صراط بلوچ
سينيئر رڪن
نظم؛ اعظم ڀٽي
هي جو فتح باغ آ
منهنجو ته سو ماڳ آ
هتي جو راڳ هو
بس هاڻ ويراڳ آ
همايون جا ڦيرا
شاهه حسن ارغون جا پيرا
صدين پۡڄاڻان
ڄڻ ڳالهه ڪلهه جي آ
بيرم خان جو پنڌ پۡڄائڻ
همايون کي دريا ٽپائڻ
اڪبر جي آمد
ويرمل جو ڪنڌ نمائڻ
هۡو جو عيسي' ترخان هو
پهرين فتح باغ جو
پوء ٺٽي جو خان هو
پنڌرهين صدي جي وچ ڌاري
بنياد جو باغن جو پيو
سورهين ٽپي
سترهين صديءّ جي
مۡني حصي ۾ داخل ٿيو
آباد رهيو ۽ عۡروج ماڻيائين
وريو جو لشڪر
مروان مدد خان جو
ساڙي سڀ ڪجهه رک ڪيائين
آباد ڪو نه ڪک ڇڏيائين
تاريخ جي ڪارنهن مليائين
ڪاپت ٿي ڪلهوڙن جي پۡوري
آمد ٿي ٽالپرن جي وري
مير فتح علي کي خيال ٿيو
جاگيرن مان جۡڳ ٿيو
محمد خان مير کي پلئه گهڻو ڪجهه پيو
جنهن جوڙائي پنهنجو ٽنڊو
فتح باغ کي شرف بخشيو
اڏي مقبرو حياتيءّ ۾ پنهنجو
مدفون انهيءّ منجهه ٿيو
صديون گۡذري ويون ٻه
ياد نه رهيو ڪنهنکي ڪجهه به
ليڪا پائيندا ڪي ئي رهيا
تاريخون ورجائيندا رهيا
ويهه سئو ويهه اچي پهتو
ٽرسٽ هڪڙي کي اۡلڪو ٿيو
اۡن اۡلڪي سان گڏ
مالڪي جو به ڀۡڻڪو جاڳيو
قدامت کي شامت اچڻ کان اڳ
شهزادو هڪ شاهواڻي
بيچيني جا بند ٽوڙي
جاڳ کي ڀاڳ بڻائي
تاريخ جي طعني آڏو
سينو ساهي اچي بيٺو
مون جهڙا
ايرا غيرا نٿۡو خيرا
ساٿ سندس سان چۡهٽي پيا
هلندا ويا , ڊوڙندا ويا
جنهن جي هۡئي هاڪ دنيا ۾
سو فتح باغ ته نه بچي سگهيو
محمد خان جو ماڳ بچي پيو
فتح باغ جو راڳ بچي پيو !
هي جو فتح باغ آ
منهنجو ته سو ماڳ آ
هتي جو راڳ هو
بس هاڻ ويراڳ آ
همايون جا ڦيرا
شاهه حسن ارغون جا پيرا
صدين پۡڄاڻان
ڄڻ ڳالهه ڪلهه جي آ
بيرم خان جو پنڌ پۡڄائڻ
همايون کي دريا ٽپائڻ
اڪبر جي آمد
ويرمل جو ڪنڌ نمائڻ
هۡو جو عيسي' ترخان هو
پهرين فتح باغ جو
پوء ٺٽي جو خان هو
پنڌرهين صدي جي وچ ڌاري
بنياد جو باغن جو پيو
سورهين ٽپي
سترهين صديءّ جي
مۡني حصي ۾ داخل ٿيو
آباد رهيو ۽ عۡروج ماڻيائين
وريو جو لشڪر
مروان مدد خان جو
ساڙي سڀ ڪجهه رک ڪيائين
آباد ڪو نه ڪک ڇڏيائين
تاريخ جي ڪارنهن مليائين
ڪاپت ٿي ڪلهوڙن جي پۡوري
آمد ٿي ٽالپرن جي وري
مير فتح علي کي خيال ٿيو
جاگيرن مان جۡڳ ٿيو
محمد خان مير کي پلئه گهڻو ڪجهه پيو
جنهن جوڙائي پنهنجو ٽنڊو
فتح باغ کي شرف بخشيو
اڏي مقبرو حياتيءّ ۾ پنهنجو
مدفون انهيءّ منجهه ٿيو
صديون گۡذري ويون ٻه
ياد نه رهيو ڪنهنکي ڪجهه به
ليڪا پائيندا ڪي ئي رهيا
تاريخون ورجائيندا رهيا
ويهه سئو ويهه اچي پهتو
ٽرسٽ هڪڙي کي اۡلڪو ٿيو
اۡن اۡلڪي سان گڏ
مالڪي جو به ڀۡڻڪو جاڳيو
قدامت کي شامت اچڻ کان اڳ
شهزادو هڪ شاهواڻي
بيچيني جا بند ٽوڙي
جاڳ کي ڀاڳ بڻائي
تاريخ جي طعني آڏو
سينو ساهي اچي بيٺو
مون جهڙا
ايرا غيرا نٿۡو خيرا
ساٿ سندس سان چۡهٽي پيا
هلندا ويا , ڊوڙندا ويا
جنهن جي هۡئي هاڪ دنيا ۾
سو فتح باغ ته نه بچي سگهيو
محمد خان جو ماڳ بچي پيو
فتح باغ جو راڳ بچي پيو !