صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل.ايوب کوسو
......................
سنگهرون نه سدا رهڻيون رَت ڇاڻ وَري وڙهندا،
باغين جا هينئان ٻَڙڪيل توساڻ وري وڙهندا.
اي باھ جا ساڙيل گُل وسريا ئي اوهان ناهيو،
سُرهاڻ سُتي ناهي اُهڃاڻ وري وڙهندا.
اونداهه اوهان پوکي ويندي به اُها لُڻجي،
ڏانٽن کي نٿا ڄاڻو پڪ ڄاڻ وري وڙهندا.
موئن جي دڙي جي دل قاتل کي سُڃاڻي ٿِي،
هِي عشق ڌمال آهي چَرياڻ وري وڙهندا.
گُلزار دراوڙ ڪُک ڪانئر نه ڄَڻيندي آ،
خلجين سان کُپي دودا سرواڻ وري وڙهندا.
ڌرتي جي عذابن تي مايوس تُون ڇو آهين؟
چنڊ هيٺ ڄَمڻ وارا چانڊاڻ وري وڙهندا.
......................
سنگهرون نه سدا رهڻيون رَت ڇاڻ وَري وڙهندا،
باغين جا هينئان ٻَڙڪيل توساڻ وري وڙهندا.
اي باھ جا ساڙيل گُل وسريا ئي اوهان ناهيو،
سُرهاڻ سُتي ناهي اُهڃاڻ وري وڙهندا.
اونداهه اوهان پوکي ويندي به اُها لُڻجي،
ڏانٽن کي نٿا ڄاڻو پڪ ڄاڻ وري وڙهندا.
موئن جي دڙي جي دل قاتل کي سُڃاڻي ٿِي،
هِي عشق ڌمال آهي چَرياڻ وري وڙهندا.
گُلزار دراوڙ ڪُک ڪانئر نه ڄَڻيندي آ،
خلجين سان کُپي دودا سرواڻ وري وڙهندا.
ڌرتي جي عذابن تي مايوس تُون ڇو آهين؟
چنڊ هيٺ ڄَمڻ وارا چانڊاڻ وري وڙهندا.