياب ٿيندا رهن ٿا. سنڌي ٻولي جو پڪو پُختو شاعر هئڻ سان گڏ تنقيد جي مثبت ڪاتيءَ جو وارث پڻ آهي. سندس تنقيد جي ڪاتيءَ بنا ڪنهن رک رکان جي اصلاح جا موتيءَ ڇاڻيندي رهندي آهي. سندس شاعري جو مجموعو پڻ ڇپائي جي تيارين ۾ آهي , شال سنڌي ٻولي جو هي ڇٽيهه لکڻو تخليقڪار , سنڌي ٻولي , علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي محبتن جا گلاب ورهائيندو رهي.