• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پکين جون تنوارون_ غزل شبانه عالماڻي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل شبانہ عالماڻي
..................
پکين جون تنوارون، صبح جو سنيهو،
نيون سڀ نهارون، صبح جو سنيهو.
خزائون اکين ۾ کڻي لڙڪ ويون هنِ،
کِلنِ ٿيون بهارون، صبح جو سنيهو.
چٽو چاھ اڀريو، کڻي آهي سورج،
وساري ميارون، صبح جو سنيهو.
محبت جو سنسار، جنت سمورو،
نہ ڪاوڙ، ترارون، صبح جو سنيهو.
فتح جون نشانيون، نئين آس آنديون،
نہ اوڏيون ٿيون هارون، صبح جو سنيهو.
اها زندگيءَ جي، سڦل سوچ ٿيندي،
ڪيو ڪيئي ڪارون، صبح جو سنيهو.
خيالن ۾ آزاد نغمہ نماڻا، "شبانہ"، اڏارون، صبح جو سنيهو.
 
Back
Top